لبيا (م ڊ) لبيا ويجھو پناهگيرن جون ٻه ٻيڙيون اونڌيون ٿيڻ ڪري 57 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب پناهگيرن کي کڻي سمنڊ مان گذرندڙ 2 ٻيڙيون اوچتو اونڌيون ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستانين سميت 57 ڄڻا ٻڏي ويا. جن مان 11 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن ٻين جي ڳولا جاري آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻيڙين ۾ پاڪستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جا رهواسي سوار هئا.