ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا!

 

(حصو ٻيون)

در محمد “ڪمال” ملازمت جي شروعات 1963ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾ حيدرآباد مان ڪئي، نور محمد مڊل اسڪول حيدرآباد جو هيڊ ماستر به ٿيو. ساڳئي وقت ۾ صحافت جي شروعات ڪندي “نواءِ سنڌ” اخبار سان وابسته ٿيو. بعد ۾ “الوحيد” جي ٻئي دور ۾ اخبار جو سب ايڊيٽر ٿيو، 1974ع ۾ “آفتاب” جو پهريون پرچو به پاڻ ايڊٽ ڪيو، جڏهن ته ان عرصي دوران “اديون” رسالي جي ايڊيٽنگ به ڪيائين. سيد سردار علي شاهه جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار روزاني “مهراڻ” ۾ خدمتون انجام ڏيڻ سان گڏ روزاني “خادم وطن” ۾ به ڪم ڪيائين. 1974ع ۾ روزاني “عبرت” ۾ سب ايڊيٽر ٿيا. اپريل 1976ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر مقرر ٿيي. 1979ع ۾ جڏهن مولانا وسيع مظهر ندوي حيدرآباد جو ميئر هو، تڏهن پاڻ ڊيپوٽيشن تي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پي. آر. او مقرر ٿيا. 1979ع ۾ واپس اطلاعات کاتي ۾ آيا.1981ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين ۾ پي. آر. او مقرر ٿيا. ان عرصي دوران لاڙ بابت تحقيقي مضمونن جي مقابلي ۾ حصو وٺي “لاڙ جو لعل” ايوارڊ حاصل ڪيائون. اهو مقابلو سنڌي ادبي سوسائٽيءَ پاران شيخ محمد سومار جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو. 1986ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انفارميشن بدين مقرر ٿيا. 1989ع ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد جي اضافي چارج کين ملي. 1990ع ۾ باقاعدي کين انفارميشن حيدرآباد جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيا. 1995ع ۾ کين انفارميشن آفيس ميرپور خاص بدلي ڪيو ويو. 1997ع ۾ ٻيهر حيدرآباد ۾ انفارميشن ڊائريڪٽر جو عهدو سنڀاليائون. 2001ع ۾ وزير اعليٰ سنڌ جا پريس سيڪريٽري رهيا. 2003ع ۾ ڪراچي ۾ اطلاعات کاتي جا ڊائريڪٽر ٿيا. ان بعد حيدرآباد بدلي ٿي آيا. 2007ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائون. در محمد “ڪمال” ڪيتري عرصي کان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي تي به ڪم ڪندا رهيا. سندن لوڪ ادب سان خاص دلچسپي رهي. سندن ئي ڪوششن سان شاهه لطيف جي سالياني عرس تي 1995ع کان سگھڙن جي ڪچهريءَ جو سلسلو شروع ٿيو. پاڻ “پنهنجو گهر” نالي سان ميوزم به ٺاهيو، جنهن ۾ گھريلو استعمال ۽ ثقافتي پسمنظر جا سوين آئٽم موجود هئا، بعد ۾ اهو سمورو سامان سنڌ ميوزيم حيدرآباد کي ڏنائون.(جاري)

 

احمد رضا ماڇي/ٺٽ سولنگي، نوشهروفيروز

 

سيوهڻ  لال جي نگري ۾ ڏوهارين جو راڄ، امن ڪير ڪرائيندو؟

 

ڏوهاري، ڏوهاري هوندو آهي، ننڍو هجي يا وڏو پر سندس عادت ڏوهه ڪرڻ ئي هوندي آهي، سنڌ پوليس ۾ پڙهيل لکيل آفيسر ڪم ڪن ٿا، انهن آفيسرن جي ڪري وڏا ڏوهاري ۽ ڌاڙيل گرفتار به ٿيا آهن ته مبينا مقابلن ۾ مارجي به ويا آهن، ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته وڏا ڏوهاري گرفتار نٿا ٿين، يا مبينا مقابلن ۾ ماريا نٿا وڃن پر چورين ۽ ڦرن ۾ ملوث ڏوهارين کي ڇو نٿو پڪڙيو وڃي؟ اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر انهن وٽ ڪهڙو جادو آهي جو اهي پوليس کي ڪارو ڪپڙو اکين تي ڏئي گُم ٿي وڃن ٿا ۽ پوليس خاموشي اختيار ڪري ويهي ٿي رهي. انهن جو ڪم صرف عام ماڻهو کي نقصان پهچائڻ هوندو آهي، سنڌ ۾ امُن امان جي حوالي سان ڪيترن ئي آفيسرن وڏا ڏوهاري مقابلي ۾ ماري پريس ڪانفرنسون ڪري سنڌ جي عوام جي دلين ۾ بهترين آفيسر هجڻ جي جاءِ ٺاهي پر ڪي مقابلا ڪوڙا هجڻ ڪري ان ئي پوليس کان سنڌ جو عوام نفرت پڻ ڪري ٿو. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڏين ڏوهي وارڌاتن ۾ ته گهٽتائي آئي آهي پر سيوھڻ تعلقي جو عوام ڏوهارين جي بندوق جي نشاني تي آهي. ضلعي ۾ ننڍا وڏا ڏوهه روز جي بنياد تي جاري آهن، انهن ڏوهن کي روڪڻ لاءِ پوليس وٽ خاموشي کان سواءِ ڪوبه چارو موجود نه آهي، ڦورو هجن يا چور، قتل ڪيسن ۾ گهربل قاتل هجن يا انهن کي پناهه ڏيندڙ ماڻهو، انهن کي پوليس پڪڙڻ ۾ ناڪام ته وئي آهي پر انهن خلاف پيرو به نه پئي کڻي، جيئن اهي جيل جي سيخن جي پويان بند ٿي سگهن. گذريل ڪجهه وقت کان سيوھڻ تعلقي ۾ ڏوهارين جو راڄ قائم ٿي ويو آهي، ڦر متاثر حد جي ٿاڻن ۾ پاڻ سان ٿيل واقعن جي اين سي يا ڪيس داخل ڪرائن ٿا پر پوليس وٽ خاموشي کان سواءِ ٻي ڪا به اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ناهي. جهڙيءَ ريت ضلعي ۾ هڪ مهيني ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، پوليس ڏوهارين خلاف اهڙي تيز ڪارروائي نٿي ڪري، جنهن سان عام ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهي، هر وقت موٽرسائيڪل وارن، گهرن، دڪانن جي مالڪن کي پريشاني رهي ٿي ته خبر ناهي ته ڪير ڪڏهن اچي هٿيار کڻي سامهون بيهي ۽ اسان لاوارث بڻجي ڦرجي لُٽجي وڃون، مارجي وڃون. ڪچي ۽ پڪي جي مڙني ٿاڻن جي حدن مان هڪ مهيني ۾ سوين مختلف ڏوهه ٿيا آهن، سنڌ ۾ تقريبن پوليس پوسٽن تي به نوان ڀرتي ٿيل اي ايس آءِ مقرر ٿيل آهن پر پوءِ به نه ڄاڻ ڇو اهڙيون وارڌاتون ٿين ٿيون جنهن سان عام ماڻهو جو لکين رپين جو نقصان ٿي وڃي ٿو ۽ انهن جو ازالو به نٿو ٿئي.

 

انجنيئر وسيم چنا/ سيوهڻ

 

ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪريو!

 

درياهه ۾ لاڳيتي چاڙهه جي ڪري ڪچي جا ڍنڍون ۽ ڍورا ڀرجي ويا آھن، ڪچي جا ڳوٺ مڪمل ٻڏي ويا آھن، ڪچي جي ڳوٺن جو شھرن سان رابطو ڪٽي ويو آھي، ڪچي ۾ ٻوڏ جو پاڻي پھچي ويو آھي، ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا آھن. ڳوٺاڻن جا فصل به پاڻيءَ ٻوڙي ڇڏيا آھن پر افسوس آهي جو ضلعي خيرپور انتظاميا تي جو اڃا اگھور ننڊ ستل آھي، ڪچي جا ڪيترائي علائقا ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا آھن، ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ۾ ڦاٿل آھن، ڪچي جا روڊ رستا مڪمل طرح پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا آھن، متاثر دربدر آھن، اڃا تائين ضلعي انتظاميا امدادي ڪئمپون قائم ناھن ڪيو، ڪچي جا ماڻھو پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ٿي رھيا آهن، ھن وقت تائين ضلعي انتظاميا پاران ڪي به جوڳا انتظام نظر پيا اچن، ڪچي جي بچاءَ بندن تي ڪئمپون قائم ڪيون وڃن، ريسڪيو عملي کي الرٽ رکيو وڃي، جيئن متاثرن جي وقت سر مدد ڪري سگھجي، ڪچي جي ماڻھن کي جاني ۽ مالي نقصان کان بچائي سگھجي. سنڌ حڪومت کي بلوچستان واري صورتحال مان سنڌ  حڪومت کي سکڻ گھرجي، ضلعي انتظاميا کي ٻوڏ بابت تڪڙا اپاءَ وٺي خيرپور ضلعي جي ڪچي وارن علائقن ۾ جلد کان جلد ريسڪيو ٽيمون موڪلڻ گھرجن، جيئن وقت سر ٻوڏ جي صورت حال کي منهن ڏئي سگھجي ۽ ڪنهن وڏي نقصان کي منهن ڏئي سگھجي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

نيوسعيدآباد شھر جو نوگو ايريا بڻيل مندر محلا!‎‎

 

ٻه سال اڳ مندر محلي جي جذباتي جٿي سومرا محلي جي نوجوان تي الزام لڳائي ڏنڊا سريا کڻي سندن گھرن تي ڪاهه ڪري ڏني، نوجوان کي ڪٽيندا سٽيندا وچ شھر مان وڏو جلوس ڪڍي سوين ماڻھن جي وچ مان ماري ڪٽي ٿاڻي تي اڇلائي آيا، ڪو به ڪونه ڪڇيو، نڪو داد، نڪو فرياد. وري گذريل خميس جي رات جو درويش نوجوان ذھني طور معذور دستگير عرف پپو ميمڻ کي مندر محلي جي جٿي ڏنڊا سريا ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي پوءِ پوليس کڻي تعلقي اسپتال نيو سعيد آباد پڃايو، جن وري کيس حيدرآباد ريفر ڪيو. پوليس پنهنجي مدعيت ۾ ايف آءِ ار داخل ڪري ڪجھه ماڻھن کي گرفتار ڪيو. ميمڻ برادريءَ جي ماڻھن موجب پوليس اصل جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي آھي، ان ڪري اھي گم ٿي ويا آھن. ڪنهن کي به ڪو ڪنهن تي اعتراض آھي ته پوليس ٿاڻا کليل آھن، مندر محلي وارن کي ڪنهن اختيار ڏنو آھي ته جٿا ٺاھي ڪنهن به ماڻھو تي تشدد ڪن؟ افواهه آھن ته اصل ڏوھاري گم ٿي ويا آھن، خبر ناھي ھن درويش جي خون جو ڪنهن کان انصاف گھرجي؟ مندر محلي جي جٿن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.

 

غلام مصطفيٰ رند/سعيد آباد، مٽياري

 

اسٽيل مل مان اربين رپين جو مٽيريل چوري!

 

ملڪ ۾ فولاد تيار ڪرڻ واري سڀ کان وڏي صنعت پاڪستان اسٽيل مِل مان اربين رپين جي ماليت جو مٽيريل چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. روس جي سهڪار سان قائم ٿيڻ واري اسٽيل مل جو بنياد 1973ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو رکيو پر ان جو افتتاح 1985ع ۾ جنرل ضياءُالحق ڪيو. اها حڪمرانن ۽ مل انتظاميه جو حوس ئي چئبو ته اها فولاد تيار ڪرڻ واري وڏي صنعت شروعات کان ئي خساري ۾ رهي. اسٽيل مل چيئرمين ڪير به رهيو پر اسٽيل مل بدانتظامي ۽ بدعنواني جي الزامن هيٺ ئي رهي. جنهن ڪري خساري ۾ هجڻ ڪري حڪومت ان کي خانگي شعبي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏنو. اڳوڻي صدر جنرل مشرف جي دور ۾ اسٽيل مل توڙي جو لٽمار هجڻ ڪري پنهنجا قرض وڏي حد تائين لاهڻ ۾ ڪامياب رهي ۽ منافعو ڪمائڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي هئي پر سياسي حڪومتن جي دور ۾ نه رڳو ان جو خسارو وڌڻ شروع ٿيو پر سياسي مفادن لاءِ مل کي به بند ڪيو ويو. هاڻي ڳالهه اها آهي ته اها سياسي اشرافيه اسٽيل مل کي ڀڳڙن مُٺ تي وڪڻڻ جو ارادو به ڪيو آهي. تنهن سان گڏ اسٽيل مل ۾ اربين رپين جي چوري جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ٿيندڙ ڪرپشن جي شفاف جاچ ڪرائي بدعنواني ۽ چوري ۾ ملوث ماڻهن کي قانوني گرفت ۾ آڻي تان جو اڳتي ڪنهن کي به هن قومي خزاني کي لٽڻ جي جرئت نه ٿئي.

 

محمد اسلم ماڪو /خيرپور

 

سيھڙ منشيات فروشن جي محفوظ پناهه گاهه بڻيل!‎‎

 

جيئن ته منشيات فروشي سنڌ جي سڄي وجود کي ڪوڙهه جيان وڪوڙي ورتو آهي، پوليس ۽ اينٽي نارڪوٽڪس جو ڪردار زيرو آهي، اڪثر ٿاڻا منشيات فروشن پاران ملندڙ ڀتي تي ھلڻ لڳا آهن، اسان جي ڳوٺ سيھڙ جا ڪيترائي نوجوان ڊرگس جا عادي بڻجي ويا آهن، اسان ڪيترائي ڀيرا سيھڙ پوليس، تعلقي ڏوڪري جي ڊي ايس پي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ايس اس پي کي منشيات روڪرائڻ لاءِ درخواستون ڏنيون، جيڪڏهن انهن درخواستن تي وقتائتو عمل ٿئي ھا ته ڪيترائي نوجوان ڊرگس جھڙي زھر ۾ پنهنجون زندگيون برباد ڪرڻ کان بچي پون ھا پر يقين ڪريو جڏهن اسان پوليس جي اعليٰ آفيسرن وٽ منشيات جي آزار خلاف درخواست کڻي ويندا آھيون ته اھي اسان جي سامھون سوين مجبوريون بيان ڪندا آهن، انهن وٽ ڪو پلان ئي نه ناهي ھوندو، جن جون ڳالھيون ٻڌي اسان اچرج ۾ پئجي ويندا آھيون ته ھنن کي سيڪيورٽي ادارن ۾ ڀرتي ڪيئن ۽ ڪھڙي اھليت جي بنياد تي ڪيو ويو آهي؟ اسان ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان سوال ٿا ڪريون ته جنهن جو ٻچو منشيات جو عادي بڻجي پنندو ان جي امڙ جي دل تي ڇا گذرندي؟ ڪڏهن اھو احساس ڪريو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو صاحب ڊي ايس پي ڏوڪري صاحب ۽ ايس ايڇ او سيھڙ صاحب، خدارا سيھڙ مان منشيات فروشي جو مستقل بنيادن تي مڪمل خاتمو ڪرايو، منشيات اسان جي ڳوٺ کي تباهه ڪري ڇڏيندي. اڄ جيڪڏهن توهان قانوني قدم نه کنيا ته پوءِ شايد تمام گهڻي دير ٿي ويندي ۽ وڌيڪ ڪيتريون ئي زندگيون منشيات کائي ويندي. ايس ايس پي صاحب سوچيو! جيڪو ڪم توهان جي فرضن ۾ شمار آهي، ان جي لاءِ به اسان کي ايلاز ڪرڻا ٿا پون سو آخر ڇو؟ جيڪڏهن توهان صرف منشيات فروشي به ختم نٿا ڪرائي سگھو ته توهان جي وردي جو اسان کي ڪھڙو فائدو؟ اسان عوام جي پگھر جي پئسن مان اوھان جون پگھارون اچن ٿيون، اسان کي پرامن ۽ صاف سٿرو ماحول فراھم ڪرڻ اوھان جي ذميواري آهي، اسان منشيات کان پاڪ سيھڙ چاھيون ٿا ۽ اميد ٿا ڪريون ته پوليس ھن ڀيري روايتي طور طريقا استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري صحيح معنى ۾ منشيات جھڙي لعنت مان سيھڙ واسين جي جند آجي ڪرائيندي.

 

مور چانڊيو/سيھڙ

 

ٿر ۾ سانوڻ ميلي جو انعقاد!

 

واجهائي وطن کي جي آئون هت مئياس،

گور منهنجي سومرا ڪج پنوهارن پاس،

ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه کي منهنجا ولڙين واس،

ميائي جياس ته وڃي مڙهه ملير ڏي.

شاهه لطيف

سنڌ جي تاريخ، تمدن، ثقافت، ادب، تهذيب، لوئي ۽ لڄ جي عظمت جي شاهڪار شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سورمي مارئي جي ملڪ ملير جي تاريخي شهر ڪارونجهر جبل جي علائقي ننگر پارڪر ۾ سانوڻ ميلو لڳائڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن. حسب عادت ڪي ماڻهو حمايت ۾ ته مخالفت پيا ڪن. ٿر ۾ لڳندڙ فيسٽيولز جي مخالفت پھريون ڀيرو نه پئي ٿئي، گاڏين جي ريس ھجي يا مارئيءَ جو ميلو، ٿر جا ڪافي ماڻهو ان کي ناڪاري انداز ۾ پيش ڪندا رھيا آھن. ھاڻ اھڙين تقريبن جي مخالفت ڄڻ فيشن يا وري ٿر جي ماڻھن سان ھمدردي وارو جذبو سمجھي ويندي آھي پر اصل ۾ اھڙا ميلا ٻين علائقن جي ماڻھن کي پاڻ طرف ڇڪڻ جو سبب بڻجن ٿا، جنهن سان مقامي ماڻھن جي روزگار جا وسيلا وڌيڪ زوروٺن ٿا پر اسان جي سنڌ ۾ سياحت مان ڪمائڻ وارو تصور پنهنجا بنيادي ڏاڪا ئي عبور ناھي ڪري سگھيو پر ھي سانوڻ ميلو ضرور لڳڻ گھرجي. انتظامي خاميون کوٽون به ٿينديون، انهن مان به ڪجهه سکبو آهي، ميلي دوران نوجوانن ۽ سرندي وارن کي گهرجي ته اھي ٽينٽ، گيسٽ ھائوس جوڙين، ريسٽورينٽ ٺاھي صاف سٿرو ۽ مناسب اگھه وارو کاڌو مھيا ڪن. گيسٽ ھائوسز ۾ گرمي کان بچاءَ لاءِ اپاءَ وٺڻ گھرجن، ان کان سواءِ ڪارونجھر جھڙي قدرتي ماحول کي گند ڪچري، پلاسٽڪ جي ٿيلھين کان بچائڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي سان گڏجي ڊسٽ بنز جو بندوبست ڪجي. مختلف ماڳن تي عارضي ٽوائليٽس ۽ باٿ رومز جو بندوبست ھجي جيئن اڪثر تبليغي اجتماعن ۾ ٿيندو آهي، پڙهيل لکيل مقامي ماڻھن کي گائيڊ طور ٽرينڊ ڪري سگهجي ٿو، جيڪي ڪارونجھر جا مختلف پاسا ماڻھن کي گھمائي ان بابت ڄاڻ ڏئي سگھن ۽ تجويزن وسيلي سموري ٿر ريگستان ۾ سياحت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جامع پلان جوڙيا وڃن. ان کان سواءِ ان موقعي تي ٿر جي تاريخ ۽ تاريخي ماڳن ڀالوا، ويڙهي جهپ، ڏيپلو، ننگر پارڪر، (ڪاسبو جتي نهري پاڻي تي فصل پوکجي ٿو) بابت سنڌي اردو ۽ انگريزي زبان ۾ خوبصورت تصويرن سان مختصر ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڄاڻ تي ٻڌل ڪتاب نما پمفليٽ شايع ڪري ايندڙ ماڻهن ۾ مفت ورهايا وڃن، جيڪي مختلف ادارا به ڇپرائي سگهن ٿا. سرڪار کان مطالبو ڪجي ته اھا ان ڏس ۾ قدم کڻي، ھن ميلي جو نالو ڇاڪاڻ ته سانوڻ ميلو آھي، اھڙي ريت ٻين مناسب مندن ۾ به ٿرپارڪر سميت اڇڙي ٿر کان وٺي سکر ۽ گھوٽڪي جي روھي تائين اھڙا فيسٽيول سجائي سگھجن ٿا.

