ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا، 4 ڄڻا مرڻينگ، اسپتال متنقل، ان ڏس ۾ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر سبب صوبدار جتوئي ۽ ضمير جتوئي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو، ٻي طرف ميھڙ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ واٽهڙو شخص زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. هواڏنهن  دعا هوٽل ڀرسان تيز رفتار ڪار جو چنگچي رڪشا سان ٽڪر پيو، جنهن سبب  سعيد ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو.