سيهڙ/ڏوڪري/موهن جو دڙو (نمائندن وٽان) سيهڙ ڳ هٿياربندن جو دڪان تي حملو، فائرنگ ۾ دڪاندار قتل، ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن جو چوڻ آهي ته معمولي ڳالهه تان منهن ماري بعد نوجوان کي قتل ڪيو ويو. خبر موجب سامٽيا اسٽاپ وٽ ٽن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن دڪان تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ دڪان تي ويٺل ڳوٺ محمد خان چانڊيو جو رهواسي 30 سالن جو مير محمد عرف ڍولڻ چانڊيو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب لاش ڪيترائي ڪلاڪ پيل رهيو، بعد ۾ لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽر گهرائي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ان ڏس ۾ مقتول جي ڀاءُ عاشق عرف مکڻ چانڊيو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته جوابدار ڌر سان چوپائي مال چارڻ تان ٻارن ۾ منهن ماري ٿي هئي، جنهن تان هو موت مار ڌمڪيون ڏيندا هئا، جڏهن ته ڪالھه دڪان تي ويٺل نوجوان ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.