سون کي وڏو جهٽڪو: في تولو 2700 رپيا سستو: ڊالر 300 رپين تي پهچي ويو

0
406
سون 200 رپيا مهانگو: ڊالر 287.5 رپين تي بيٺل
سون 200 رپيا مهانگو: ڊالر 287.5 رپين تي بيٺل

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون کي وڏو جهٽڪو، في تولو 2700 رپيا سستو: ڊالر 300 رپين تي پهچي يو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2700 رپيا لاٿ سان 212100 مان 209400 رپيا في تولو تي پهچي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 7 ڊالرن جي اضافي سان 1926 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 30 رپيا واڌ سان 2820 مان 2850 رپين تي پهتي ، هوڏانهن  ڊالر  اوپن مارڪيٽ ۾ 4 رپيا لاٿ سان 300 رپين تي پهتو

هڪ موقعي تي ڊالر 299 رپين ۾ به وڪرو ٿيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 1.79 رپين جي لاٿ سان 302.95 مان 301.16 رپين تي پهتو هو، ٻئي طرف پائونڊ ساڍا 4 رپيا لاٿ سان 383.5 مان 379  ۽ يورو 3 رپيا گهٽتائي سان 327 مان 324 رپين تي بند ٿيا، هڪ موقعي تي پائونڊ 370 ۽ يورو 316 رپين تي وڪرو ٿيا