ھمايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان نامعلوم هٿياربندن هٿان ٽرڪ ڊرائيور مبينا اغوا، راڄوڻي ڪوششن سان ٻن ڪلاڪن بعد ڊرامائي انداز ۾ بازياب. خبر موجب جهان واهه ٿاڻي جي حد جاڳڻ شيرانپور لنڪ روڊ تان نامعلوم هٿياربندن ٽرڪ ڊرائيور مجنو کوسو کي مبينا اغوا ڪري ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻن ڪلاڪن بعد راڄوڻي ڪوششن کان پوءِ مغوي ڏوهارين جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو، هوڏانهن جهان واهه ٿاڻي جي پوليس نوجوان جي اغوا بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.