سوڀ سدائين سچ جي آ

0
362
سوڀ سدائين سچ جي آ

چوندا آهن ته مايوسي ڪفر آهي . پر ڇا ڪجي ، اسان جي ملڪ ۾ هر طرف حالتون ايتريون خطرناڪ نهج تي پهچي ويون آهن جو مايوسي کان علاوه ڪجهه سجھي ئي نٿو.

     هتي تعليم جي صورتحال توهان ڄاڻو ٿا. ڪيترا ئي ٻار اڄ به اسڪولن کان ٻاهر آهن. جيڪي اسڪول ۾ داخل آهن انهن جو حال ڇا آهي اهو به سڀني کي خبر آهي. صحت جي شعبي ۾ ڇا پيو ٿئي اهو توهان کان مخفي ڪونهي.  سرڪاري اسپتالن ۾  يا ته ڊاڪٽر ڪونهي يا دوا ڪونهي .  قانون جي به اسان سڀني کي خبر آهي ته ڪيتري قدر ڏوهاري کي سزا ملي ٿي. سر عام فائرنگ ٿي ٿئي ۽ ڪو نه ڪو حيدر سواتي مارجي وڃي ٿو. انصاف ڪٿان ٿو ملي  اهو به ناپيد آهي. اسان جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ نياڻيون به محفوظ نه آهن. ڪٿي خوشبو ڀٽيءَ  کي اغوا جي ڪوشش ته وري ڪٿي نوشين شاهه  ڪنهن مسئلي جي ڪري هاسٽل جي ڪمري ۾ ڦاهي کائي جان ڏئي ٿي ڇڏائي.

اسانجي ٿاڻن کان به هر ڪوئي واقف آهي  آفيسر ڪيس ئي داخل نه ڪندا آهن جيستائين ڌرڻا هڻجن يا هڙتالون ٿين يا وارث مرحومين جا لاش رکي بيهي رهن ،  پوءِ اهو ناظم جوکيو هجي يا وري ڪو ٻيو هجي .  گئس بحران ، اسان جا روڊ رستا تباهه ، بجلي اڻلڀ ، حد کان وڌندڙ مهانگائي جتي ڊالر 181 روپئي کان به چڙهي ويوهجي . غربت ۾ وڪوڙيل ماڻهو ڪن مجبورين جي ڪري پنهنجو اولاد به وڪڻڻ تي مجبور هجن. ڪير سيکاريندو  ۽ ڪٿي سکندا هو علم .   اسان جا علمي  ادبي ادارا،  اسان جي ٽيلي ڪميونيڪيشن جو سرشتو . غرض اسان ڇا ڇڏي ڇا جي ڳالهه ڪيون . ڪٿي ڪانها ڪمار سان زيادتي ڪري حيوانيت جو ثبوت ٿو ڏجي ته ڪٿي پريانٿا ڪمارا  جي چٿيل لاش جي بيحرمتي ڪري گھٽين ۾ گھمايو ٿو وڃي.

ٻيو سڀ ته ٺهيو پر ماڻهن دين کي به نه ڇڏيو. هر چئنل تي ڪو نه ڪو ملان پنهنجا واعظ پيو جاري ڪري. ڪو ڪيئن ٿو چوي ته ڪو ڪيئن.  ۽ ڪجهه ڪڇون ته ڪافر ٿيو ٿا مرون.

هاڻي اهو سڀ ڪيئن بهتر ٿئي ؟ ڇا ان ۾ بهتري جي اميد ڪرڻ گھرجي؟   جيڪڏهن ها ته ان جي شروعات ڪير ڪندو ۽ ڪيئن ٿيندي ؟

تبديلي جي نالي تي اسان پهرين ئي دوکو کايو ويٺا آهيون.  سوچيو هو نئين حڪومت حالتن کي بهتر ڪندي پر ايئن نه ٿيو.  مڪاني چونڊن ۾ ڪي پي وارن ته انجي نتيجي طور اهو ٻڌائي ڇڏيو ته توهان حالتون نه سڌاريندا ته اسان پنهنجو حق استعمال ڪري ڏيکاريندا سين.

اسين سنڌي اٻوجهھ ماڻهو اسان جو آخر ڇا ٿيندو.؟ گذريل سالن کا اسان وٽ جيڪا پارٽي حڪومت ۾ آهي اسان ان کي ئي ٻيهر چونڊي آڻيدا سين.  پوءِ ڇا ڪجي .؟  وري به اهو ئي سڀ اسان کي ڏسڻو پوندو جيڪو ڏسندا اچون پيا.  لٽ مار، چوري،  نااهلي،  بي ايماني ، ادارن ۾ رشوت، ۽ ٻيو گھڻو ڪجھه . نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو ٻاهر وڃڻ جي حيثيت رکندا اهي هي ملڪ ڇڏي هليا ويندا ۽ بچيل يا ته  سسڪي سسڪي زندگي گذاريندا يا  انهن مان ڪجھه خودڪوشيون ڪري مري ويندا. ۽ ڪجهه وري اهي به هوندا جيڪي حالتن سان سمجھوتو ڪري  پنهنجي سٺي زندگي گذارڻ جي لالچ ۾ انهي ماحول جو هڪ حصو ٿيندا .  رشوتون ڏيندا ۽ وٺندا ۽ اهو ڪاروبار ايئن ئي پيو هلندو.

