سنڌ ڪابينا ۾ واڌ ۽ 25 هزار پوليس اهلڪارن جي ڀرتي!

 

زرداري صاحب ملڪ جو ٻيون ڀيرو صدر بڻجي ته ويو پر ان کي پنهنجي صوبي سنڌ ۾ پ پ حڪومت هلائڻ ۽ عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ اڃا گهڻي کان گهڻو ڪم ڪري ڏيکارڻو آهي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، گهڻا ضلعا بدامني جو ڳڙهه بڻيل آهن، دادو واري سائين کي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو آهي، جنهن کي پارٽي وفاداري ۽ ان طرفان گهڻي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي وزيراعليٰ بڻايو ويو، اميد جيڪو پهريان جيان پنهنجي صوبي ۾ ڪم ڏيکاريندو رهندو، سنڌ ڪابينا ۾ پهرين مرحلي ۾ جيڪي ميمبر وزير بڻايا ويا آهن پ پ انهن کي پنهنجي علائقي سميت سموري سنڌ لاءِ کاتن اندر سٺي وزير واريون ذميواريون ادا ڪرڻ ۽ بهتر ڪم ڏيکارڻ واسطي کين وزير بڻايو آهي، تنهن هوندي به ڪابينا ۾ گهڻيون حيران ڪندڙ تبديليون به آنديون ويون آهن، سکر جي ناصر شاهه کي وزير بڻايو ويو آهي، جيڪو گذريل دور ۾ مڪاني کاتي جو وزير هو پر هن ڀيري مڪاني کاتو سعيد غني کي ڏنو ويو آهي جنهن لاءِ ٻڌائن ٿا ته ان طرفان ڪراچي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي صلي ۾ کيس وزير بڻايو ويو آهي اهو کاتو اندرون سنڌ ۾ به پنهنجي خراب ڪارڪردگي، ڪرپشن الزامن سبب وڏي عوامي تنقيد جو نشانو بڻيو جنهن جو فائدو ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي کي ٿي پيو ناصر شاهه کي انرجي ۽ پلاننگ کاتو مليو آهي گهوٽڪي جي مهر قوم جي نوجوان سردار محمد بخش خان مهر کي به صوبائي حڪومت ۾ زراعت کاتي جو وزير بڻايو ويو آهي، جيڪا ڳالهه خوشي جي ڳالهه آهي جيڪو بهتر ڪم ڪري ڏيکاريندو ياد رهي ته چيف سردار الحاج مرحوم غلام محمد خان مهر به زراعت کاتي جو وفاق ۾ وزير رهيو هو ناصر شاهه کي انرجي ۽ پلاننگ کاتو مليو آهي جيڪو پهريان شڪارپور جي امتياز شيخ کي هو ڏسجي ته صوبائي ڪابينا ۾ وزير بڻائڻ واري ٻين مرحلي ۾ ڪهڙا چونڊيل نمائندا وزير بڻجن ٿا يا ڪهڙا تمنا کان محروم رهندا سراج دراني به اميد ۾ آهي ته اهو ڪابينا جو حصو بڻجندو پر حقيقت ۾ اسپيڪر اسيمبلي جهڙي سينئر پوزيشن تي رهڻ بعد صوبائي وزير بڻجڻ ان کي ججهي نٿو سنڌ حڪومت 25 هزار پوليس جوانن جي ڀرتي ڪرڻ وڃي رهي آهي جيڪي ڀرتيون خاص ڪمانڊوز جون هونديون جن کي پاڪ فوج الڳ تربيت ڏيندي تانجو درياءِ جي ڪچي علائقي ۾ قانون جي رٽ بحال ٿي سگهي ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت پ پ جي بڻجي چڪي وڏي وزير ۽ صوبائي ڪابينا حلف کڻي ورتو نئين آءِ جي چارج وٺي ڇڏي آهي وزيرن جو ٻيون مرحلو پنهنجي جاءِ تي صوبائي حڪومت پوليس کاتي سميت سمورن کاتن ۾ ڀرتين واري مرحلي کي جلدي مڪمل ڪري وٺي ته بهتر ڳالهه ٿيندي بيروزگاري گهٽبي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ايشيا جي عظيم اڳواڻ جي نه وسرندڙ قرباني!‎

 

اڄ ڪلهه پ پ ۽ نواز ليگ جي گڏيل حڪومت آھي، اڄ ڪلھ اقتدار کي حاصل ڪرڻ جي سياست به اھڙي رھي آھي، سنڌ جي محبوب عوامي اڳواڻ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اونداھي ڪارن دورن کي جبل ٿي منھن ڏنو ۽ جمھوريت کي زندهه رکيو. سنڌ ڌرتي ارڏا، بھادر جوڌا سپوت، انسان دوست، خلق خد مت، عوام جي لاءِ قربان ٿيندڙ بي بھا عظيم اڳواڻ پيدا ڪيا، حقيقي جمھوريت جو پيروڪار ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928ع تي سنڌ ڌرتي جي شھر لاڙڪاڻو ۾ اک کولي، جنھن ھميشه آمرن سان مھاڏو اٽڪايو، جنھن کي 4 اپريل 1979ع تي رات جي پھر ۾ ڦاھي تي لٽڪايو ويو ھي ڏينھن نه صرف پاڪستانين جي عوام جي لاءِ نه رڳو پر پوري اسلامڪ ملڪن جي لاءِ ڏک ڀريو ڏينھن ھو، شھيد ڀٽو جنھن اسلامڪ ملڪن جا دورا ڪري اسلامڪ ڪانفرنس جو وجود رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، ڀٽو کي اسلامي ملڪن جو سربراهه بڻايو ويو، پھرين ڪانفرنس لاھور ۾ 1974ع ۾ ٿي ۽ اولھ جا ملڪ ٿرٿلي ۾ پئجي ويا، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جنھن ايوب سان گڏ  ڪم ڪيو. ڀٽو  ايوب جي ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن پاليسن جي ڪري پاڻ لاھور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گھر ۾ 1967ع تي پ پ جو بنياد رکيو، جنھن ۾ ٽوٽل شروعاتي ميمبر 29 ھئا پ پ جي پليٽ فارم تان ملڪ ۾ پھريون ڀيرو 1970ع تي جنرل اليڪشن ۾ حصو ورتو، اوڀر پاڪستان جنھن کي بنگلاديش چيو وڃي ٿو جيڪو پاڪستان کان 1971ع تي ڌار ٿي ويو، ان جو عوامي ليگ جو اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان 1970ع جي جنرل اليڪشن ۾ کٽيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اولھ پاڪستان ۾ اليڪشن کٽي پاڪستان جو پھريون چونڊيل وزيراعظم ۽ ملڪ جو صدر چونڊجي ويو، ملڪ ۾ آزادي کان پوءِ ڪيترائي ھٿ ٺوڪيا وزيراعظم ۽ صدر ٿي گذريا جيڪي نه ته ملڪ ۾ آئين لاڳور ڪري سگھيا جيڪو قابل قبول ھجي پر ڀٽو اھو جمھوري اڳواڻ ھو جنھن ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏنو جنھنجا 280 آرٽيڪل آھن، جيڪو اڄ ڏينھن تائين ملڪ ۾ رائج آھي، ڀٽو صاحب 1971ع واري جنگ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ڀارت پاڪستان جا نوي 90 ھزار قيدي پاڻ وٽ قيدي ڪري رکيا پر ڀٽو شملا ٺاھ تحت 1972ع ۾ اندريا گاندي کان ڳالھين جي ذريعي table talks negociation سان اھي قيدي آزاد ڪرايا، ڪيئي ڀيرا گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي  ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ آواز اٿاريو ،ملڪ ۾ ادارن کي سرڪاري درجو Publisize ڏياريو ته جيئن غريب عوام به فائدو وٺي نوڪرين ۾ ڪوٽا جو نظام متعارف ڪرايو، 1974ع ۾ بئنڪن کي قومي سطح جو درجو ڏياريو، اسٽيل مل ۽ ملڪ کي ايٽامڪ پاور ائٽمي طاقت Atomic power بڻايو، ڀٽو صاحب پاڪستان جي عوام کي چيو ته بک ۾ گاھ کائڻو پوي ته گاھ کائينداسين پر ملڪ لاءِ  ايٽم بم ضرور ٺاھينداسين جنھن چيو ته منھنجو جيئن مرڻ عوام سان آھي ۽ عوام به ان جو ساٿ ڏنو، وقت جي آمرن ڀٽو جھڙي عظيم اڳواڻ کي نه سٺو جنھن جمھوريت ۽ اسلامي ملڪن کي ھڪ ونگ ڪرڻ لاءِ به جدوجھد ڪئي پر دنيا جي مفاد پرست ملڪن ڀٽو لاءِ ڄار وڇايو، ڀٽو صاحب کي نواب احمد خان جي ڪوڙي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسائي جيل موڪلي ويو، ملڪ تي ٽيون ڀيرو 5 جولاءِ 1977ع تي مارشلا جھڙا ڪارا ڪوٽ لڳائي ڇڏيا ڀٽو صاحب تي جيل ۾ تشدد ٿيندو رھيو ته توھان مڃيو ته توھان قتل ڪرايو آھي يا ڪيو آھي پر ڀٽو نه مڃيو، ھن وقت سنڌ ۽ پاڪستان جو الله آھي ڪو اھڙو اڳواڻ نھي جو حقيقي جمھوريت کي ملڪ ۾ آڻي ۽ عوام جي خدمت ڪري، ھن وقت موجوده دور ۾ عوامي اڳواڻ جي کوٽ آھي جو عوام ۽ ملڪ ۾ ترقي جون نيون راھون کولي.

 

شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

چائنيز تي حملو، پاڪستان خلاف سازش سمجهو!

 

(حصو ٽيون)

 

ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته پاڪستاني حڪمران حلقن ۽ رياستي عسڪري ادارن کي بشام واقعي تي فقط ڳڻتيءَ جو اظھار ڪرڻ ئي نه پر ان واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائي پنهنجي پاليسين تي فوري طور تي نظرثاني ڪرڻي پوندي؟ پاڪستان قدرتي وسيلن جي ھوندي معاشي طور هن بدحاليءَ جو شڪار آھي جو آءِ ايم ايف جي زور تي ملڪي اهم ادارن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھي، ملڪي ادارن جي نيلامي خود شاهدي ٿي ڏئي ته اوهان جو پاليسي ميڪرز رياست سان سچا ناهن جيڪڏهن ايئن ئي هجي ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ جي هوائي جهاز ڪمپني، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي اتفاق فائونڊري، موجوده صدر آصف علي زرداريءَ جون شگر ملز يا ٻين جون ڪمپنيون خساري ۾ ڪو نه ٿيون وڃن؟ فقط ننڍڙو مثال TCS ڪمپني جو ئي وٺو، ان کان پوءِ ملڪي نه پر پرڏيهي سروس شروع ٿي ويون آھن پر پاڪستان پوسٽ آفيس جهڙو بهترين ملڪي ادارو ملازمن کي پينشن ڏيڻ ۾ آجو آھي، ته پوءِ هي قومي ادارا سالن جا سال بجيٽ ۽ قرضن هوندي نقصان ۾ الائي ڪيئن ٿا وڃن؟ هاڻي ٻڌايو ته رياست جيڪا ماءُ جو درجو رکي ٿي تنهن جو حال اهو آھي ته هر ايندڙ ڏينهن تي دهشتگرد واقعا ٿي رهيا آھن، ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ڪونهي؟ سنڌ صوبو جتي روڊ رستا ۽ شھر محفوظ ناهن هاڻي اتي مين هاءِ ويز جا رستا به سفر لاءِ محفوظ ناهن رهيا؟ بلوچستان جي صورتحال سڀني جي سامهون آھي، هاڻي ان ايڏي وڏي خراب صورتحال ۾ جتي يورپ بلڪل به پرڏيهي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، عرب ملڪ به خود ڪم ڪرڻ يا سڌي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته پوءِ هن ڳڻتيءَ جهڙي معاشي صورتحال ۾ چين جهڙو پراڻو ملڪ پرڏيهي سيڙپڪاري ڪري ۽ وري ان جي شهرين مٿان ههڙا حملا ٿيڻ ڪنهن عالمي سازش پنهنجي جاءِ تي هي اسٽيٽ سيڪيورٽي پاليسي خلاف سازش ٿي لڳي، ان ڪري اسان جي رياستي، عسڪري ادران، حڪمران ۽ سياسي حلقن کي گڏجي ملڪ جي ٻڏندڙ معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، ٻي صوت ۾ هي معاشي بدحالي جو شڪار ملڪ جنهن جي پويان عالمي شازشي منصوبا ۽ علائقائي ملڪن خاص طور انڊيا ۽ افغانستان کان سٺي اميد نه رکڻ کپي، پنهنجي قومي رياستي پاليسي جوڙي قوم، رياست ۽ ادارن کي دنيا سامهون سرخرو ڪرڻ لاءِ اهم اپاءَ وڻا پوندا جي نه ته هي اسان جو سيڪيورٽي جي ناڪامي ناهي ۽ نه ئي چينين تي حملو فقط چين کي ڊيڄارڻ آھي نه نه  قطئي به نه هي  ملڪ خلاف گهري شازش آھي جنهن تي پڇتاءُ ڪرڻ کان اڳ غور ڪرڻ پڻ ضروري آھي.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي