سينٽرل جيل حيدرآباد مان نارا جيل بدلي ڪرڻ تي عورت اهلڪار جو احتجاج

0
345
عورت اهلڪار جو احتجاج
سينٽرل جيل حيدرآباد مان نارا جيل بدلي ڪرڻ تي عورت اهلڪار جو احتجاج

حيدرآباد: سينٽرل جيل حيدرآباد مان نارا جيل بدلي ڪرڻ تي عورت اهلڪار جو احتجاج، صنم چانڊيو سينٽرل جيل ۽ نارا جيل حيدرآباد جي جيل سپرنٽينڊنٽن تي مبينا طور پريشان ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته 9 سالن کان سينٽرل جيل ۾ ڊيوٽي ڪئي، 2 مهينا اڳ بنا جواز نارا جيل بدلي ڪيو ويو.

صنم چانڊيو چيو ته ڄامشورو ڪالوني مان نارا جيل پهچڻ تائين پريشاني ٿئي ٿي، 2 ڏينهن اڳ نارا جيل مان ٻيهر سينٽرل جيل موڪليو ويو، هاڻي سينٽرل جيل انتظاميا ڊيوٽي تي مقرر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

جيل سپرنٽنڊنٽ چيو ته ڊي آءِ جي جيلز ڄاڻايل عورت اهلڪار کي نارا جيل ڊيوٽي تي مقرر ڪيو، اهو ئي ٻيهر سندس سينٽرل جيل بدلي ڪري سگهي ٿو.