 معاشرو فردن سان نه پر هڪ فرد سان ٺهندوآهي ، جيڪڏهن اسين ذاتي خواهشن کي ٿورو پري رکي هن معاشري جي سڌار تي ڌيان ڏيون ته شايد سئو فيصد نه پرڪجھ بهتري آڻي سگھجي ٿي. اسان هميشه سياستدانن کي ئي ڪوڙا ۽ ڪرپٽ سڏيندا آهيون. انهن کي چونڊي به اسين ئي اقتدار تي پهچايون ٿا پوءِ اسين چاهيون ته انهن کي صحيح ڪم ڪرڻ تي مجبور به ڪري سگھون ٿا. ان لاءِ سڀ کان پهرين اسان کي پاڻ سچو ٿيڻو پوندو. اسين خود ڪرپشن کان بچون ته ئي ممڪن آهي اسين ٻين کي هدايت ڪرڻ جهيڙا ٿيون.

 هر برائي ۽ هر مسئلو ڪوڙ ۾ آهي.  سو جيڪڏهن اسان به صرف ڪوڙ کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيون. هر سطح تي چاهي گھريلو سطح تي هجي يا چاهي ڪوڙ ڪنهن دفتري معاملن لاءِ ڳالهائڻو هجي.

اسان جي ذاتي طور تي سچ ڳالهائڻ سان به ڪي معاشرا سڌرندا ڇا ؟

ها !  ڇو نه ؟  منهنجو جواب اهو ئي آهي. هڪ سچ سئو مان سئو کڻي نه پر پنجاهه مسئلا ضرور حل ڪندو . جيئن هڪ ميڻ بتي سان سوين ميڻ بتيون ٻاري سگھجن ٿيون. هڪ تيلي پوري جھنگل کي ساڙي سگهي ٿي ته پوءِ ايئن ئي توهان جو وجود توهان جو هڪ سچ الائي ڪيستائين وڃي پنهنجي روشني پکيڙيندو توهان اهو سوچي به نه سگھندا.

توهان اهو ٻڌو هوندو ته  سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر اها ٻيڙي ٻڏندي ڪڏهن به نه اها پڪ اٿو.  اسان پنهنجي ذاتي مفادن ، مقصدن ۽ خواهشن کي پاسي تي رکي سچ ڳالهائڻ جو عهد ڪري وٺون ته ان سان ڪافي فرق پوندو. يقين ڪريو.

 پاڻ انفرادي طور تي اهو عهد ڪري ڇڏيون ته اسان کي ڇا به ٿي وڃي سچ ئي ڳالهائڻو آهي ته پوءِ ان جو اثر جلد ئي اسان کي ڏسڻ ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو. هڪ ننڍڙو مثال ٿي ڏيان ته ڪٿي هڪ تعليمي اداري ۾ ڪلارڪ استادن کان هر جائز ڪم ڪري ڏيڻ جا پئسا وٺندو هو. چوندو هو  يا پئسا ڏيو يا بسن ۽ ٽئڪسين جا ڌڪا کائي پنهنجا ڪم پاڻ ڪرائي اچو. اصولي طور تي اهي ڪم ڪرڻا به ڪلارڪ کي ئي هوندا آهن ان جو هو پگھار کڻڻ ٿا.  خير ايتري قدر جو هو انهن استادن کان ماهوار ڪجهه رقم به وٺندو هو جنهن جي عيوض هنن کي پگھار جي سلپ ڏيندو هو. نون ڀرتي ٿي آيل استادن مان هڪ مڙسي ڪئي ۽ سچ چئي ڏنائين . ان ڪنهن به قسم جي رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪيو.  پنهنجا ڪم پاڻ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ بنا ڪنهن خوف جي سڀني کي ٻڌايا . ان کي ڏسندي آهستي آهستي سڀني آواز کنيو ۽ اڄ هن ڪلارڪ جي اها مستي نه رهي آهي ۽ هن جي اڳيان ڪير گھڻو ڪري بليڪ ميل نٿو ٿئي . ايئن هر ماڻهو سچائي ۽ محنت کي پنهنجو فرض سمجهي، بي ايماني ڪرڻ وارن جو ساٿ نه ڏئي ته حالتون ضرور تبديل ٿينديون.  بيشڪ ان لاءِ ڊگهي صبر ۽ مستقل مزاجي  جي ضرورت پوندي. جڏهن سچ جي گونج نڪرندي آهي ته هو پوءِ هڪ ريڙهي واري کان وٺي ايوانن ۾  ويٺلن تائين به پهچي ويندي آهي.

 [email protected]