سوال/سروي … گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس تي حملو: ايس ايس پي ذميوار قرار، وڏيرن ۽ ڀوتارن خلاف ايڪشن ٿئي ته ڌاڙيل پاڻ ئي ختم ٿي ويندا: عوام

0
151

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو حملو: ڊي ايس پي ۽ 2 ايس ايچ اوز سوڌو 5 اهلڪار شهيد، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته 3مغوين جي آزادي لاءِ آپريشن دوران حملو ڪيو ويو، واقعي جو ذميوار ڪير ؟ پوليس جو آپريشن پلان ڪيئن ٿا ڏسو؟ حڪمت عملي جي کوٽ يا لاپرواهي ؟ ڌاڙيلن جو خاتمو آخر ڪيئن ممڪن آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پوليس پاڻ ذميوار آهي، پوليس وٽ ڪا به پلاننگ ناهي، نه ئي جديد هٿيار آهن، ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار هجڻ سان گڏ انهن کي مقامي وڏيرن ڀوتارن ۽ سياستدانن جي پٺڀرائي به حاصل آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڀرپور آپريشن جي ضرورت آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شفيع ملاح لکيو ته شھيد پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن کي سلام جن ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو فرض نڀائيندي شھيد ٿيا آھن.باقي جيڪي پوليس ۾ ڪاريون رڍون نااهل آفيسر ويٺا آھن انهن خلاف قدم کڻي ۽ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جو صفايو ڪيو وڃي، پوليس مان سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي.هن هيڏي واقعي جا ذميوار راشي آفيسر بااثر شخصيتون آھن، جيڪي ڌاڙيلن ڏوهارين کي پالين ٿا انهن خلاف قدم کڻي شھيد پوليس آفيسرن ۽ جوانن سان انصاف ڪيو وڃي، اسان شهيد پوليس آفيسر جوانن سندن خاندان پوئيرن سان ھن سوڳ ۾ برابر جا شريڪ آھيون، عظمت الله ٻرڙو لکيو ته سنڌ پوليس وٽ جديد هٿيار ناهن، پوليس جي مقابلي ۾ ڏوهارين وٽ جديد هٿيار آهن، پوليس جي پلاننگ ۾ ڪا ڪمي هوندي جو ايترو وڏو نقصان ٿيو آهي،اسان سنڌ پوليس جي شهيدن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ پوليس جا نوجوان شهيد ٿي رهيا آهن قانون هلائيندڙ پاڻ غير محفوظ آهن ته عوام جي ڇا حفاظت ڪندا راشي آفيسر ادارن ۾ هوندا ته ادارا ڪيئن محفوظ هوندا، ذلفي چاچڙ لکيو ته جيستائين منھنجو خيال آھي ته گھوٽڪي پوليس ڏوھارين جو گھيڙ بند ڪري ويٺل ھئي، اڃان پوليس آپريشن شروع ئي نه ڪيو ھو ته ڌاڙيلن مٿن جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جيڪڏھن پوليس الرٽ ھجي ھا ته ڏوھارين جو به ڪجھه نه ڪجھه نقصان ضرور ٿئي ھا، جنھن جو تفصيل ميڊيا تي به اچي ھا، بحرحال اسان کي ايس ايس پي تنوير احمد تنيو تي پورو يقين آھي ته اھو نه صرف شھيد اھلڪارن جو پلاند ڪندو پر ڏوھارين جو مڪمل صفايو ڪري ضلعي کي امن و امان ڳڙھه بڻائيندو. سيف الله پنهور لکيو ته واقعي جو ذميوار خود ايس ايس پي تنوير تنيو آھي ، ڌاڙيلن کي جديد هٿيار به پوليس وارا ئي ڏين ٿا آپريشن جي نالي ۾ انهن هٿيارن سان ئي پوليس جي ننڍن آفيسرن کي شھيد ڪيو ويندو آهي، عرفان علي ملاح لکيو ته واقعي جو ذميوار حڪومت وقت هوندي آهي، پوليس جي پلان ۾ نقص ٿي سگهن ٿا، حڪمتي عملي جي کوٽ آهي پوليس کي اها ٽريننگ نٿي ڏني وڃي، ڌاڙيلن جو خاتمو رينجرز ۽ فوجي آپريشن سان ممڪن آهي ڇو جو پوليس تي سياسي ڀوتارن جو قبضو ٿيل آهي، موهن لال لکيو ته پوليس وٽ ڪو پلان ئي ناهي تنهنڪري 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا، انهي واقعي جو ذميوار خود پوليس کاتو آهي، سياسي مداخلت پوليس کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي اهڙي صورتحال ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪهڙي ڪاروائي ٿيندي؟ ،جيڪڏھن ڌاڙيلن کي نست نابود ڪرڻ جو پروگرام آهي ته پوليس کي سياست کان ڏور رکو امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي، عرفان گل سومرو لکيو ته پوليس مان ئي ڪنهن مخبري ڪئي هوندي، وڏيرن سردارن جو خاتمو ڪريو ڌاڙيل پاڻ ئي ختم ٿي ويندا، پوليس آپريشن سان ڪجهه نه ٿيندو آرمي آپريشن ڪري، گلاب غازي لکيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر ڪا نئين ڳالھه ناھي اصل مسئلو پوليس محڪمي ۾ سياسي مداخلت ڀوتارڪي نظام  آهي ٿاڻا جيسين تائين ڀوتارن جو اوطاقون بڻيل رھندا اوسي تائين اھو ويڌن ٿيندو رھندو، ان سڄي واقعي جي ذميوار پوليس پاڻ آھي ڪمداري ڪرڻ ڇڏي ڏي ته اھڙا ماڻھو ايترو اڳيان نه وڌن ڌاڙيلن کي هٿيار وغيره ڪير ڏئي ٿو اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪيل ناهي، الياس سمون لکيو ته ڌاڙيل، پوليس وارا ۽ سياسي پارٽين جا اڳواڻ پاڻ ۾ مليل آهن، عابد حسين شر لکيو ته ڌاڙيلن جو خاتمو فوجي آپريشن ذريعي ممڪن آھي اهڙو مثال شھباز شريف جي گذريل دور ۾ ڇوٽو گينگ راجن پور جي ڪچي مان 22 اهلڪار يرغمال ڪيا هئا جنهن بعد فوجي آپريشن ڪيو ويو آپريشن جي پهرين ڏينهن ئي ڌاڙيلن پاڻمرادو هٿيار ڦٽا ڪري فوج وٽ پيش پيا ايئن هتي به ٿي سگهي ٿو پر ڌاڙيلن جي پٺڀرائي سرڪار ۾ ويٺل ڌريون ڪري رهيون آھن اهو ئي سبب آھي جو هن جديد دور ۾ به سنڌ مان ڀنگ لاءِ اغوا روز جو معمول بڻيل آھي اڄ به روڊ تي سفر ڪرڻ دوران خاص طور سکر گهوٽڪي شڪارپور سائيڊ تي هر ماڻھو کي اغوا ٿيڻ جو ڊپ رهي ٿو. نجيب لکيو ته ڪچو مڪمل قبضي ۾ آھي ٺوس رٿابندي جي ضرورت آھي، مقامي ماڻھن جي سھڪار کان سواءِ خالي ڪرائڻ ممڪن ئي ناھي ڪچو اصل سردارن جاگيردارن جو آھي ڌاڙيل ته صرف سندن قبضي تي ويٺل آھن، غلام رسول چانڊيو لکيو ته ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت پنج ڇهه پوليس جا جوان شهيد ڪري ڌاڙيل بغير ڪنهن نقصان جي آرام سان فرار ٿي ويا، هي ڪهڙو آپريشن ڪرڻ وئي آهي سنڌ پوليس ؟؟ ثناءُالله چنا لکيو ته پوليس آپريشن تي پئي وئي ته پنهنجي حڪمت عملي تحت وڃي ها، آپريشن کي سيڪريٽ رکيو وڃي ها ۽ مخبري ڪري پوءِ ڪاروائي ڪرن ها، پوليس کي خبر به هئي ته خطرناڪ ڏوهارين سان مقابلو ڪرڻ وڃي رهيان آهيون ته فل تياري سان وڃن ها نڪي چار پنج پوليس اهلڪار ساڻ ڪري نڪرن ها، ڪمانڊو اهلڪار ۽ رينجرس به گڏ وٺي وڃن ها، ڪجهه ڪارين رڍن جي ڪري پوليس آفيسر شهيد ٿيا ان جو افسوس آهي باقي ڌاڙيلن جون نرسريون اتان جي سردارن جا بنگلا آهن اهي ڌاڙيلن جون