نئون ديرو(رپورٽ: نادر ابڙو/ نورمحمد سومرو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي فيئر ٽرائل نه ملڻ عدليه تي وڏو داغ آهي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت جي حمايت جو فيصلو ڪيو، ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدن تي عمل ڪيو وڃي.پ پ باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي نئون ديرو هائوس ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو، اهو هڪ تاريخي ڏوهه ٿيو، شهيد ڀٽو کي فيئر ٽرائل نه مليو، عدليا تي عوام جو اعتماد ناهي رهيو، عدالتي نظام ۾ سڌارن ڏانهن وڌڻو پوندو، جڊيشل ريفارمز لاءِ جدوجهد ڪنداسين. هن چيو حڪومت کي وقت ڏنو ويو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍيو وڃي، اليڪشن ۾ عوامي معاشي معاهدي جو اعلان ڪيو هو، مراد علي شاهه جلد ترقياتي فنڊن جو اعلان ڪندو، صوبائي سطح تي هاري ڪارڊ متعارف ڪرائينداسين. پ پ چيئرمين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدن تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته اڄ 4 اپريل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جو ڏينهن آهي اسان ورسي جو جلسو رمضان جي ڪري 14 اپريل تي رکيو آهي. اسان رمضان کان پوءِ هڪ تاريخي ورسي ملهائينداسين. هي تاريخي ورسي ان جي ڪري هوندي جو صدر آصف علي زرداري طرفان جيڪو صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ موڪليو هو ان جو شارٽ آرڊر جاري ڪيو ويو آهي ۽ اهو پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پوري ملڪ لاءِ هڪ اهم ۽ تاريخي موقعو آهي پر اسان مڪمل آرڊر جي انتظار ۾ آهيون. پ پ چيئرمين چيو ته مون اليڪشن جي مهم دوران چيو هوته پاڪستان پيپلز پارٽي هنن چونڊن بعد اهو اٺ هوندو جتي ويهندو اها پارٽي حڪومت جوڙي سگهندي. اسان کي اليڪشن ۾ اڪثريت نه ڏني وئي، پاڪستان جي مسلن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام پارٽيون گڏجي ويهي پاڪستان جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪن ۽ ان سوچ کي سامهون رکي ڪري اسان اهو فيصلو ڪيو ته اسان ن ليگ جي حڪومت کي سپورٽ ڪنداسين ته جيئن اهي محنت ڪن ۽ پاڪستان جي عوام جا جيڪي معائشي مسئلا آهن اسان کي اميد آهي ته حڪومت کي ٽائيم ڏنو وڃي ته اهي ڊليور ڪري سگهن ته پوءِ انشاالله پاڪستان کي ان معاشي بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته وڏي وزير مراد شاهه کي اهو چيو آهي ته بجيٽ اچڻ کان اڳ۾ وزيراعليٰ سنڌ پنهنجي ڪابينا گڏجي هڪ دوري تي نڪرن ۽ هر ضلعي ۽ هر علائقي ۾ هڪ کليل ڪچهري رکن ته جيئن ان علائقي جا جيڪي مسئلن جي خبر رکي ۽ پوءِ پارٽي جي عهديدارن ۽ نمائندن ۽ عوام سان گڏجي ويهي ڪري فيصلو ڪن ته اهي ڪهڙا ڪهڙا منصوبا هن حڪومت جي دوران ڪرائڻ چاهين ٿا  هن چيو ته اسان چيو هيو ته مهانگي بجليءَ جي بلن ۾ عوام کي رليف ڏيون. انرجي جو وزير منهنجي پٺيان ويٺو آهي ۽ ان يقين ڏياريو آهي ته اسان سولر کي سپورٽ ڪندي سنڌ جي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. باقي جيڪو ڪسان ڪارڊ جو واعدو ڪيو هو ان لاءِ به سنڌ حڪومت سان ڳالهايو آهي ته جيترو ٿي سگهي ڪسان ڪارڊ کي اسان صوبائي سطح تي آڻي سگهون ۽ اسان ننڍن آبادگارن کي سڌيءَ ريت ڪسان ڪارڊ جي ذريعي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ان سان گڏو گڏ اسان بينظير مزدور ڪارڊ تي عمل درآمد ڪري ڇڏيو آهي ان ۾ انهن کي فائدو ملي سگهندو پر جيڪڏهن وفاقي حڪومت جا وزير چاهين ته اي او بي آءِ جي ذريعي مزدورن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪري سگهندا. انشاءَ الله اها جدوجهد اسان وفاقي سطح تي ڪنداسين ۽ اسان ڪوشش ڪنداسين ته سنڌ ۾ بينظير مزدور ڪارڊ جي ذريعي وڌ کان وڌ مزدورن کي رليف ڏئي سگهون. پ پ چيئرمين چيو ته اسان کي هاڻي جڊيشل ريفارمس جي طرف اڳتي وڌڻو پوندو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪو چارٽر آف ڊيموڪريسي صحيح ڪيو هو مسلم ليگ سان گڏ ان تي اسان 90 سيڪڙو عمل درآمد ڪيو آهي. گذريل ڀيري 1973ع وارو آئين بحال ڪيو، صوبن کي حق ڏنا. جيڪو ڪم رهجي ويو هو اهو چارٽر آف ڊيموڪريسي جو جڊيشل ريفارمس جو حصو آهي. هاڻي اهو پاڪستان پيپلز پارٽي جو مطالبو هجڻ گهرجي وفاقي حڪومت کان ۽ اسان کي پنهنجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي پوري ملڪ اندر، قومي اسيمبلي، پارليامينٽ ۾ ته جيڪو اسان چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ جڊيشل ريفارمس جو جيڪو واعدو ڪيو ان تي اسان عمل درآمد ڪريون.