اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوڊان مان پاڪستانين جي واپسي بابت چيو آهي ته پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پاڪستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي. اڄ خرطوم کان 211 پاڪستانين کي کڻي هڪ ٻيو قافلو پورٽ سوڊان پهچي ويو آهي. سوڊان مان 700 کان وڌيڪ پاڪستانين کي حفاظت سان ڪڍي چڪا آهيون. هن چيو ته خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ سفير جي ٽيم پاڪستانين جي رهائش جي سهولت لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستانين کي ڪڍڻ جو عمل آسان ڪرڻ لاءِ دوست ملڪ خاص طور سعودي عرب به مصروف آهي.