سوال/سروي عمران حڪومت بدترين قرار: مهانگائي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه نه مليو، نئين حڪومت مان به چڱائي جي اميد ناهي: عوام

0
226
سوال/سروي عمران حڪومت بدترين قرار: مهانگائي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه نه مليو، نئين حڪومت مان به چڱائي جي اميد ناهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران حڪومت ختم ٿي وئي: سندس ڪارڪردگي ڪيئن رهي؟ نئين حڪومت مان ڪهڙيون اميدون آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان جي حڪومت ناڪام رهي، مهانگائي، بيروزگاري، غربت، بک بدحالي کانسواءِ عمران ڪجهه نه ڏنو، نئين حڪومت مان به ڪا چڱائي جي اميد ناهي، اهي اڳ آزمايل آهن. عوام عمران کي بدترين حڪمران قرار ڏيندي نئين حڪومت مان به مايوسي جو اظهار ڪيو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته عمران خان جي حڪومت ناڪام رھي نئين حڪومت مان ڪا به اميد ناھي پ پ جي سنڌ ۾ گذريل 13 سالن کان حڪومت آھي انھن ڪھڙو ڪارنامو ڪيو آھي اسان ھاڻي مڪمل طور مايوس آهيون، بلاول نثار ٻرڙو لکيو ته عمران خان جي ڪاڪردگي خاص نه رهي مهانگائي غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، باقي نئين حڪومت مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي،  حمير خان لکيو ته نئين حڪومت مان ڪابه اميد ناهي، هي سڀ هڪجهڙا آھن، ايڊووڪيٽ سنيل شتروگهن لکيو ته عمران جي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر ھئي پر آزادي سان ڪم نه ڪري سگهيو، ھاڻي واري حڪومت کان اميد اھا آھي ته ايندڙ اليڪشن لاءِ بھتر ڪم ڪري عوام جي دل کٽي نئين حڪومت اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا.

شرف الدين ڪيريو لکيو ته جھڙو به ھيو پر اسان جو پھريون ڀيرو ڪو نئين پارٽي مان وزير اعظم ٿيو ھو جنهن کي ٻن وڏين پارٽين سميت ٻين پارٽين پنهنجي انا خاطر ھلڻ نه ڏنو اميد آهي ته ٻيھر به عمران خان جي حڪومت ايندي، محمد ملاح لکيو ته نئين حڪومت نه آھي هي حڪمران اڳ پاڪستان ۾ حڪمراني ڪري ويا آھن چوڻي آھي اڳ ڪهڙاڦڙا ماريا هاڻ ماريندا هنن کان عمران حڪومت ۾ مهانگائي ضرور هئي پر امن امان هو هاڻي ڏسون ٿا هي حڪومت عوام ڪهڙو رليف ڏيندي، ثناءُالله نظاماڻي لکيو ته بدترين ڪارڪردگي عمران جي رهي، انيس معاويه جتوئي لکيو ته عمران خان جي حڪومت مان اسان مطمئن ھياسين عمران خان جي وڃڻ کان پوءِ آفسوس آهي،خاموش خليل شر لکيو ته عمران خان جي حڪومت مان مطمئن هياسين، مهانگائي، بدامني کانسواءِ ڪجھه نه مليو، هاڻي هن حڪومت مان چڱائي جي اميد رکي ٿي سگهجي ڏسون ٿا ڪهڙو رليف ڏين ٿا، ممتاز علي عمراڻي لکيو ته عمران دور ۾ بک بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي کانسواءِ ڪجهه نه مليو، بابر چانگ لکيو ته اميد عمران حڪومت ۾ هئي عوام تبديلي جي خواهشمند هئي پر عمران ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ بجائي عوام کي مهانگائي جي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو باقي نئين حڪومت جي سياستدانن کي عوام پهرين آزمايو ويٺي آهي هاڻ عوام بک بدحالي سميت سڀ تڪليفون پنهنجو مقدر سمجهي ٿو.

حبيب رتڙ لکيو ته عمران خان جي حڪومت پوري ملڪ کي ڊجيٽل بڻائڻ پئي چاهيو پر سنڌ ۾ سنڌ حڪومت جي مخالف رويي سنڌ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا، نئين ايندڙ حڪومت مان ڪابه بهتريءَ جي اميد نٿي رکي سگهجي ڇاڪاڻ ته نئين حڪومت جو منشور ئي غلامي آهي، ڪريم سولنگي لکيو ته قوم کي ضمانتن تي آزاد ٿيندڙ قومي ڏوهارين ۽ 11 پارٽين جي امپورٽڊ حڪومت مبارڪ هجي، الهڏنو راهمون لکيو ته الهڏنو راهمون لکيو ته اميدن تي دنيا قائم آهي، تجربيڪار ٽيم آهي، عمران کي ٽيم اناڙين جي ملي جيڪا نتيجا نه ڏئي سگهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته عمران خان جي ڪارڪردگي مطمئن ڪندڙ نه هئي هاڻ به ڪا خاص بهتري جي اميد نه ٿي رکي سگهجي، فضل سبزوئي لکيو ته عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ خوشي جھڙي ڳالھه آھي،نئين وزيراعظم شھباز شريف مان ڏتڙيل طبقي جون وڏيون اميدون آهن، شفقت حسين ابڙو لکيو ته عمران حڪومت اسان کي زيرو ڪارڪردگي لڳي ۽ نئين حڪومت ۾ جيڪي ويٺل آهن اھي به اسان جي لاءِ ساڳيا آهن، لياقت علي نهڙي لکيو ته هي نئين حڪومت ناهي پراڻي آهي سڀ آزمايل چهرا آهن هي وڻ وڻ جي ڪاٺي پنهنجن مفادن لاءِ گڏيا آهن پنهنجا ڪيس سڀ معاف ڪرائيندا نيب ختم ڪندا باقي عوام جا مسئلا وڌندا هي پنهنجن وزارتن تي وڙهندا، رياض امر ٻجورو لکيو ته اسان لاءِ پراڻو پاڪستان صحيح آهي، پر ٻيو ڪجھه ڏين نه ڏين پر سَستائي جي اميد رکون ٿا، عرفان گل لکيو ته عمران خان مان عوام کي وڏيون اميدون ھيون پر ڪا ڀلائي نه ڪئي، ان ڪري عوام کيس رد ڪيو،

شاندار احمد مغل لکيو ته عمران مان ڪافي اميدون ھيون سنڌ مان عمران خان کي ڪافي ووٽ مليا پر افسوس عمران خان سنڌ لاء ڪجھ به نه ڪيو، نئين حڪومت مان ڪابه اميد ناھي، نادر ابڙو لکيو ته عمران خان جي ڪارڪردگي عوام لاءِ بهتر نه رهي عوام مهانگائي جي طوفان ۾ ڌڪجي ويو جنهن جو نڪرڻ مشڪل آھي عمران وزيراعظم طور ملڪ لاءِ بهتر ثابت نه ٿيو، ايم موسيٰ سميجو لکيو ته عمران خان پنهنجي دور جو بهترين وزيراعظم ٿي رهيو جن کي ڪرپشن بجاءِ هڪ آمريڪي سازش تحت ڪڍيو ويو نئين حڪومت مڪس آچار آهي، محمد قاسم بجير لکيو ته عمران جي نيت صاف هئي غدارن رهڻ ڪونه ڏنو، قربان ميراڻي لکيو ته سٺو ٿيو تبديلي سرڪار گھر ڀيڙو ٿي، مدثر کهاوڙ لکيو ته عمران خان ناڪام وزيراعظم رهيو جنهن کي پنهنجا اتحادي به ڇڏي ويا، ايوب احمد کوسو لکيو ته نئين حڪومت مان ڪا به اميد ناهي، سڀ آزمايل آهن، عمران خان غلامي کان موت بهتر آهي جو درس ڏنو، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته عمران حڪومت سواءِ ڏکن جي ڪجهه به نه ڏنو، نئين حڪومت ۾ سٺيون اميدون آھن، آسودومل لوهاڻو لکيو ته خان جي حڪومت ساڍن ٽن سالن ۾ ڪوبه تعريف جوڳو ڪو ڪم ڪونه ڪيو رڳو ڊاڙون هنيون عملي ڪم ڪونه ڪيو ايندڙ حڪومت ڏسون ٿا ڇا ٿي ڪري، اسامه سنڌي لکيو ته اميد اها آھي ته ڪجهه شيون جيئن پيٽرول گيھه ڪيتريون ئي شيون سستيون ٿينديون، خالد رضا بجير لکيو ته بهترين ڪاڪردگي تي عمران خان کي خراج تحسين پيش ڪجي ٿي، مير سڪندر سولنگي لکيو ته تمام سٺي ڪارگردگي ھئي پر ٿوري مھانگائي به ٿي، ثناءُالله خاصخيلي لکيو ته بهترين حڪومت رهي، مجيد بوزدار لکيو ته شھباز شريف بهترين وزيراعظم ثابت ٿيندو،

عمران خان جي اناپرستي جي ڪري ملڪ جي معيشت تباهي جي ڪناري تي آھي، ايوب بجير لکيو ته نئين حڪومت مان ڪابه اميد نه آهي اهي چور آهن، صدام سنڌي لکيو ته نئين حڪومت مان ڪا اميد ناهي، اهي آزمايل آهن، شفقت جروار لکيو ته حڪومتون پنهنجو گهر ڀرينديون عوام جي سورن سان هنن کي ڪا دلچسپي ناهي، حبدار علي وارث لکيو ته هر ڪو پنهنجي پيٽ لاءِ ڪري ٿو، انهن مان ڪا اميد ناهي، محمد يونس درس لکيو تهنئين حڪومت مان اميد ٻٻرن مان ٻير گهرڻ برابر آهي، صنم بلوچ لکيو ته عمران خان مهانگائي گهڻي ڪئي، ايمي شاهه لکيو ته ڪا اميد ناهي، عاشق حسين لکيو ته عمران حڪومت ۾ مھنگائي ، بيروزگاري ، لاقانونيت عروج تي پھتي ، نيب ۽ ٻين ادارن جي ذريعي مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو ، ملڪي معشيت تباھ ڪئي وئي ، جيڪي نعرا لڳايا ويا انھن تي عمل نه ڪيو ويو، الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته عمران حڪومت ۾ مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، باقي نئين حڪومت مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، ذاڪر حسين لکيو ته عمران خان جي حڪومت جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي نئين حڪومت جي ڪارڪردگي جو پتو پئجي ويندو ۽ ايندڙ بجيٽ به حڪومت جي لاءِ هڪ چيلنج هوندو،

حافظ خدا بخش انڍڙ لکيو ته عمران عوام کي ڪو رليف نه ڏيئي سگھيو، سليم جمالي لکيو ته اسان کي ڪجهه نٿو گهرجي، راجيش ڪمار به سروي ۾ حصو ورتو، محمد صالح راڄڙ لکيو ته ڪابه ھنن لٽيرن ۽ چورن مان اميد نه ٿي رکي سگھجي، راشد الطاف، سنتوش ڪمار، محمد الياس شر، خادم ايچ سومرو به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته عمران خان جي دور حڪومت بدترين ثابت ٿي. نئين حڪومت به ڪجهه نه ڪري سگهندي، منظور علي زرداري لکيو ته حڪمران پنھنجا ڀڀ ڀريندا غريب عوام ساڳيو سورن ۾ ھوندو، وڪيل حسين جمالي لکيو ته عمران خان جي ڪارڪرگي تمام بهتر رهي، اشوڪ گل به سروي ۾ حصو ورتو، علي رضا وڻجارو لکيو ته عمران سرڪار جي ڪارڪردگي بهتر رهي، وقار حسين لکيو ته نيازي حڪومت سوائي عوام کي پريشانين ۽ تڪليفن جي باقي ڪجهه ڪونه ڏنو، غلام رضا راڄپر، علي اصغر گيراڻو، نعمت الله راهمون به سروي ۾ حصو ورتو، عيدل ڪنڀر لکيو ته نئين حڪومت لاءِ چيلنجز هوندا، اياز علي لکيو ته جمهوريت ۽ عوام عمران خان کي پنج سال حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو هو، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ عوام کي صحت تعليم روزگار سميت ڪنھن به قسم جو ڪو به رليف نه مليو، اقتدار خاطر قانون ساز اسيمبلي ۾ آئيني بحران پيدا ڪيو اڪثريت وڃائڻ باوجود به آخر تائين ڪرسي کي چنبڙيل رھيو.