ڪراچي(ڪامرس نيوز) انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 3 پئسا اضافو ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ 25 پئسا گهٽتائي ٿي. ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊال جي 3 پئسا سستو ٿي ويو ۽ نئين قيمت 223 رپيا 94 پئسا رهي. هڪ ڀيرو قيمت 224 رپيا 6 پئسا ٿي وئي پر پوءِ ان ۾ گهٽتائي ٿي ۽ 233.94 رپيا تي بند ٿي. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪالهه ڊالر 231 رپين ۾ وڪرو ٿيو جيڪو هڪ ڏينهن اڳ 231 رپيا 25 پئسا هو. ڪالهه آسٽريلين ڊالر 152.92 رپيا، بحرين جو دينار 600 رپيا 70 پئسا، ڪويتي دينار 733 رپيا 60 پئسا، اوماني ريال 587 رپيا 11 پئسا ۽ قطري ريال 62 رپيا 5 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو.