سوال/سروي مهانگائي جو طوفان آڻڻ بدران رليف ڏنو وڃي، عام واهپي جون شيون سستيون ڪيون وڃن: عوام

0
123
سوال/سروي مهانگائي جو طوفان آڻڻ بدران رليف ڏنو وڃي، عام واهپي جون شيون سستيون ڪيون وڃن: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار پاران عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پاران بجيٽ ۾ امپورٽڊ موبائل فون، گاڏيون، گهريلو سامان مهانگو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، حڪومت جي ان تيارين کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ بجيٽ لاءِ حڪومت کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي ڪرڻ بدران عوام کي رليف ڏنو وڃي، عام شين جي اگهه نه وڌايا وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي  قربان ديناري لکيو ته امپورٽڊ حڪومت اچڻ سان تباھي مچائي ڇڏي آهي انھن کي عوام جو درد ڪونه آھي پنھجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن، شهباز عوام کي بيوقوف بڻائڻ بيان ڏنو هو ته ڪپڙا وڪڻي اٽو سستو ڪنداسين، طارق باجڪاڻي لکيو ته مهانگائي اڳ ئي عروج تي آهي، هي حڪومت هلائن جي لائق نه آهن، آءِ ايم ايف بهاني عوام کي لٽيندا، سيف لکيو ته سيف لکيو ته جتي اسان جو پاڻي پئسن تي ملي اتي هي مهانگائي ڪجهه به نه آھي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته غريب عوام سان ناانصافي آهي ايتري مهانگائي آهي جو غريب ماڻهو 2 ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي جيڪڏهن اڃا به غريب عوام تي مهانگائي جو طوفان آندو ويو ته غريب عوام خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو،

گل حسن شر لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته عوام دوست بجٽ پيش ڪري ماڻھو اڳ ئي مھانگائي جي ڪري پريشان آھن پر منھنجي خيال جيڪي ھن وقت حالتون آھن انھن ۾ رليف مشڪل ملي، بلاول نثار ٻرڙو لکيو ته مهانگائي وڌائڻ بجائي مهانگائي گهٽائين ۽ ورڪرز جي سيلري وڌائين، موجوده پگهار تي ورڪرز جو گذارو مشڪل بڻيل آهي. عبدالغفور سروهي لکيو ته عمران سرڪار خلاف مهانگائي کي بنياد بڻائي احتجاج، لانگ مارچ ۽ بي اعتمادي رٿ آڻيندڙن کي اهڙي پاليسي آڻڻ تي شرم اچڻ گهرجي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته حڪومت بوکلائجي وئي آهي، استعيفائون ڏئي گهر وڃڻ گهرجي، عابد ڀٽي لکيو ته بلڪل اهو ٿيڻ کپي، گاڏيون، موبائيل مهانگا ٿيڻ گهرجي باقي ٻين عام واهپي وارين شين تي رليف ڏيڻ گهرجي،مير سڪندر سولنگي لکيو ته ھن حڪومت چيو ھيو ته اسان مھانگائي گھٽ ڪنداسين رڳو عمران لھي پر هي به ساڳيا هڪجهڙا آهن، مختيار علي ڏاهاڻي لکيو ته وڌيڪ مهانگائي ڪرڻ سان جنهن جو معاشي ذريعو زراعت سان آهي هاري ناري ۽ غريب طبقي کي وڌيڪ تڪليف پهچندي، حڪومت کي گهرجي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب ماڻهن کي بچايو وڃي، شاهنواز سولنگي لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته ٽيڪس روينيو ڪليڪشن واري نظام ۾ بھتري ۽ ڪرپشن جي اثرائتي روڪٿام ڪري. عام واھپي جي شين ۾ رليف ڏيئي، ممتاز علي سميجو لکيو ته بلڪل عوام کي رليف نه ڏيو ڇو ته اوهين پاڻ ۾ کائڻ وارا گهڻا آهيو،

عبدالستار ملڪ لکيو ته موبائيل فون ۽گاڏيون چئوڻ تي مھانگيون ڪيون وڃن غريب ماڻھو ته وٺي نه سگھندو، وقار حسين لکيو ته هاڻ حڪومت ڪرڻ هنن جي وس کان ٻاهر آهي، هنن کي گهرجي ته استعيفا ڏئي گهر هليا وڃن، اسد انڍڙ لکيو ته ان سنگت کان راءِ وٺو جيڪي عمران حڪومت ۾ روز صبح شام ڪلڪيوليٽر بڪ پينسل گڏ کڻي گهمندا هيا اڃان عمران وارا صلاح ڪندا هيا هي ريٽ وڌائي شروع ٿي ويندا هيا قوم کي مهانگائي تي مفيد مشورا ڏيندا هيا، ياسر کٽياڻ لکيو ته حڪمرانن عوام جو رت پي ڇڏيو آهي، وفا اظهر علي لکيو ته خبر ناهي عوام جي مٿان ڪھڙو پلاند رھيل اٿن، عبداللطيف نهڙيو لکيو ته گاڏيون مھانگيون ٿيڻ سان فرق نه پوندو صرف کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪريو، ايم حسن سوهو لکيو ته چور مڙهيل آهن عوام مٿان، ممتاز علي لاکو لکيو ته الله خير ڪري باقي سڀ ظالم هڪ جهڙا آھن، لجپت راءِ لکيو ته عوام کي مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙهڻ جون تياريون آهن، شبير سهتو لکيو ته هي سڀ عمران خان جي نااهلي جو ثمر غريب عوام جي مٿان آهي، سمير احمد لکيو ته وفاقي سرڪار کي گهرجي ته کائڻ پيئڻ سستي ڪري، زاهد سيال لکيو ته حڪومت کي ٻڏي مرڻ گهرجي، فاروق السنڌي لکيو ته حڪومت ختم،

