سوال/سروي .. مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ نون چونڊيل نمائندن ووٽ وٺن بعد ووٽرن کان منهن ڦيري ڇڏيو، حلف نه کڻڻ جو جواز ڄاڻائي اڃا تائين ڪا خدمت ناهي ڪئي: عوام

0
185

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ نون چونڊيل نمائندن ڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي؟ ووٽ وٺڻ بعد غائب آهن يا ووٽرن جي خدمت ڪري رهيا آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ووٽ وٺڻ بعد اهي غائب ٿي ويا آهن، ڪجهه ماڻهن وري اهو به چيو ته انهن اڃا تائين حلف ناهن کنيا اهو جواز ڄاڻائي ڪم نه ڪري رهيا آهن، برسات بعد علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي بيمارين منهن ڪڍيو آهي پر چونڊيل نمائندا نظر ئي نٿا اچن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عابد ڀٽي لکيو ته اسان جي وارڊ جا ڪائونسلر ووٽ جي ٽائيم نظر آيا هئا ، هاڻ ته صفا لاپتا ٿي ويا آھن ،

اليڪشن ۾ رڳو ڪوڙا واعدا ڪري ويا آھن، اڪبر رحمان ٿهيم لکيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن  کي هڪ پاسي رکو ٻي مرحلي ۾ اليڪشن ڪندڙ اميدوار ووٽ وٺڻ کان اڳ ئي غائب ٿي ويا آهن جن کي اڃان وڏيون خدمتون ڪري ووٽ وٺڻو آهي اهي هن برساتن ۾ ٻڏي ويل ڳوٺن جي سار لهڻ لاءِ تيار نه آهن، ظفر رند لکيو ته اسان جي يونين ڪائونسل لنڊو جا چونڊيل نمائيندا بغير اختيارن جي پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيا هئا سنڌ حڪومت کي گهرجي ته جلد ايڊمنسٽريٽر کان يونين ڪائونسلن ڏانهن اختيار منتقل ڪيا وڃن. عبدالصبور ڦلپوٽو لکيو ته افسوس نمائندن تي ناهي افسوس سنڌ جي عوام تي ٿو ٿئي جيڪي سدائين پنهنجي طاقت (ووٽ)هر ڀيري وڏيرن جي جهولي ۾ وجهي 5 سال ڳوٺن جي تباهي تي ماتم ڪن ٿا ۽ بنيادي سهولتن کان محروم رهن ٿا، شنڪر لال لکيو ته هر سال وانگر ھن سال به چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي۽ وڏا آسرا ڏئي غائب آھن، شنڪر لال لکيو ته اڃا تائين خير آهي .

اسان وٽ جيڪو اڳئي ٽائون چيئرمين هو اهو وري ميمبر به ٿيو آھي اهوئي واٽر سپلاءِ اسڪيم جو به چيئرمين آھي شھر واسي 15ڏينهن کان محرم جي مهيني ۾ پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آھن هاڻي وڌيڪ ان جي خدمت جي جذبي کي توهان سمجهي سگهو ٿا. هڪڙي آزاد ڪامياب ٿيل اميدوار جگديش راساڻي تنهن دلي همدردي جو ضرور اظھار ڪيو هو. باقي ٿيا ست خير . وحيد ڄامڙو لکيو ته راڻيپور ۾ چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي ناقص آھي برساتي پاڻي شھرن جي مخلتف پاڙن روڊن رستن تي بيٺل آھي جنھن ڪري وبائي بيمارين منھن ڪڍيو آھي علائقي ۾ گيسٽرو تيزي ڦھلجڻ لڳو آھي ۽ ڪيترائي ماڻھو مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، مدثر کهاوڙ لکيو ته جيڪي ووٽ وٺي ويا آھن اهي ووٽرن جي ڪهڙي خدمت ڪندا، بس رڳو تعزيتون ڪندا ۽ پوليس جي مدد ڪندا باقي جيڪي فنڊ ملندا سڀ کيسن ۾ رکندا، سعيد رونجها لکيو ته نوان چونڊيل نمائندا بلڪل عوام سا گڏ آهن ۽رهندا، آصف علي سومرو لکيو ته هر اليڪشن بعد ايئن ئي ٿيندو آهي اسان کي پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، جنيد زرين بلوچ لکيو ته اسان وٽ ڄامشوري ۾ مڪاني چونڊون اڃان تائين ڪو نه ٿيون آهن. باقي لڳي ائين ٿو ته ووٽ وٺڻ کان پوءِ اھي نمائندا سڃاڻيندا ئي ڪونه . ڇو ته ساڳيائي ماڻھون آھن،

سني شيخ لکيو ته پٿوري ۾ نوان چونڊيل نمائندا ماشاءَالله بھترين ڪم ڪري رھيا آھن، اسماعيل خلجي لکيو ته پٿورو ٽائون جا چونڊيل نمائندا شهرين جي خدمت ڪن پيا، شاهد حسين ڏاهري لکيو ته ڀريا روڊ شهر جا چونڊيل نمائندا لاپتا آهن ووٽ وٺڻ بعد غائب ٿي ويا آهن برسات دوران انهن جي ڪارڪردگي زيرو آهي، نادر ابڙو لکيو ته لاڙڪاڻو دڙي ٽائون يوسي چار جي چيئرمين وارڊ نمبر 4 ڪيٽل ڪالوني ۾ ذري برابر ڪم نه ڪرايو آھي تازو پيل برساتن ۾ گهٽين ۾ 8 ڏينهن کان پاڻي بيٺل رهيو جنهن سبب محلي واسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي، ايم اسلم ڪنڀر لکيو ته مڪاني چونڊيل نمائندن کان حلف ئي ڪونه ورتو ويو آھي اهي قانوني طور ميمبر ئي ناهن ڪٿان ڪم ڪندا، آسودومل لوهاڻو لکيو ته پٿورو ٽائون جا چونڊيل ٻئي نمائندا هر ڏکئي سکي گهڙي ۾ عوام سان گڏ بيٺل آھن، اعجاز کوسو لکيو ته اليڪش کٽڻ کان پوءِ نظر ئي نٿا اچن، دلبر جاني لکيو ته اسان جي ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد وارڊ ون انجنيئر غفار جتوئي بلڪل عوام جي خدمت ڪري رھيو آھي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته نون چونڊيل نمائندن کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي، اهي ڌانڌلي ڪري آيا آهن ڪٿان خدمت ڪندا؟ محمد حسين لکيو ته اڳ ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا اٿن جو هاڻي ڪم ڪندا، اليڪشن ويجهو هئي ته ڪجهه ڪم ڪري عوام کان ووٽ وٺي ويا ووٽ وٺڻ بعد وري غائب آهن چون ٿا اسان جي هٿ ۾ ڪجهه نه آهي، واحد بخش لکيو ته شهر شادي پلي ۾ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ شھر جي صفائي ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري آهي چونڊيل نمائندا ھر وقت حاضر آهن پر گورنمينٽ کي گھرجي حلف کڻائي ڇڏي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته شهر ڪڍڻ ۾ اسان جي وارڊ جا ڪائونسلر يا ٽائون وارا ووٽ جي ٽائيم تي نظر ايندا آهن ووٽ وٺي پوءِ نظر ڪونه ايندا آهن، لياقت علي نهڙي لکيو ته ووٽ وٺڻ کان پوءِ منهن نه ڏٺو آهي تازو برساتن جي ڪري مڇرن جو آزار آهي جنهن جي ڪري مليريا گيسٽرول جون بيماريون ظاهر ٿيون آهن باقي چونڊيل نمائندا نظرن کان اوجهل آهن مارو ماڻهو ويچارا عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، عثمان چانڊيو لکيو ته انھن اڃا تائين چارج نه ورتي آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته گهگهر ڦاٽڪ ۾ اڃا اليڪشن نه ٿي آهي، فياض رحمان جوکيو لکيو ته چونڊيل نمائندا غائب آهن، خادم پنهور لکيو ته دوڙ ۾ برساتي پاڻي شھرن جي مخلتف پاڙن روڊن رستن جي بيٺل آھي جنھن ڪري وبائي بيمارين منھن ڪڍيو آھي علائقي ۾ گيسٽرو تيزي سان ڦھلجڻ لڳي آھي ۽ ڪيترائي ماڻھون مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، تنها قادر شر لکيو ته اسان وٽ بلڪل ڪم ڪري رهيا آهن، مبارڪ علي نهڙي لکيو ته ووٽ وٺڻ بعد غائب ٿي ويا آهن

