خرطوم (م ڊ) سوڊان ۾ جنگ بنديءَ جي اعلان باوجود ويڙهه جاري آهي، جنهن دوران وڌيڪ ڪيترو ئي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني سفارتخاني تي به حملو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ خرطوم ۾ قائم پاڪستان سفارتخاني تي فائرنگ ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو عملو محفوظ رهيو، جڏهن ته عملي ۾خوف پکڙجي ويو.ٻئي پاسي پاڪستاني سفارتخاني بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سفارتخاني تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، پر سفارتخاني ۽ ان جي عملي جي حفاظت سوڊاني حڪومت جي ذميواري آهي.