فرحان احمد لکيو ته عمران خان جيڪا تباهي ڪري ويو آھي هي سڀ ان جا نتيجا پيا نڪرن، عبدالحئي ساوند لکيو ته سرڪار کي گهرجي ته مهانگائي جي طوفان تي ڪنٽرول ڪري عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ لاٿ ڪري، ننڍي اسڪيل جي ملازمن جون پگهارن ڊبل ڪري، باقي گاڏيون ۽ اميراڻيون شيون ڀلي مهانگيون ڪري ان سان غريب عوام جو ڪو به سروڪار ناهي، محمد رحيم کوسو لکيو ته هي پورو ڪم لاهي ويندا پگهارون به وڌائيندا، شبير کوکر لکيو ته رشوت، ڪرپسن، مهانگائي نامنظور، ممتاز علي ميمڻ لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته هي بجيٽ ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وڃي، شاهجهان بادشاهه نوتڪاڻي لکيو ته وقت ٻڌائيندو، جاويد جان لکيو ته حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري، علي احمد نهڙيو لکيو ته ھڪ اسڪيل جي ملازم جي پگھار ڊبل ڪريو، جنيد جمالي لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته ھي فري ٽيڪس بجيٽ پيش ڪري .عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ڏي. فضل سبزوئي لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري،نادر ابڙو لکيو ته حڪمران عوام ۾ جيڪو بچيل ساھ آھي اهو به ڪڍندا جيڪڏنهن عوامي ڀلائي جي سوچ اٿن ته عام واهپي جون شيون سستيو ڪن ڇو جو سنڌ ۾ بک بدحالي تمام وڌي وئي آھي جنهن ڪري سنڌ جو عوام مهانگائي جي ٿيل طوفان جي سٽ نه سهي سگهندو، فيض احمد لکيو ته اسان جي ملڪ کي کائي تباهه ڪري ويا،

يعقوب کوسو لکيو ته موبائل گاڏيون مهانگيون ڪرڻ سان غريب تي ڪو اثر ڪونه ٿيندو، محمد ايوب لکيو ته ھي حڪومت ته ملڪ ۾ مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ آئي ھئي عمران خان پوڻا چارسال ۾ ايتري ته مھگائي ڪئي جو پي،ڊي،ايم، کي احساس ٿيو عوام جو۽ سوا سال لاءِ سڀ ڪجھه ٺيڪ ڪرڻ لاءِ درجن پارٽين ملي ڪري حڪومت ٺاھي، عوام سان واعدو پورو ڪندا، اسامه سنڌي لکيو ته اهو عمل تمام خراب آھي، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته پھريان ئي آزار ۾ آھيون، الهڏنو راهمون لکيو ته سرڪار کي معاشي تباھي کي منھن ڏيڻ گهرجي، اشفاق چانڊيو لکيو ته هر شيءِ تي ٽيڪس لڳائيندا، نادر علي اڄڻ لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري، علي گوهر سومرو لکيو ته ڪڏهن ڪجھه سستو ٿيو آھي ؟ صدام ڪلهوڙو لکيو ته اسان اڳ ۾ به چيو ھو ته عوام کي ڪجهه ڪونه ملندو، صدام سنڌي لکيو ته مهانگائي ڪٽرول ڪرڻ هنن جي وس ۾ ناهي، عامر کوسو لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪري، منظور زرداري، حاجي محمد جهاڳورو، نقاش احمد، شبير ڪلهوڙو، سجاد علي سنڌي، علي احمد لغاري، راجا مهر، امتياز امر، صدورو مهر، محمد اسماعيل لانگاهه، ارشاد علي بالادي، شاهنواز خشڪ، صنم بلوچ،منيش واسو، مهاوير ٽيڪواڻي، شيراز چانگ، طاهر مري، جاويد احمد، محمد حنيف، عبدالوحيد چنا، عباس ٻرڙو، آزاد اسدالله هنڱورجو، محمد الياس شر، عبدالعزيز کوسو، مظفر شبير بوزدار، عبدالحق لنجواڻي ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.