پارليامينٽ جا سمورا معاملا عدالتن ۾

0
185
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ هونئن ته نالي ۾ پارلياماني جمهوريت آهي پر جيڪڏهن حقيقي طور ڏٺو وڃي ته سڀني ادارن کان سپريم ۽ مٿانهين انهي پارليامينٽ جي معاملن ۾ سدائين ٻيا ادارا مداخلت ڪندا رهيا آهن ۽ پارليامينٽ ۽ پارليامينٽرين اها سڄي صورتحال بي وسي ۾ ڏسندا رهندا آهن.ان جو سبب به سياسيتدانن جا اهي عارضي سياسي مفاد آهن جن جي ڪري اهي نه رڳو ٻين کي مداخلت جو موقعو ڏيندا آهن بلڪه انهن کي مداخلت جي دعوت به ڏيندا رهياآهن. هاڻي به ڪجهه اهڙو ئي ٿي رهيو آهي جو ڪو به سياسي معاملو پارليامينٽ ۾ آڻڻ بدران سياستدان رڳو عدالتن ڏانهن کڻي وڃن ٿا.جنهن ڪري اسيمبلي اجلاس سڏائڻ کان وٺي بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ۽ وڏي وزير جي چونڊ ۽ ان کي حلف کڻائڻ جو وقت ۽ ڪير حلف نه کڻائي ته پوءِ ڪير حلف کڻائي وارا فيصلا به عدالت طرفان جاري ڪيا پيا وڃن. جيڪڏهن اهي سڀ معاملا عدالتن ۽ ٻين ادارن جي ذريعي ئي هلڻا آهن ته پوءِ باقي پارليامينٽ جي خودمختياري ۽ آزادي ڪٿي وڃي بچي ٿي؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي سياسي ڌرين کي سوچڻ گهرجي.

ملڪ ۾ هڪڙو سياسي ڀونچال آيل آهي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سڀني ايم اين ايز نئين وزيراعظم جي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪري استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو .جنهن مان تازو يارنهن ايم اين ايز جون اسپيڪر استعيفائون قبول ڪري اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيون  آهن جن کي اليڪشن ڪميشن ڊي نوٽيفاءِ ڪري انهن مان نون سيٽن تي ضمني چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته ٻه سيٽون عورتن جون مخصوص سيٽون هيون.جنهن شيڊيول تي اعتراض ڪندي پي ٽي آءِ ان کي هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.هنن جو چوڻ آهي  ته سڀئي استعيفائون گڏ منظور ڪيون وڃن. جڏهن ته ممنوعه فنڊنگ عرف عام فارين فنڊنگ ڪيس تي به اليڪشن ڪميشن فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي به پي ٽي آءِ عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.هوڏانهن پشاور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽن پارليامينٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوٽيس جاري ڪيو آهي. اهي ۽ ان کانسواءِ پارليامينٽ جا ٻيا ڪيترائي معاملا آهن جيڪي عدالتن ۾ يا ته شنوائي هيٺ رهيا آهن يا اڃا تائين انهي بابت شنوائيون هلي رهيون آهن، جيئن نيب قانون ۾ ترميم جو معاملو آهي اهو به عدالت ۾ شنوائي هيٺ آهي.مطلب ته انهي مان اهو ٿو لڳي ته پارليامينٽ ڪو خودمختيار ادارو ناهي ۽ ڪير به انهي جي ڪارروائي کي ڪهڙي به وقت عدالت ۾ کڻي وڃي سگهي ٿو.جڏهن پارليامينٽ جا گهڻا معاملا عدالتن جي ذريعي هلڻ لڳا ته حڪمران ڌر دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾  ادارن جي مبينا مداخلت جو معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اُٿارڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته مون اسپيڪر ۽ سينيٽ  چيئرمين کي پارليامينٽ کي بچائڻ جي حوالي سان خط لکيا هئا پر مون کي ٻنهي مان ڪنهن به جواب ناهي ڏنو، ادارا آئين ۾ طئه ڪيل حدن کان  ٻاهر نڪري هڪ ٻئي جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني ناهي، خودمختيار ادارو آهي، توهان پارليامينٽ جي ڪارروائي کي التوا ۾ نه ٿا رکي سگهو، ڇو ته اهي ڪاميٽيون پارليامينٽ جو حصو آهن، هن چيو ته ان مامري کي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري بحث ڪرايو وڃي، قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان کي پنهنجي خودمختياري کي عدالتي يا ڪنهن ٻئي اداري جي  مداخلت کان محفوظ رکڻو آهي.

اسان سمجهون ٿاته پارلياماني جمهوريت ۾ سڀني کان وڌيڪ مٿانهون ۽ سپريم ادارو پارليامينٽ ئي هوندو  آهي جنهن مان ٻيا ادارا جنم وٺن ٿا جڏهن اهو ادارو ئي خومختيار ٿي ڪم نه ڪري سگهي ته پوءِ ڪيئن جمهوريت جي اسرڻ ۽ نسرڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي.ان جو ذميوار ڪي ٻيا ادارا نه پر اهي ئي سياستدان آهن جيڪي پنهنجي اختيار ۽ طاقت تي مخصوص مفادن لاءِ سمجهوتو ڪن ٿا ۽ عارضي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جا معاملا پاڻ ۾ حل ڪرڻ بدران عدالتن ۽ ٻين ادارن ڏانهن کڻي وڃن ٿا تنهن ڪري  ٻين ادارن کي به مداخلت جو موقعو ملي ٿو.