شھناز انصاري جو خون انصاف ٿو گھري

 

ڪنھن انگريز ڏاھي سچ چيو ھو ته انصاف جو مثال ڪوريئڙي جي ڄار جيان آھي جنھن ۾ مڇر ۽ مکيون ڦاسي پونديون وڏا وڏا ھاٿي ۽ ڏاند ڄار کي ٽوڙي نڪري ويندا آهن. ملڪ جي موجوده انصاف واري نظام تي نظر ڦيرائجي ته انگريز ڏاھي جي چوڻي ملڪي موجود نظام تي ٺھڪي اچي ٿي. ملڪ ۾ انصاف نالي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، ڪنھن به  اداري ۾ وڃو ته انصاف جو جنازو کڄندي نظر ايندو. خصوصن انصاف جو اھم مرڪز ڪورٽون ھونديون آھن پر ڪوٽن جا فيصلا ڏسون ٿا ته ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن. سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي متاثر ماڻھن جون انصاف نه ملڻ جون بي شمار خبرون پڙھڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ڪجھه ڏينھن اڳ نوشھروفيروز جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل عدالت پاران پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي مقتوله شھناز انصاري قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. ڪورٽ سڳوري جو ٻڌايل فيصلو ڄڻ مقتولا جي وارثن مٿان آفت ٿي ڪڙڪيو. عدالت سڳوري شايد قتل جي ٻن جوابدارن کي باعزت بري ڪري مک جوابدار کي پڻ 13 ڊي ڪيس مان بري ڪري فقط قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌائي عدالتي فيصلي بعد مقتولا جون نياڻيون ڪورٽ اندر اوڇنگاروم ڏئي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏئي روئي رھيون ھيون. نياڻين جو چوڻ ھو ته عدالت مک جوابدار کي 13 ڊي ڪيس مان بري ڪري جوابدار کي مٿاھين عدالت ۾ اپيل وسيلي ڪيس مان آزاد ٿيڻ لاءِ رستو ڏئي ڇڏيو. نياڻين جو چوڻ ھو ته 13 ڊي جو مطلب غيرقانوني اسلحو استعمال ڪرڻ ھوندو آھي، جڏھن ته عدالت سڳوري غير قانوني اسلحي استعمال جي ڪيس مان جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو .13 ڊي ڪيس ختم ٿيڻ بعد ڇا عدالت سڳوري ٻڌائيندي ته سندن امڙ کي جوابدار ڇا سان قتل ڪيو….؟؟ نياڻين جو چوڻ ھو ته سندن امڙ جي خون سان انصاف نه ٿيو جڏھن ته جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ھو هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنديون. اھڙي طرح ام رباب چانڊيو سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي، پنجن سالن کان ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر ڀاتين جي قاتلن کي پڻ عدالت سڳوري سزا نه ڏئي سگھي آھي. دادو واسڻ بينظير ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي پڻ انصاف لاءِ ڪافي عرصي کان روئي رھي آھي. چانڊڪا ميڊيڪل  لاڙڪاڻي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ قتل ٿيل نمرتا چنداڻي، نائله رند، انيتا شاه جي خون سان پڻ انصاف نه ٿي سگھيو آهي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ انصاف غريب لاءِ اڻلڀ آھي انصاف اميرن لاءِ ۽ قانون فقط غريبن لاءِ آھي آءٌ فقط ان جھوري ۾ جھرندو آھيان ته آخر ملڪي قانون نافذ ڪندڙ  ادارن خصوصن عدالتن ۾ غريب لاءِ انصاف ڪڏھن عام ٿيندو…….؟؟ آخر ظالمن کي ڪڏھن سزائون ملنديون؟ آخر ظلم ۽ ظالم ڪڏھن ختم ٿيندا؟ آخر غريب ڪڏھن سک جو ساھ کڻندا…؟

 

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

موبائل ڪمپني جو نيٽورڪ  نبي سر ٿر لاءِ آزار

 

سائنس ڏينهن به ڏينهن ترقي ڪري پئي ۽ نت نئيون ايجادون ڪري رهي آهي، جن ۾ هر روز ريڊيو، ٽي وي، ڪمپيوٽر  جو ته استعمال ٿيندو رهي ٿو، پر موبائيل فون جو استعمال تمام گهڻو ٿئي ٿو. نه صرف موبائيل فون کي ڪال ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو پر فيسبڪ، يوٽيوب، واٽس اپ، ٽوئيٽر، خبرون چارون ۽ مختلف پروگرام وغيره ڏٺا ۽ ٻڌا وڃن ٿا انهن سڀني شين کي موبائيل جي اسڪرين تي هلائڻ لاءِ نيٽورڪ جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. اتفاقن نيٽورڪ ۾ خرابيون ٿينديون آهن جن کي يڪدم درست ڪيو ويندو آهي ته جيئن عوام پريشاني جو منهن نه ڏسي، پر جيڪڏهن اهو نيٽورڪ هر روز خراب هجي ۽ ڪم نه ڪري ته موبائيل فون تي ڪا ڪميونيڪيشن نه ٿي سگهندي ۽ هزارين ماڻهن جو ڪروڙن جو نقصان ٿيندو آهي. اهو ئي مسئلو نبي سر ٿر ۽ ان جي آسپاس جي علائقن کي پيش اچي رهيو آهي. گذريل 2 کان 3 مهينن ۾ ٽيلينور نيٽورڪ عوام کي آزار  ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ٽيلينور جو ٽاور ته نبي سر ٿر جي ڀٽ  تي موجود آهي پر ناڪارا بڻيل آهي. ڪڏهن ٽيلينور ٽاور جون بئٽريون ناهن ته ڪڏهن ڊيزل يا ڪڏهن لائيٽ ڪٽيل آهي. ياد رهي ته ساڳي ٽاور ۾  موبلنڪ وارد جو نيٽورڪ موجود آهي جيڪو مڪمل طور ڪم ڪري پنهنجي ڪسٽمرن کي سوين سهولتون ڏئي رهيو آهي. آهي پر ٽيلينور نه سستا پيڪيج ۽ سٺيون سهولتون ڏيڻ ته پري جي ڳالھه پر هلڻ کان آزرت بڻيل آهي. آهي ڪو ڌڻي ڌوڙي هن نيٽورڪ جو يا نه عوام جو هر روز جو آزار ڪڏهن ختم ٿيندو؟ ٽيلينور نيٽ ورڪ جي اعليٰ اختيارن کي گهرجي ته هن ٽاور جي مرمت ڪرائي نيٽورڪ بحال ڪيو وڃي يا يڪو لٽاڪو لاٿو وڃي.

 

راهب علي چانڊيو/ ڪنري

سنڌ سڄي سون آهي

 

سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي سنڌ جا حقيقي وارث بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. صرف انهيءَ لاءِ چند لٽيرا سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي ڪري انهن پنهنجي لاءِ پنهنجي اولاد لاءِ سوچن ٿا جيڪي قدرتي وسيلن تي قابض آهن. انهن وٽ ڪروڙين رپين جون گاڏيون آهن ۽ ڪروڙن جا بنگلا اٿن ۽ اڄ سياست کي هنن ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي ۽ انهن جي ذهن ۾ اها ڳالھه آھي اسين سنڌ جا وارث آهيون ۽ ٻيا اسان جا غلام آهن. اها سوچ سياسي ڀوتارن جي سنڌ ڌرتيءَ وارثن هاڻي سڄاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي. اوهان جي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي انهيءَ تي اوهان جو حق آهي صرف ضرورت انهيءَ ڳالھه جي آهي ته توهان کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ هڪ آواز بڻجي ڪري انهن لٽيرن کي جواب ڏيڻو پوندو، جيڪو ووٽ ذريعي ڏئي سگهو ٿا. اوهان پنهنجي زندگي غلامي ۾ گذاري چڪا آهيو. هاڻي پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ڪجھه ڪيو جيئن اوهان برسات سبب بي گهر ٿيا آهيو ائين اوهان جا ٻچا نه ٿين. جيئن اوهان پنهنجي ٻچن جي ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان ٿيا آهيو ائين اوهان جا ٻچا پنهنجي ٻچڙن لاءِ پريشان نه ٿين. منهنجي سنڌ سڄي سون آهي پوءِ به منهنجا ماروئڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، باقي خدا هنن ظالم حڪمرانن کان قيامت جي ڏينهن ضرور پڇاڻو ڪندو.

 

فرمان علي لغاري/گهوٽڪي

ڪاميابي جا 7 اصول: اچو ته عمل ڪريون!

 

رات جي پهر سمهڻ کان پهرين اسان الارم رکندا آهيون جيئن سوير اٿي ڪم ڪار ڪيون.

اها روز جي عادت هوندي آهي الارم رکڻ جي. ڪتاب پڙهڻ لاءِ عادت اپنائڻ گهرجي. موسيقي روز ٻڌون ٿا عادت جي ڪري. روز اخبار پڙهون ٿا اها به عادت آهي. انساني تخليق جي واڌ ويجهه لاءِ عادت جو هجڻ ضروري آهي. انسان جي زندگي عادتن سان ڀريل آهي. عادت انسان کي شاهڪار ماڻهو بڻائندي آهي. دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو ڪامياب ٿيا آهن انهن عادتن جي ڪري.  انسان مثبت، منفي سوچ جو عادي آهي. انسان بيشمار عادتن جو مالڪ آهي. انهن عادتن جي ڪري انسان هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي هجرت ڪري ٿو. عادتون نه صرف انسان ۾ آهن بلڪه جانورن ۾ به آهن. جيئن شينهن هر روز پيٽ جي لاءِ کاڌي جي تلاش ڪندو آهي. اها به عادت آهي. انسان پنهنجي زندگي کي ڪارائتو بنائڻ جي لاءِ عادتون سکندو آهي. جيئن توهان جو دوست ڪنهن به مقصد ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهي ۽ توهان به اهو چئو ٿا ته جيئن هي ماڻهو ڪامياب ٿي ويو آهي مان به ائين ئي ڪامياب ٿيان ته پهرين ان جي عادتن کان واقف ٿيڻو پوندو. آئون هي سلسلو شروع ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ سٺين عادتن جي باري ۾ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحون ۽ ان جا طريقا ٻڌايا ويا آهن.

ڇو گھڻا ماڻھو چاھين ٿا ته سندن زندگي ڪامياب ٿئي؟ ڇو گھڻا ماڻھو ٻين ماڻھن جا راز پڌرو ڪرڻ کان لنوائيندا آھن؟ هي شخص ڪيئن ڪامياب ٿيو؟ اهي ماڻهو پنهنجي منزل تي جلدي پهچڻ لاءِ شارٽ ڪٽ ڳوليندا آهن پر ائين ڪڏهن به ناهي ٿيندو. ڇو ته ڪامياب ماڻهن ۾ ڪجهه عادتون هونديون آهن. ڪامياب ماڻهون پنهنجي زندگيءَ ۾ 7 عادتون شامل ڪندا آهن جيڪي سندن ڪم ۽ زندگي ۾ توازن رکڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.  هڪ ڪتاب آهي:

7 Habits of Highly Effective People

انتهائي اثرائتن ماڻهن جون 7 عادتون.

هن ڪتاب جو ليکڪ اسٽيفن آر ڪووي آهي. هي ڪتاب ايترو مشهور، مقبول ٿيو جو لکين ماڻهن جون زندگيون بدلجي ويون. اسان جو ڍنگ، انداز، رويو اسان جي ڪاميابي جي ڪنجي آهي. اهو اسان جي عقل کان وڌيڪ اهم آهي. اهي 7 عادتون پڻ اسان جي رويي کي درست ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. توهان جي ذهن ۾ اهو سوال ضرور اڀرندو ته اسان پنهنجي رويي کي ايترو جلدي ڪيئن درست ڪري سگهون ٿا؟ اچو ته توهان کي هڪ مثال ڏيان. هڪ لمحي لاءِ تصور ڪريو ته توهان بس ۾ ويٺا آهيو. پهرين اسٽاپ تي، هڪ پيءُ پنهنجي ٻارن سان گڏ بس ۾ ويٺو آهي. جنهن جا گوڙ ڪري رهيا آهن. آخر توهان ٿڪجي پئو ٿا ۽ ٻارن جي پيءُ کي چئو ٿا ته پنھنجي ٻارن کي ٿوري دير لاءِ چپ ڪرايو؟ بس ۾ سڀ ماڻهو پريشان آهن، هن جو پيءُ توهان کي چوندو آهي، معاف ڪجو، مون کي پهريان انهن کي خاموش ڪرڻو پوندو. سندن ماءُ 2 ڏينهن اڳ فوت ٿي وئي. ان وقت کان وٺي گهر ۾ خاموشي سان ويٺا رهيا. اڄ مون انهن کي ٻاهر ڪڍيو ۽ اهي کيڏڻ ۾ خوش هئا، تنهنڪري مون سوچيو ته مان انهن کي نه روڪيندس. اهو ٻڌي سڀ مسافر خاموش ٿي ويا، جنهن کان پوءِ هنن مسڪرائيندي ٻارن ڏانهن ڏٺو ۽ انهن سان کيڏڻ لڳا. هڪ لمحي لاءِ سوچيو  توهان جو رويو ڪيئن بدلجي ويو؟ ڪيترو جلدي توهان جي سوچ جو زاويو بدلجي ويو. اسٽيفن هن تبديلي کي پيراڊائم شفٽ سڏي ٿو. پيراڊائم شفٽ: مطلب مڪمل طور تي توهان جي سوچ جي نموني ۽ توهان جي نظريي کي هڪ طرف کان ٻئي طرف تبديل ڪرڻ آهي. اها ايتري طاقتور آهي جو ڪنهن به صورتحال ۾ اسان جي رويي کي تبديل ڪري سگهي ٿي. اڳتي توهان کي انهن ستن عادتن جو خلاصو ڪري ٻڌائيندس.

 

عبدالحيلم ڏاهري

 

سماج کي سماجي سوچون سُڌاري سگهن ٿيون

 

اڄ جي ٽيڪنيڪل دور ۾ سماج جي اندر جيڪڏهن مثبت سوچ آڻڻي آھي، يا کڻي سماج جي اندر شعوري گهيڙ ۽ گس پئدا ڪرڻا آھن ته اول سماج جي اُن فرد کي برداشت، سهپ ۽ رواداري جو چولو پائڻو پوندو آھي. اسان جون سوچون خسيس ۽ نفرت جو جهول بڻجي چُڪيون آھن. اسان جي ذھن ۾ (تُنهنجو ڇا؟ تُون ڇا؟ يا آئون ڇا؟) جھڙا خيال گهر اڏي ويٺا آھن، اسان سماج کي اڏڻ ۽ سنوارڻ ۽ سُٺي سماج جو تصور ته ڪيون ٿا، پر اسان جون نيتون زنگجي چُڪيون آھن، اسان جي نيتن کي نفرت جي اڏوهي کائي رهي آھي اسان جي نيت اسان کي لوڀ لالچ جي کڏ ۾ اُڇلي رهي آھي، ۽ اسان جا ذھن آڪَڙ ۽ هوڏ تي ٻڌجي چُڪا آھن. اسان جي سوچ اِن جملي  تي حاوي آھي ته (مون کي ڪنهن جي پرواھ ناهي) سماج ۾ انساني زندگيءَ جو عمل  دخل اهو آھي ته هُو سماج لئه ڇا ٿو سوچي؟ سماج کي پيغام ڪهڙو ٿو  ڏئي؟ سماج لئه ڪم ڪارج ڪھڙا ٿو ڪري؟ سماج کي ڪٿي ۽ ڪهڙي حد  تائين ڏسڻ چاهي ٿو؟ سماج جي اندر زندگي گذاريندڙ انسانن کي ڪھڙي نظر سان ڏسي  ٿو؟ سماج جو سُڌارو، سماجي لاگاپا، سماجي سوچون، تڏهن پنهنجي طاقت تي هوندا جڏهن هڪ ماڻھو نفرت  جو جهول ڀري اچي ته سامهون وارو ماڻھو نفرت جي ڍير مٿان محبت ۽ پيار جا گُل ساڳئي جهول ۾ رکي، هڪ ماڻھو ڏِسندي به کَڏِ ۾ ڪرندو هجي ته سامهون بيٺل ماڻھو ٻانهن کان جهلي هن ڪائنات جي اصل ۽ رنگين رستي تي اُن شخص کي هلڻ لئه اتساھ ڏئي. سماجي ضابطا يا سماجي اصول اهو ئي سيکارين ٿا ته سماج اندر سماجي ماڻھو بڻجي رھڻ گھرجي. سماج اندر وحشي پڻي ۽ ظلم جي ندا ڪرڻ گھرجي، سماج اندر ڪنهن به مظلوم کي پيڙا جا پنڌ نه ڪرائي،

خدا جي طرفان خلقيل هي زندگيءَ صرف هڪ چولو آھي جيڪو آخر ٽُٽي سگهي ٿو .

ڀگت ڪبير به چيو آھي ته:

ماٹی چن کر محل بنایا، مورخ کہے گھر میرا،

نا گھر تیرا نا گھر میرا، یہاں تو چڑیا رہنے بسیرا۔

هي انساني سرير آھي انسان لالچ جي حوس بڻجي سڀ ڪجھه ڪري ٿو. لوڀ لالچ وغيره، پر هي محل ماڙيون سڀ اتي پيا هوندا، انهن ۾ پکي آکيرا ٺاهي ويٺا هوندا، انسان صرف هڪ ئي ڪفن ۾ مٽي سان مٽي ۾ ملي ويندو. سماج جي اندر اول انسانيت جي ناتي انساني فرض آھي ته سماج جي لئه ڀلو ڪري نه سگهي ته خير آ پر سماج جي لئه ڀلو سوچي ته جيئن هر اُن دل دماغ ۾ سماجي سوچون پيدا ٿين، بلڪه سماجي وڇوٽيون پيدا نه ٿين ..!

 

سنڀُو لال جوشي/ ڏيپلو ٿرپارڪر

 

قِصو ڪُرسيءَ جو

 

پاڪستان جي سياست جي اُها خُوبِي رهي آھي ته ايوان ۾ ويٺل حڪومت پنهنجي ڪرسيءَ جي چڪر ۾ ڪجھه به ڪري سگهي ٿي، پوءِ اهو پاڪستان جي آئين کي ٽوڙي ڪيو وڃي يا ڪنهن کي گوليون هڻي ڪيو وڃي. ڏٺو وڃي ته جتي پُرامن احتجاج ڪرڻ هر ماڻهوءَ جو آئيني حق آھي جيڪو احتجاج سياست ۾ اپوزيشن جي صورت ۾ هاڻوڪي ويٺل حڪومت به ڪيو هو پر انهيءَ تي اڳوڻي حڪومت ڪو به تشدد نه ڪيو. پر هاڻي پاڪستان ۾ انهيءَ پُراَمن احتجاجن تي ڪڏهن شيلنگ ته ڪڏهن وري سرعام گوليون هنيون وڃن ٿيون. هاڻوڪي واقعي ۾ گولي هلائيندڙ ملزم اهو بيان ڏٺو آھي ته عمران خان عوام کي گمراھ ڪري رهيو آھي انهيءَ ڪري گولي هلائي. ڏٺو وڃي ته پهريان به سلمان تاثير جي قتل سميت الاهي واقعن ۾ جوابدار مذهب جي آڙ ۾ ڪيترائي بيان ڏنا آھن، جنهن جي جاچ حقيقتن کي سامهون رکي ڪئي وڃي. ۽ هاڻ ويٺل هن حڪومت کي گهرجي ته ڪرسيءَ کي چنبڙڻ واري قصي کي ختم ڪري جلد اليڪشن طرف وڃي ته سڀني اڇن ڪارن جي خبر پوندي ته ڪير ٿو عوام وٽ پاڻ مڃائي.

 

ناشاد شوڪت شنباڻي/ڪوٽڏيجي

 

اسان ڪڏهن ڀڳل چوڙين مٿان به ناهيون لنگهيا…!

 

سنڌو… شال صبح جي تازي گلاب جيان مهڪندي ۽ مرڪندي رهين. تنهنجو وساري ڇڏڻ وارو خط پهتو. چري تون وسري هجين ته توکي ياد ڪجي. مون پنهنجي روح اندر ۾  توکي هميشه شاهه  ڪريم جي انهن سٽن جيان رکيو آھي ته:

پاڻياري سر ٻھڙو جر تي پکي جيئن،

اسان سڄڻ تيئن رهيو آھي روح ۾ .

سنڌو، تنهنجي چري سهيلي جي درد ڪٿا  ٻڌي اکڙيون آليون ٿي ويون. هتي هر عورت گهاڻي ۾ پيڙھجي ٿي. ڇا ٻڌايان توکي درد ڪهاڻي، هوءَ ڏورانهن هنڌن تان پاڻي ڀري موٽي ته سرويچ جي مهراڻ واري لاڏلي لڳي. هن روڊن تي پٿر وڇايا ۽ لابارن لاءِ ٿر کان لاڙ ڏي پنڌ ڪيا ته مون کي ڀٽائي جي سورمي سسئي لڳي. هن جي سادگي ۽ ڪپڙن تي لڳل چتيون ڏٺم ته سر ڪاموڏ واري سورمي نوري لڳي. هن شام جو پنهنجن کيتن ۾ ڇيلڙا چاريا ۽ ٻڪرين کي هش ھش ڪيو ته مون کي ملير واري مارئي محسوس ٿي. هن هيڻن جي مدد ڪئي ته مون کي فقير کي ملڪيت ڳولهڻ وارو ڏند ڏيندڙ مومل محسوس ٿي. هن جي پنهنجن رشتيدارن لاءِ سڪ ۽ قرب ڏسي مون کي ڀٽائي جي سهڻي لڳي. هن رشتن کي بچائڻ خاطر هر ننڍي وڏي کي منٿون ۽ التجائون ڪيون ته مون کي چنيسر واري ليلا محسوس ٿي ۽ هن جڏهن هر ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ سکي ورتو ته سندس مهڪندڙ چھرو سورٺ لڳو. سچ ٻڌايانءِ سنڌو … ان ڇوڪري جي به زوري شادي ڪرائي وئي. هن ڇوڪري ڪوبه احتجاج نه ڪيو صرف ٻانهن ۾ پاتل ڪجهه چوڙيون ڀڳيون. وقت ۽ رشتن جي ويرين اهي چوڙيون کڻي ان ڇوڪري کي منهن تي اڇلائي هنيون. سچ پڇين ته ان ڏينهن کان سڪون سان سمهي ناهيان سگهيو.

ايوب کوسي شايد ان ڇوڪريءَ لاءِ لکيو هو ته:

اسان ڪڏهن ڀڳل چوڙين مٿان به ناهيون لنگهيا،

ماڻھو الئي ڪيئن لاشن مٿان گذري وڃن ٿا.

 

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

 

 

سمن سرڪارؒ جي درٻار مسلمانن ۽ هندن لاءِ عقيدت جو مرڪز

 

