اميتاب بچن فلمن ۾ اچڻ کان اڳ ڪوئلي جي کاڻين ۾ پورهيو ڪيو

0
340

ممبئي(شوبزنيوز) ڀارتي اداڪار اميتاب بچن فلم ڪالاپٿر کي 42 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پهرين نوڪري ياد ڪئي. هن ذاتي تجربن جو به ذڪر ڪيو. هن ٻڌايو ته فلمن ۾ اچڻ کان اڳ ڪلڪته جي ڪوئلا ڪمپني ۾ ڪم ڪيم، مون ڌن باد ۽ آسنسول ڪول مائنز ۾ ڪم ڪيو، 1942ع ۾ ڄاول اميتاب بچن 1969ع شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ کيس 1970 ۾ رليز ٿيل فلم زنجير کان شهرت ملي.