ميھڙ (ن پ ا) فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊرٻ ۾ ام رباب چانڊيو ۽ سندس مخالف ڌر مرتضيٰ چانڊيو جي ماڻھن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي آھي.ام رباب چانڊيو ڌر جي ماڻھن  فريدآباد ٿاڻي تي پھچي الزام ھنيو ته اسڪول ويندڙ  ٻارن مٿان مرتضيٰ چانڊيو ڌر جي جوابدارن علي جان،علي گل،  ستار،  احمد رضا وارن ڏنڊا هڻي سرتاج چانڊيو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.ھوڏانھن رابطي تي ايس ايڇ او فريدآباد ٻڌايو ته ام رباب ۽ سندس مخالفن جي ٻارن ۾ اسڪول اندر جھيڙو ٿيو.ٻنھي ڌرين جا ھڪ ھڪ ٻار زخمي ٿيا آھن،  جن کي طبي چڪاس وارو ليٽر جاري ڪيو آھي، وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون.ام رباب چانڊيو چيو ته اسان جي قتل واري واقعي جو عدالت ۾ ڪيس ھلڻ ۽ بيان رڪارڊ ٿيڻ شروع ٿيڻ تي اسان جي والد ، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل ۾ ملوث جوابدار بوکلائجي ويا آھن اسان جا مخالف ھٿيار کڻي ڌامراھ واھ تي لڪي ويٺا ھيا جن اسان جي ڪيس ۾ ڏيکاريل اکين ڏٺي شاھد منظور علي چانڊيو جي ٻارن سرويچ چانڊيو ، نديم چانڊيو سميت ٻين ٻارن تي  حملو ڪري اسان جي قتل واري واقعي بابت ڪيس ۾ ڏيکاريل اکين ڏٺي شاھد جي معصوم پٽ ۽ ٻين تي حملو ڪري زخمي ڪيو آھي ۽ ٻارن کي ڌمڪايو آھي ته پنھنجي والدين کي چئو ته ڪيس ۾ شاھدي نه ڏين. اسان جي قتل ڪيس ۾ ڏيکاريل شاھدن ۽ مشيرن کي ڌمڪايو پيو وڃي.