سنڌ ڌرتي کي صوفين جي ڌرتي چيو ويندو آهي. جنهن ڌرتي تي ڪيترائي ولي الله آرام فرما آهن. جن ماضي ۾ پنهنجي فيض ۽ ڪرامت سبب لکين ماڻهن جي دلين کي منور ڪيو. اڄ انهن بزرگن جون وڏيون وڏيون مزارون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن. جتي هر سال انهن بزرگن جو عرس مبارڪ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. جن ۾ عقيدت مندن جو وڏو تعداد مزارن تي حاضري ڀريندو آهي. هن وقت ڳالهه 20 هين صدي جي معروف صوفي بزرگ سيد سمن سرڪارؒ جي آهي. جنهن جي مزار ضلع بدين جي شهر پنڱريو ۾ واقع آهي. جن جي باري ۾ ذڪر ملي ٿو ته اهي سنڌ جا واحد صوفي بزرگ ۽ ابدال ٿي گذريا آهن، جن جي زندگي ۾ به ميلا لڳندا هئا ۽ انهن جي وصال کان بعد به سلسلو جاري آهي. سمن سرڪارؒ جي باري ۾ ڳالهه مشهور آهي ته انهن کي جواني واري دور ۾ هڪ ڇوڪري سان محبت ٿي ۽ پاڻ ان سان شادي ڪرڻ جا خواهشمند ٿيا. پر ڇوڪري جي والدين جڏهن سمن سرڪارؒ جي والد سان شڪايت ڪئي ته ان ڳالهه تي والد صاحب کيس هڪڙي ڪمري ۾ قيد ڪيو ۽ ڇوڪري جي والد کي چيائون ته هي ڳوٺ ڇڏي ڪٿي پري وڃي آباد ٿيو ۽ پنهنجي ڇوڪري جي شادي ڪنهن گهراڻي ۾ ڪرائي ڇڏيو. ڇوڪري جي والدين سمن سرڪارؒ جي والد جي ڳالهه تي عمل ڪندي ڳوٺ مان لڏپلاڻ ڪئي جنهن بعد کيس والد قيد مان آزاد ڪيو. سمن سرڪارؒڪمري مان ٻاهر نڪرندي ئي ڄڻ ديوانو ٿي ويو ۽ ڳوٺ ۾ ڇوڪري وارن کي ڳولهڻ لڳو. جڏهن ناڪام ٿيو ته پاڻ گوشهءِ تنهائي اختيار ڪيائون ۽ پنهنجي زخمي دل تي ذڪر الاهي جو ملم هڻڻ لڳو. جنهن کان پوءِ بيخودي طاري ٿي وين ۽ دنياوي زندگي مڪمل طور ترڪ ڪري ڇڏيائون. جنهن کان پوءِ ڪرامات جا چرچا عام ٿيڻ لڳا. پيش گويون سچ ثابت ٿيون. ماڻهو عقيدتمند ٿيندا وين. سنڌ ۾ پري پري تائين شهرت ملي وين. ماڻهو دعائون ڪرائڻ لاءِ اچڻ شروع ٿيا جن ۾ هندو توڙي مسلمان شامل هئا. سمن سرڪارؒ جي ابدالي حيثيت هئي انگريز دور جو ڪليڪٽر خاص عقيدتمند بڻيو جيڪو ايترو متاثر ٿيو جو سمن سرڪارؒ کي زمين الاٽ ڪيائين جيئن عقيدت مند اتي اچي قيام ڪن. بهرحال اڄ بي سمن سرڪارؒ جي درگاهه تي رام ۽ رحيم کي مڃڻ وارن جو گڏ اچڻ ٿئي ٿو. جتي احترام جو مثال عام آهي. جتي آستاني تي اقليت ۽ اڪثريت جي تقسيم ختم ٿيو وڃي.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

ڪووڊ ڪئمپئن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي پئسا ڪڏهن جاري ٿيندا؟

 

اسان جي ملڪ ۾ مزدور کي مزدوري پگهر سڪڻ کان پهرين ڪڏهن به نه ملندي آهي. اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ هلندڙ مختلف اين جي اوز يا گورنمينٽ سيڪٽر ۾ ننڍا ننڍا پروجيڪٽ يا ڪئمپئن شروع ٿينديون آهن ته ورڪرن کي اهو چئي ڪم تي رکندا آهن ته اوهان فلاڻي پروجيڪٽ يا ڪئمپئن جيئن ئي پوري ڪندا ائين ئي اوهان کي پئسا ملي ويندا پر افسوس ته ڪئمپئن ختم ٿي وينديون آهن ۽ ورڪرز ڪيل ڪم جي عيوض پئسن لاءِ انتظار ڪندا آهن. اهڙي طرح مارچ ۾ ڪووڊ ويڪسين جو پهريون رائونڊ شروع ٿيو ۽ اهو رائونڊ چوڏنهن ڏينهن تائين گهر گهر وڃي ويڪسين ڪري محنت سان ٽارگيٽ پورو ڪيو پر افسوس 8 مهينا  گذرڻ جي باوجود به ورڪرز کي پئسا جاري نه ٿي سگهيا ۽ هڪ مهينو پهرين هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ته ڪووڊ ڪيمپئن جا پئسا ڊي ايچ او جي اڪائونٽس ۾ ٽرانسفر ٿي چڪا آهن پر افسوس پئسا جاري ٿيڻ جي باوجود ورڪرز کي نه ٿا ڏنا وڃن جيڪا سراسر ناجائزي آهي. اسان صحت کاتي جي وزير سميت سڀني ڪووڊ ڪئمپئن سان واسطو رکندڙن کي گذارش ٿا ڪريون ته غريب ڪووڊ ڪئمپئن ورڪرز کي انهن جي ڪيل محنت جا پئسا فوري طور جاري ڪيا وڃن. جيڪڏهن فوري طور ڪووڊ ڪيمپئن جي ورڪرز کي پئسا جاري نه ڪيا ويا ته ورڪرز قانوني رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيندا ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ ورڪرز جو آئيني حق آهي

 

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