اهي ڇا عوام جي خدمت ڪندا، رسول بخش اسراڻي لکيو ته سجاول جوڻيجو ۾ نوان چونڊيل نمائندا بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، اسرار ايم لکيو ته غائب آهن، عبدالستار بلوچ لکيو ته ووٽ وٺڻ کان پوءِ منهن نه ڏٺو آهي تازو برساتن جي ڪري مڇرن جو آزار آهي جنهن جي ڪري مليريا گيسٽرو جون بيماريون ظاهر ٿيون آهن، ايم اسماعيل بلوچ، عجيب الرحمان چنا لکيو ته ووٽ وٺڻ بعد نوان چونڊيل نمائندا غائب آهن، ميانداد مري لکيو ته انھن اڃا تائين چارج نه ورتي آهي، حبيب الله ميمڻ لکيو ته پهرين چونڊيل ته الاهي ڪٿي آهن ۽ ٻي مرحلي ۾ بيٺل عوام وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ وڃڻ بجاءِ رڳو سندن زور اهو آهي ته مخالف اميدوار کي ڪنهن به طرح هٿ کڻائي بنا مقابلي اچان سو هٿ کڻڻ جو مقابلو هلندڙ آهي ڪيترن جا ايمان پئسي جي ڌمڪ ڌمڪين ۽ انتقامي خو ف سبب ڪمزور ٿيا ۽ ٿي رهيا آهن اليڪشن جو وقت وڌيڪ ملڻ کانپوءِ همراهه ڪم کي کڻيو ويٺا آهن ڏسون ڇا ٿو ٿئي، فضل سبزوئي لکيو ته اليڪشن کٽڻ کان پوءِ چونڊيل ميمبر گم ٿي ويا شهر جي مختلف علائقن ۾ نالين جو گندو پاڻي بيٺل آهي منھنجو ھڪ ميمبر جي گهر آڏو گذر ٿيندو آهي

سندس گهر آڏو نالي جو گندو پاڻي بيٺل آهي، دليپ ڪمار لکيو ته ووٽ وٺي غائب ٿي ويا ٻيو ته ڪجهه ناھي ڪيو رڳو مڇرن جو اسپري ڪرائين ته به بھتر آهي مڇرن جو آزار آهي تعلقي سنڌڙي ۾، ساگر علي رضا لکيو ته ڳوٺ سيد آڳيڏنو شاھ، ڳوٺ محمد صديق اوٺار ،ڳوٺ اسحاق ملاح ۽ يوسي مراد پور تعلقي ۽ ضلعي سجاول جا سمورا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن، ضلعي سجاول جا سياسي نمائندا گهري ننڊ ستل آهن، ڪنهن به اڃان تائين اسان جي علائقي جي سار سنڀال ناهي لڌي ايستائين جو اسان جا ڳوٺ هن وقت به برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن مکين ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ڪيترائي ماڻهو مليريا توڙي گيسٽرو جهڙن موذي مرضن ۾ مبتلا آهن. نثار احمد سمون لکيو ته اهي ڪوڙا نڪتا آهن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته جيڪي نوان چونڊجي آيا آهن انهن جو چوڻ آهي ته اسان اڃان حلف نه کنيو آهي نه ئي بجيٽ آهي پراڻن اڳ ۾ ئي ڪم نه ڪيو هاڻ ڪهڙو ڪندا برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهيا آھن، نارائڻ سنڌي لکيو ته اها ڳالھه واضع آهي ته چونڊيل نمائيندو جيڪو وڏيرو آهي اهو پنهنجي وڏڙن جي ڏنل ستي تي هلندو باقي رهي ڳالھه عوام جي سو اڳئي ئي پيو سور کائي،ان جي ڪري نوجوانن کي موقعو ڏجي ته ڪجھه قدر حالت بهتر ٿي سگهي ٿي، ذلفي چانڊيو لکيو ته چونڊجي آيل چيئرمينن اڃان حلف ئي ناهي کنيو پوءِ ڪجھه چيئرمين پنهنجي گهران خرچ ڪري يونين ڪائونسل جي ڳوٺن مان برسات جو پاڻي ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن، اسلم وساڻ به سروي ۾ حصو ورتو، الياس سمون لکيو ته فوٽو سيلفين ۾ ۽ ڪوڙ ۾  اڳتي آھن باقي ڪم زيرو آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته ڪارڪردگي ڪا به نه آهي بارشن انهن کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو آهي، نماڻو نوناري لکيو ته انهن جي هٿ ۾ ڪجهه به  نه آهي، ڌرمون لال لکيو ته اسان جي چيئرمين اڃا تائين حلف ناهي کنيو، انور راجا لکيو ته ووٽ وٺڻ بعد غائب آهن، ميمڻ واجد علي لکيو ته انهن کي حلف ته کڻڻ ڏيو.