لاهور/ڪراچي (نمائيندن وٽان) لاهور جي علائقي فيروزوالا جي شاهدره چوڪ تي مذهبي جماعت جي ڌرڻي دوران چڪرين ۾ هڪ اهلڪار ڪانسٽيبل محمد افضل مارجي ويو ۽ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا، واقعي بعد رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي ته مظاهرين پاران پٿراءُ شروع ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف پنجاب جي مختلف علائقن سوڌو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ به احتجاج جو سلسلو جاري آهي ۽ اهم شاهراهون ۽ روڊ رستا بند هجڻ ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن….