لاهور (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ مصنف ضياءَ شاهد لاڏاڻو ڪري ويو، سياسي سماجي ۽ صحافين ڌرين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو، ضياءُ شاهد روزاني خبرين جو باني ايڊيٽر هو، صحافت ۾ ورهين تائين خدمتون سرانجام ڏنيون، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد، جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پاران ضياءَ شاهد جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، سينيئر صحافي حامد مير به ڏک جو اظهار ڪندي ٽوئيٽر تي لکيو ته ضياءُ شاهد سينيئر شاهد ۽ مصنف هو، نوازشريف ۽ عمران خان سان سندس سٺي دوستي هئي، اسين خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.