سون 5600 رپيا مهانگو : ڊالر انٽر بينڪ 300 رپين کان گهٽجي ويو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي

0
96
سون1800رپيا سستو: ڊالر سوا 281 تي پهتو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي: 120 ارب ٻڏي ويا
سون1800رپيا سستو: ڊالر سوا 281 تي پهتو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي: 120 ارب ٻڏي ويا

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون جي اوچتو وڏي اڏام، في تولي ۾ 5600 رپيا اضافو: ڊالر 300 رپين تي بيٺل: اسٽاڪ مارڪيت ۾ مندي جاري ان ڏس  ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  5600 رپيا واڌ سان  209400 مان 215000 رپيا في تولو ٿي ويو

جڏهن ته عالمي  مارڪيٽ ۾ اگهه 15 ڊالرن جي لاٿ سان  1911 ڊالر في تي پهتو، ٻئي طرف  چاندي 50 رپيا واڌ سان 2850 مان 2900 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 300  تي بيٺل رهيو

جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 20 ڏينهن جي عرصي ۾ پهريون ڀيرو 1.27 رپين جي لاٿ سان 299.89 رپيا ٿي ويو، ٻئي پاسي  پائونڊ 4 رپيا لاٿ سان 379 مان 375 ۽ يورو 2 رپيا گهٽتائي سان 324 مان 322 رپين تي بند ٿيا

ڪالهه ڪراچي ۾ ڊالر 297 ، پائونڊ 370، يورو 316. سعودي ريال 79 ۽ امارتي درهم 82 رپين ۾ وڪرو ٿيا، ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي ڇانيل رهي، 100 انڊيڪس 357 پوائنٽن  جي لاٿ سان 45508  پوائنٽن تي بند ٿي