 

شير محمد ملڪاڻي/ ٿرپارڪر

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

منهنجي ڪاليج جو سفر، (سفرنامون)!

 

(حصو ٽيون)

ڪجھه دير کان پوءِ سر علي گوهر ڪلاس ۾ آيو ۽ چيائين ته Xi جي ڇوڪرن جي ٽيم جو ڪپتان محمد سميع سولنگي آهي، ته ان ڳالھه تي منهنجي دوست محسن نارائي کي ڪجھه ڪاوڙ لڳي، ڇو ته هن جي ذهن ۾ هو ته ڪپتان کيس بڻايو ويندو پر ايئن نه ٿيو ۽ منهنجي ڪپتان ٿيڻ کان پوءِ محسن تياري ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ آخري ڏينهن تائين ڪجھه به ياد نه ڪيائين هلو سائين ڏينهن گذريا ۽ پروگرام جو ڏينهن پهچي ويو ۽ پروگرام واري رات ڏاڍو مينهن وسيو، سو اسان سر علي گوهر ڏي ميسيج ڪيو ته سر پروگرام آهي يا ڪينسل ٿي ويو؟ سر ڏاهري صاحب کان پڇي ٻڌايائين ته نه پروگرام ڪينسل ناهي ٿيو، پروگرام ٿيندو سو اسان به تياري ڪري نڪتاسين، وڏي ڳالھ ته منهنجي ٽيم جي مخالف منهنجي ڀيڻ جي ٽيم هئي، XII Girls جي ٽيم. ٻنهي گهر ۾ سڄو ڏينهن سواال ۽ بيت ياد ڪيا هئا، پروگرام شروع ٿيو ته مينهن وسڻ به شروع ٿيو ۽ مون پروگرام کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ محسن نارائي جي دانهن سر علي گوهر کي ڏني هئي ته سر هي ياد ئي نٿو ڪري، هن کي چئو پر ڪوبه فائدو نه ٿيو. جڏهن پروگرام ۾ مقابلي جو سيگمينٽ آيو ته منهنجي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو ڇو ته مان پنهنجي آواز جي ڪري ڇوڪرين جي سامهون ته صفا گهٽ ڳالهائي سگهندو هئس ۽ اتي ڪيتريون ئي ڇوڪريون هيون ۽ اسان جي ٽيم ۾ مون کان سواءِ ڪنهن کي به ڪجھه ياد ڪونه هو ۽ ڳالهائڻو به لائوڊ اسپيڪر تي هو ۽ ٻيو وري مقابلو به ڇوڪرين سان ۽ مقابلي جو پريشر به هو، هڪ ڪپتان جي حيثيت سان، مقابلو شروع ٿيو ته اول سڀني تعارف ڪرايو، مون به ڪرايو ۽ پوءِ سوال جواب شروع ٿيا، اسان ڏانهن هر سوال جو جواب مان پيو ڏيان ۽ سامهون منهنجي ڀيڻ، هر سوال جي جواب کان پوءِ وڏيون دانهون ۽ رڙيون پيو ٿين ۽ تاڙين جي وٺ وٺان لڳي پئي هجي، مون کي هڪڙو سوال سمجھه ۾ نه آيو، سر وارن اهو غلط ڪيو ۽ ٻئي سوال جو جواب نه آيو، سو اسان جا ٻه سوال غلط ٿيا ۽ ڇوڪرين جو هڪڙو سوال غلط ٿيو، ايئن اسان هارائجي وياسين ۽ ڇوڪريون کٽي ويون ۽ ڇوڪرين جي طرف کان ڏاڍي هوٽنگ ٿي ۽ عزت جو جنازو ڪڍيو ويو، جيڪا ڪاليج جي لائيف ۾ منهنجي ٻين ۽ يادگار بيعزتي ٿي.(جاري)

 

عبدالسميع سولنگي/حيدرآباد