سوئي سدرن گيس ڪمپني سال 2009 ۽ 10 ۾ بحال ڪيل 2 هزار 900 آفيسرن ۽ ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو

0
565
سوئي سدرن گيس ڪمپني
سوئي سدرن گيس ڪمپني سال 2009 ۽ 10 ۾ بحال ڪيل 2 هزار 900 آفيسرن ۽ ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو

سوئي سدرن گيس ڪمپني سال 2009 ۽ 10 ۾ بحال ڪيل 2 هزار 900 آفيسرن ۽ ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري، ڪمپني جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جَي حڪم تحت ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي،

ملازمن پاران عدالت ۾ اپيل داخل ڪرائڻ جو اعلان، ملازم اڳواڻ اسماعيل ميمڻ چيو آهي ته 1997ع ۾ کين برطرف ڪيو ويو هو،

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري آرڊيننس ذريعي بحال ڪيو، پر هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي عدالتي حڪم تي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي، عدالت جَي اهڙي فيصلي بعد رڳو سوئي گيس مان 2900 آفيسر ۽ ننڍا ملازم بيروگار ٿيا آهن، عدالت جَي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪنداسين.