سوال/سروي … سوشل ميڊيا هيڻي طبقي جو آواز ۽ ظالم لاءِ موت قرار، درست استعمال ڪري بنيادي مسئلا حل ڪرائي سگهجن ٿا: عوام

0
34

دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا جي استعمال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڪھڙا فائدا ۽ ڪھڙا نقصان آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سوشل ميڊيا هيڻي طبقي جو آواز آهي، سوشل ميڊيا جي ڪري ڪيترائي مسئلا حل ٿيا آهن، سوشل ميڊيا جو درست استعمال ڪجي ته فائدا آهن ۽ جيڪڏهن غلط استعمال ڪجي ته نقصان ئي آهن، سوشل ميڊيا جي ڪري ظالم هاڻ ڊڄي ٿو، عوام ۾ وڌيڪ شعور آيو آهي، اهڙي ريت جن کي سوشل ميڊيا جي فائدن جي ڄاڻ آھي اھي ماڻهوَ سوشل ميڊيا ذريعي ڪمائي به ڪري رهيا آهن، شاگردن کي به ڪافي ڄاڻ ملي ٿي، سوشل ميڊيا جي ڪري خبرون به تڪڙيون ملن ٿيون پر ڪوڙين خبرن جو به آزار آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غازي بجير لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ بهترين پليٽ فارم آهي جنهن کي صحيح استعمال ڪري فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا، پر اڄ ڪلھه هي پليٽ فارم هڪٻئي جي پَٽڪي ڌُوڙ ڪرڻ طور بڻيل آهي، سوشل ميڊيا جو ٿيندڙ استعمال معاشري تي ناڪاري اثر ڇڏي رهيو آهي، گلزار ملاح لکيو ته سوشل ميڊيا سڀني خاص ڪري مظلوم هيڻي طبقي لاءِ طاقت ۽ فائدي وارو ٽول آھي، سوشل ميڊيا ۾ ڪوبه نقصان ناهي، پَر استعمال ڪندڙ غَلط طريقي فائدي لاءِ استعمال ڪندو ته خَراب نتيجا ئي ملندا، بابر وساڻ لکيو ته سوشل ميڊيا جو بهتر استعمال ڪرڻ سان ڪافي فائده آهن باقي فضول استعمال ۽ فضول بحثن جي سوشل ميڊيا تي ڇڙواڳيون پيدا ٿين ٿيون، علي عباس جمالي لکيو ته سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ڏاڍو ڪارائتو آهي باقي اجائي جي فوٽو سيشن ۽ فيڪ خبرون رکڻ سبب گهڻو ڪجهه اُبتو ٿو ٿي وڃي. عمران شر لکيو ته سوشل ميڊيا عوام لاءِ ھڪ وڏو ھٿيار آهي جيڪڏھن عوام درست طريقي سان انهيَ کي استعال ڪري ته، عطا نهڙيو لکيو ته ڏسو سوشل ميڊيا اگر صحيح استعمال ڪندا ته عوام لاءِ هڪ هٿيار آهي جيڪو وڏي طاقت رکي ٿو پر هتي اها صورتحال آهي سوشل ميڊيا تي بليڪ ميلنگ چڱن ڀلن جو پٽڪو ڌوڙ ڪرڻ ۾ سنگت مصروف هوندي،سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال ڪرڻ سان وڏا فائدا حاصل ڪبا آهن پر هتي اها شئي ممڪن ڪونهي، رضا بجير لکيو ته سوشل ميڊيا جا فائدا به آھن ته نقصان به آھن جيڪڏھن ان کي صحيح استعمال ڪجي ته تمام بهتر آھي پر خراب آهي ته بيگناھن جا به گهر اجڙي ٿا وڃن غلط خبر رکڻ سان.  منظور ڪنڀر لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ سٺو پليٽ فارم آهي، جيڪو جيئن استعمال ڪندو اهڙا ئي ان کي نتيجا ملندا آهن..اياز ڪنڀر لکيو ته سوشل ميڊيا جديد دور ۾ سٺا ڪم ڪري پئي،جيڪو اڳي ڪيترين ڏينهن بعد خبر پوندي هئي اها هاڻَ سيڪنڊن ۾ خبر پوي ٿي، شاهين سومار لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ طاقت آهي هڪ آواز آهي ان کي صحيح استعمال ڪجي باقي نقصان اڻ ڏٺا جام آهن، محبوب علي کوسو لکيو ته سوشل ميڊيا هن دور ۾ هڪ وڏي طاقت آھي ڪافي فائدن سان گڏو گڏ نقصان به آھي ڏٺو وڃي ته جيڪو هڪ پڙهيل ۽ شعور رکندڙ ماڻھو پنھنجي زميواري سان پوسٽ رکي ۽ خود لکي ٿو اهو صحيح طرح سان بھتر ثابت ٿئي ٿي باقي جن کي ڪابه ڄاڻ ناهي رڳو ڪاپي پيسٽ تي زور رکن ٿا جنھن سان نفرتون ۽ دشمنيون ۽ کوڙ سارا نقصان پڻ ٿين ٿا، محمد يونس بوزدار لکيو ته سوشل ميڊيا استعمال مثبت طريقي سان ڪيو وڃي ته ان مان سماجي تعليمي شعبي ۽ روزمره جي زندگي ۾ ڪافي فائدا ٿي سگھن جيڪڏھن ان جو استعمال غلط طريقي سان ڪجي مٿي ڄاڻايل فائدن جي ابتڙ ڪافي نقصان ٿي سگھي ٿو، ارشاد کوسو لکيو ته سوشل ميڊيا کي جيڪڏھن درست نموني سان استعمال ڪيو وڃي ته بھترين ڪم آھي پر اڄ ڪلھه جنھن وٽ ٽچ موبائل فون آھي ته اھو پاڻ کي صحافي سڏائڻ لڳندو آھي جنھن کي الفا بيٽ جي به خبر ناھي پوءِ ھو ڪنھن جي عزت کي ناھي ڏسندو چاھي ڪنھن به عزتدا جو پٽڪو ڌوڙ ڪري ۽ ھر ماڻھو کي بليڪ ميل ڪري .مدهوش مير لکيو ته جتي سوشل ميڊيا جي چرين جي کيپ آھي اتي سوشل ميڊيا ھڪ سنجيده ماڻھن جو گروھه به آھي، سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال سان اسان کي ڪافي سارا فائدا رسيا آھن، دنيا جديد طور ۾ سوشل ميڊيا کي پنھنجي ملڪ معيشت جي حساب سان استعمال ڪري ٿي، علي حيدر عباسي لکيو ته سوشل ميڊيا جو استعمال ڪرڻ فائديمند به آھي ته گهڻو نقصان ڪار به آھي اڄڪلهه اڪثر واپاري جن کي سوشل ميڊيا جي فائدن جي ڄاڻ آھي اھي ماڻهوَ سوشل ميڊيا ذريعي ڪاروبار ڪن ٿا جن کي ڄاڻ ناھي اھي وقت وڃائن پيا. وڪيل جمالي لکيو ته شعور رکندڙ عوام پاران سوشل ميڊيا جو استعمال ظلم جبر ۽ ناجائزين کي روڪڻ ۾ تمام بھترين پليٽ فارم آهي ۽ ناسور بڻيل وڏيرڪي بدبودار نظام خلاف ھڪ هٿيار آهي، علي محمد کوسو لکيو ته سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال ڪرڻ سان ڪيترائي مسئلا حل ٿين ٿا.. ان جو مثال ارشاد راجھاڻي جي خون کان وٺي فاطمه ڦرڙو جي خون تائين ڏسجي ته انھن اھم مسئلن کي ظاھر ڪرڻ ۾ سوشل ميڊيا جو وڏو ڪردار رھيو آھي، علي قربان ميراڻي لکيو ته حقيقت ۾ سوشل ميڊيا ھن دؤر جو ھڪ جديد ھٿيار آھي ليڪن ان کي ھلائڻ لاءِ ڄاڻ ضروري آهي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته سوشل ميڊيا ھڪ تمام بھترين پليٽ فارم آھي خاص ڪري غريبن جو اھم ھٿيار آھي، فيض درس لکيو ته سوشل ميڊيا جو گڏيل طور استعمال گهڻين ئي برائين کي وائکو ڪري منفي انجام تائين پهچائي ٿو، انور عباسي لکيو ته سوشل ميڊيا بي لغام گهوڙو آهي هن جي صحيح استعمال سان بهترين نتيجا ملي رهيا آهن. پر اسان وٽ گهڻو ڪري شريف ماڻهن جا پٽڪا به هن پليٽ فارم تان لاٿا وڃن ٿا. ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته سوشل ميڊيا غريب عوام لاءِ هڪ هٿيار آهي، ڪنهن غريب سان ظلم ٿئي ٿو ته سوشل ميڊيا ذريعي حساب ٿئي ٿو، اشفاق چانڊيو لکيو ته سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال ڪرڻ سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن ٿا . مثال طور فاطمه ڦرڙو وارو مسئلو هجي ارشاد رانجهاڻي وارو مسئلو هجي، ايڊووڪيٽ آصف علي راڄپر لکيو ته سوشل ميڊيا جي ڪري تقريبن غريبن بي پھچ ماڻهن کي انصاف ڏياري ٿي، نقصان غريبن جو مذاق اڏائڻ آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ بهترين هٿيار آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته سوشل ميڊيا جو خاص طور اسان وٽ استعمال غلط انداز ۾ پيو ٿئي، محمد ملاح لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ هر ماڻهو جو آواز به آهي ۽ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال سان نقصان ڪار به آهي غلط استعمال ڪرڻ سان نفرتون وڌي وڃن ٿيون، گلاب لکيو ته جهڙي ريت استعمال ڪبو اوهڙو ئي نتيجو ملندو، ثناءُالله مشوري لکيو ته سوشل ميڊيا جو استعمال عوام جي ھٿ ۾ ڪير ڪھڙي طرح ڪئين استعمال ٿو ڪري باقي سوشل ميڊيا