ڪراچي ۾ 170 کان وڌيڪ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس هلڻ جو انڪشاف

0
197
ڪراچي ۾ 170 کان وڌيڪ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس هلڻ جو انڪشاف
ڪراچي ۾ 170 کان وڌيڪ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس هلڻ جو انڪشاف

ڪراچي: واٽر بورڊ انتظاميه جي ملي ڀڳت سان ڪراچي ۾ 170 کان وڌيڪ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

پيپلزپارٽي جي سهراب ڳوٺ جي ٽائون چيئرمين لالا رحيم ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ پاڻي چورن خلاف ڪارروائي لاءِ ڊي جي رينجرز کي خط لکي ڇڏيو

واٽر ڪارپوريشن ۽ هائيڊرنٽس مافيا جي ملي ڀڳت خلاف اينٽي ڪرپشن جي ڊي جي کي به خط لکي آگاهه ڪيو ويو

خط ۾ چيو ويو آهي ته سپر هاءِ وي تان 67 ڪروڙن جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو ويو پر ڪو به عمل نه ٿيو

خط موجب170 کان وڌيڪ غير قانوني هائيڊرنٽس لڳائي ڪروڙين رپيا وصول ڪيا پيا وڃن، لاڳاپيل ادارا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن

لالا رحيم  موجب اٽڪل 1500 فيڪٽرين کي چوري ڪري مٺو پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن جو پئسو به قومي خزاني ۾ جمع نٿو ڪرايو وڃي، رهائشي علائقن جو مٺو پاڻي بند ڪري غير قانوني طور فيڪٽرين کي ڪنيڪشن ڏئي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي

درخواستگذار موجب پاڻي چوري ڪرپشن ۾ واٽر بورڊ جا عملدار به ملوث آهن، بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود پاڻي چور مافيا خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي

درخواستگذار موجب مون فيڪٽرين کي 52 غير قانوني ڪنيڪشن جي نشاندهي ڪئي، واٽر بورڊ کي لکت ۾ آگاهه ڪيو پر ڪا پيش رفت سامهون نه اچي سگهي آهي

اينٽي ڪرپشن ۽ ڊي جي رينجرز کي خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته فوري طور واٽر هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي پنهنجي حصي جو مٺو پاڻي فراهم ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

بلديا سانحو: امڪان ناهي ته فيڪٽري ساڙڻ جو فيصلو ايم ڪيو ايم قيادت جي منظوري کانسواءِ ٿيو هُجي: عدالت