بدين (رپورٽر) جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي بئريسٽر حسنين مرزا چيو آهي ته 6 سال اڳ جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا حڪمرانن ته للڪاريو ته اسان کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻايو ويو، ان وقت ڪولهي برادري جي عورتن به پنهنجي مردن سان گڏجي اسان جي گهر جو تحفظ ڪيو. ان ڪري سدائين سندن احسان مند رهندس. بدين ۾ مورجهر فارم تي “هندو مئريج لا” تحت سيمينار کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته منارٽي ڪميشن اڳواڻ ھندو مئريج قانون بابت مشورا ڏين. ان موقعي تي پي ٽي آءِ منارٽي ونگ اڳواڻ ڪرشن شرما ڳالهائيندي چيو ته هندو مئريج لا ۾ هندن جي شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن جو ڪو ذڪر نه آهي، جنهن سبب جيڪڏهن پنجن ٻارن جي هندو ناري ٻئي مذهب واري سان ڀڄي وڃي شادي ڪري ته اسان وٽ ڪو به ثبوت نه هوندو آهي ته هوءَ اڳ ۾ شادي شده آهي، نتيجي ۾ عدالت موجود رڪارڊ تحت فيصلو ڏيئي ڇڏي ٿي. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر صابر مائيڪل، ونود اداسي، جيوت رام، وڪيل رام ڪولهي پڻ خطاب ڪيو.