محفوظ پناهه گاهون آهن، شنڪر لال لکيو ته حڪومت جي لاپرواهي جو مظاهرو آهي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته انتهائي افسوس ٿيووليس جي اعليٰ عملدارن ۽ ڪانسٽيبل جي شھادت تي اسين شھيدن جي وارثن سان ڏک ۾ شريڪ آهيون، فاروق ملڪ لکيو ته ڪچي ۾ فوجي آپريشن جي خاص ضرورت آهي ، هي ڌاڙيل ظالم طالبانن کان وڌيڪ پاور وارا ناهن جڏهن طالبان ختم ٿي سگهن ٿا ته پوءِ هي ڌاڙيل ختم ڇو نه ٿيندا ؟ عبدالسبحان سنڌي لکيو ته اصل ۾ ڌاڙيلن وٽ ايترا  ڳرا هٿيار آڻي ڪير ٿو؟ اهي ڪھڙا ھٿ آھن؟ جيڪي سڄي ڪچي ۾ ھٿيار پهچائين ٿا بنا رڪاوٽن جي هٿيار به اهي جيڪي پوليس ڪڏھن ڏٺا ئي ناهن اگر هٿيار سپلاءِ ڪندڙ پڪڙ ۾ اچي وڃن ته هي سوال ئي نه اٿندا. اهي پنهنجي فرض ۾ ايتري ڪوتاهي ڇوٿا ڪن جنهن ڪوتاهي جي ڪري سدائين ناحق پوليس جا نوجوان شھيد ٿيا آھن، بشير ميراڻي لکيو ته سڌي سنئين ڳالھه آھي ته پوليس جي ناڪاره ڪارڪردگي جي ڪري واقعو پيش آيو، لاپرواهي سبب بڻي. ڌاڙيل ڪلچر کي ختم ڪرڻ واري پوليس ته هٿي ڏيڻ واري به پوليس آهي.. سنڌ حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي پوليس جا ٿاڻا وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن ته اهڙا واقعا ٿيندا رهندا. عاجز لاشاري لکيو ته واقعو افسوس ناڪ ٿيو آهي شهيد ٿيل اهلڪارن کي سلام پيش ڪجي ٿو ذميوار ڪنهن کي قرار ڪجي؟ هميشه ڪڏهن ڪاروائي ڪجي ته پهرين مضبوط پلان جوڙيو وڃي، پلان نه هجڻ ڪري اهڙا ته واقعا ته ٿيندا آخر سنڌ پوليس پاڻ ۾ ڪڏهن تبديلي آڻندي؟ جمال الدين چنا لکيو ته سنڌ حڪومت آخر ڪچي ۾ آرمي جو آپريشن ڇو نٿي ڪرائي؟ لڳي ٿو ته انهن ڏوهارين جا سهولتڪار سنڌ حڪومت ۾ ويٺل آهن؟ سورڻ سنگهه سوڍا لکيو ته پوليس جي لاپرواهي آهي، احمد سولنگي لکيو ته آرمي آپريشن ڪيو وڃي، نادر ابڙو لکيو ته بلڪل غلط پلاننگ تحت پوليس آفيسر شھيد ٿي ويا آهن ايس پي تنوير تنيو پنهنجي بيان ۾ چئي رهيو آهي ته جديد هٿيارن نه آهن ته پوءِ ايتري نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟ سدائين غلط پلاننگ ڪري آفيسرن کي شھيد ڪرايو ويندو آهي، اشفاق احمد ملڪ لکيو ته حڪمت عملي غلط هئي پوليس کي خبر هئي ته ڌاڙيلن وٽ اسان کان وڌيڪ هٿيار آھن ته پوءِ ايڏي لاپرواهي ڇو؟ مجن سومرو لکيو ته جيستائين مقامي ڀوتار انهن جي سرپرستي ڪرڻ نه ڇڏيندا تيستائين سنڌ پوليس جا نوجوان ائين ئي بيگناھ پيا بيدردي سان شهيد ٿيندا رهندا. محمد سليمان جمالي لکيو ته جيڪي به اھلڪار شھيد ٿيا آھن ان ڏس ۾ حڪومت کي ڪجھه نيون ڪاميٽيون جوڙيون پونديون آھي انويسٽيگيشن ڪري ۽ جتي به شڪ پئي انھن کي ائين نه ڇڏڻ گهرجي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته گھوٽڪي ۾ ھٿياربندن ھٿان شھيد ڪيل پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي وارثن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون، پاڪ آرمي کي گھوٽڪي ڪشمور شڪارپور جي ڪچي وارن علائقن ۾ آپريشن جو ٽاسڪ ڏجي جيئن امن امان جي فضا بحال ٿئي، امر آڪاش لاکو لکيو ته واقعي جو ذميوار ايس ايس پي تنوير احمد تنيو آهي، جيڪو گهران ويهي ھيٺين عملي کي رات جي اونداهي ۾ چوي ٿو ته آپريشن ڪيو، جمال الدين چنا لکيو ته جيتري تائين انهن ڏوهارين جا سهولتڪار ۽ پوليس کاتي ۾ ڏوهارين جا مخبر نه پڪڙبا تيستائين پوليس پنهنجا جوان ايئن مارائيندي رهندي، توفيق کهاوڙ به سروي ۾ حصو ورتو، آغا وسيم لکيو ته اھڙو اسلحو انھن ڌاڙيلن تائين پڄي ڪيئن ٿو؟ جيڪي انھن کي مضبوط ڪن ٿا اھي ئي ڌرتيءَ جا دشمن آھن، نظير احمد لکيو ته سياسي چڪر ۾ جوانن جي شهادت ٿي، فضل سبزوئي لکيو ته پوليس جي ناقص پلان سبب اھڙا واقعا ٿين ٿا اگر ڏوھارين خلاف آپريشن ھو ته ھڪ به ڏوھاري زخمي نه ٿيو سردارن ڀوتارن جي چوڻ تي پوليس عملدار ڪم ڪندا ته جواب به اهڙو ئي ملندن، قادر بخش زئور لکيو ته پوليس جي خون سان انصاف ٿيڻ کپي ڌاڙيلن خلاف لاگاتار آپريشن جي ضرورت آھي تر تپائي ڇڏيو اٿن، رند صاحب لکيو ته ڌاڙيلن جو خاتمو فوج سان ٿيندو، نوڪرِ حسين ميمڻ لکيو ته پوليس وٽ ڪو پلان ناھي آپريشن کان اڳ منصوبابندي ڪئي ويندي آهي، خميسو آريسر به سروي ۾ حصو ورتو، علي سنڌي لکيو ته پوليس ۾ ايڪو ناھي ٻيو انھن کي سپورٽ ناھي، شاهه محمد لکيو ته ڌاڙيلن جا ساٿاري اتان جا سردار وڏيرا آھن، ايم عثمان جوڻيجو ڏک جو اظهار ڪيو، محمد سليمان جمالي لکيو ته اھڙو اسلحو انھن ڌاڙيلن تائين ٻڄي ڪئين ٿو جيڪي انھن کي مضبوط ڪن ٿا آھي ئي ڌرتي جا دشمن آھن، فدا حسين لغاري لکيو ته جيستائين سردارن جاگيردارن خلاف ڪاروائيون نه ٿينديون تيستائين ڌاڙيل ڪلچر ختم نه ٿيندو ڌاڙيلن جي ٽولن کي سردار ۽ جاگيردارن جي پٺڀرائي حاصل آھي، اختر علي اوٺو لکيو ته سنڌ حڪومت کي کپي انهن داڙيلن جا سردار ڦاهي چاڙهيا وڃن، ابراهيم لنڊ لکيو ته پوليس جي پنهنجي ڪوتاهي جي ڪري هي ڏينهن ڏسڻا پيا، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته انتهائي افسوس ٿيو، نماڻو نوناري لکيو ته سنڌ حڪومت جي نا اهلي آهي، دلشاد لکيو ته واقعي جو ذميوار خود ايس ايس پي تنوير تنيو آھي، محمد ابراهيم لکيو ته ھڪ ته پوليس جي حڪمت عملي ناقص نموني جي ھوندي آھي ٻيو ته پوليس اھلڪار ڌاڙيلن سان وڙهڻ جي صلاحيت نٿا رکن ڇوته ڌاڙيلن وٽ ڳرا ھٿيار آھن ۽پوليس مقابلي بدران لڪڻ ڀڄڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ان ڪري شهيد ڪيا ويندا آھن، سنڌ مان ڌاڙيل راڄ جي مڪمل خاتمي لاءِ فوجي آپريشن ناگزير آهي جيڪو بنا ڪنهن سياسي مداخلت جي جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. دانش جروار لکيو ته جيستائين سردارن جاگيردارن خلاف ڪاروائيون نه ٿينديون تيستائين ڌاڙيل ڪلچر ختم نه ٿيندو ڌاڙيلن جي ٽولن کي سردار ۽ جاگيردارن جي پٺڀرائي حاصل آھي، آڪاش پنهور لکيو ته پوليس جي لاپرواهيءَ آھي ٻيو ت پوليس وارن وٽ حڪمت عملي ناھي، مير نور علي لکيو ته واقعي جو تمام گهڻو افسوس ٿيو شهيدن لاءِ دعا رب انهن کي جنت ۾ جايون ڏي اهڙن واقعن خلاف سختي سان قانون تي عمل ڪرڻ گهرجي، ڌاڙيل ڪلچر قبيلائي تڪرارن ڪري زور وٺي ٿو جنهن ۾ هميشه علائقائي ڀوتار شامل هوندا آھن. پوليس ۾ سخت احتساب سان گڏ ڌاڙيلن جي ساٿي بااثر ڀوتارن خلاف سخت قدم نه کنيا ويندا ته اهڙا واقعا ٿيندا رهندا.