مان ڪافي گھڻا فائدا مليا آھن، آر بي سنڌي لکيو ته خاص ڪري غريبن جو اھم ھٿيار آھي، شريف ڪنڀر لکيو ته غريب جو سگهارو آواز آهي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سوشل ميڊيا ڏاڍ جبر ڪندڙ خلاف سگھارو آواز آهي جنهن جي ذريعي ھر ھڪ غريب مظلوم جو آواز اٿاري سگهجي ٿو، سوشل ميڊيا جو نقصان اھو آهي ته ڪنهن عزتدار جو عزت تي وار ڪندي دير ناھيون ڪندا، جي آر چانڊيو لکيو ته سوشل ميڊيا وڏيرن ڪامورن ظالمن منشيات فروشن ۽ ڀتاخورن لاءِ ايئن آهي جيئن جڙندي ڏاند لاءِ نٿ، سوشل ميڊيا ڪمائي جو بهترين ذريعو آهي آئون يوٽيوب تان ڪمايان پيو، سباش جان لکيو ته سوشل ميڊيا غريب عوام جو ھڪ وڏو ھٿيار آھي، صدام بجير لکيو ته سوشل ميڊيا جي مثبت ۽ منفي ٻئي پهلو آھن، پر اڄڪلهه جيترو سوشل ميڊيا پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سگهارو آواز اوترو شايد ئي ميڊيا جو ڪو پليٽ فارم ھجي. امر آڪاش لاکو لکيو ته سوشل ميڊيا مظلوم طبقي جو سگهارو مورچو / هٿيار آهي ، سوشل ميڊيا نه هجي ها ته منهنجو شعور وڏيري جي گولي سبب ڪنهن فضا ۾ گم ٿيل هجي ها ، سوشل ميڊيا سبب ادارا به حرڪت ۾ ايندا آهن ته ظالم به ظلم کان مڙندا آهن ، ارشاد علي سومرو لکيو ته ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو ايمرجنسي ۾ تڪڙو اطلاع ڏجي ٿو جيڪڏهن ڪو شاگرد پڙھڻ چاھي ته ان کي پڻ مدد ۽ مواد ڪافي مقدار ۾ ملي سگھي ٿو، ايل جي راٺوڙ لکيو ته سوشل ميڊيا صحيح استعمال ڪندڙن لاءِ بهترين پليٽ فارم آهي پر اسان وٽ اڪثر نوجوان سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪن ٿا ڪافي اهڙا به نوجوان آهن جيڪي سوشل ميڊيا وسيلي بزنس به ڪن ٿا،ڪجهه ماڻهن لاءِ وري فيس بوڪ سوشل ميڊيا “ڀولڙي جي هٿ ۾ بندوق وارو ڪم آهي، ساگر علي رضا لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ بھترين پليٽ فارم آهي جنهن سان ڪيترائي فائدا آهن، نياز احمد ڳاهو لکيو ته سوشل ميڊيا مظلومن جو بھترين آواز آھي ليڪن ان جو استعمال سوچي سمجھي ڪجي، معصوم پريا ڪماري لاءِ سنڌ سراپا احتجاج آھي اھو به ڪريڊيٽ سوشل ميڊيا ڏانھن وڃي ٿو، رياضت عرفان علي لاشاري لکيو ته سوشل ميڊيا سبب ڪافي عوام ۾ شعور اچي چڪو آھي، عبدالستار باقر لکيو ته ڏسجي ته اسان وٽ مثبت پاسي کان منفي پاسو ڪجهه سوايو آھي. امتياز کوسو لکيو ته ڪاپي پيسٽ ۽ ڪوڙين افواهن جي ڪري سوشل ميڊيا کي ڄڻ ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن ڪوڙ يا افواهه جو فورم بڻائي ڇڏيو آهي، نثار لغاري لکيو ته عوامي سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ سوشل ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي، ماريا اسماعيل لکيو ته سوشل ميڊيا جا اصول ضابطه هجڻ گهرجن، اڄڪلهه ماڻهن کي بدنام ڪرڻ ۽ ڪنهن جي خلاف ذهن سازي لاءِ به استعمال ٿي رهيو آهي، سا رنگ لکيو ته سوشل ميڊيا جتي ڄاڻ جي ترت رسائي جو سبب بڻي آھي، اتي گهڻن مسئلن جو ڪارڻ پڻ آھي. عارف مصطفيٰ، عاشق علي، محمد امين ملڪاڻي به سروي ۾ حصو ورتو، سجاد ملاح لکيو ته سوشل ميڊيا تي فلاحي تنظيم جي  جوڙجڪ وڌي غريبن جي مدد ٿي، نوجوان مختلف ايپس ذريعي ڪمائي رهيا آهن، ٽيلنٽ ظاهر ٿيو، ارشاد کوسو، پدم قريشي، سينگار علي، شڪيل احمد به سروي ۾ حصو ورتو،ذوالفقار علي لکيو ته ،سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال ڪرڻ سان وڏا فائدا حاصل ڪبا آهن پر هتي اها شئي ممڪن ڪونهي، ھتي سنگت هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ مصروف آھي.