ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 200 رپيا تولو وڌي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ نظر آئي. في تولي جي قيمت 200 رپيا گهٽجي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو هڪ لک 59 هزار 500 رپين جو هو جيڪو ڪالهه گهٽجي هڪ لک 59 هزار 700 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 1580 رپيا تولو برقرار رهي.ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 3 ڊالر گهٽتائي ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 753 ڊالر ٿي وئي.