سوڀوديرو (ن پ ا ) ڳوٺ يار محمد مرکنڊ جي رهواسي راجا ولد قيصر خان مرکنڊ نسيمان ولد بخت علي مرکنڊ گمبٽ ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو. نسيمان مرکنڊ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منھنجو والد ۽ چاچا شادي مرضي کان بغير زبردستي ڪرائي رهيا هئا، گهران نڪري راجا مرکنڊ سان شريعت محمدي موجب گمبٽ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي، والد بخت علي مرکنڊ محمد اسحاق مرکنڊ غلام رسول مرکنڊ محبوب مرکنڊ حميد مرکنڊ اعجاز احمد مرکنڊ جن مان مون کي ۽ منهنجي مڙس کي جان جو خطرو آهي، منھنجي مائٽن هڪ ڪوڙو نڪاح نامون ظاهر ڪيو آھي جنھن بابت مون کي ڪائي خبر ناهي منھنجو اڳ ۾ ڪنھن سان به نڪاح ٿيل نه آھي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سڪون جي زندگي گذاري سگهون