سوال/سروي تيل اگهن ۾ واڌ رد: نئين پاڪستان کان بس آهي، پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو: عوام

0
375
سوال/سروي تيل اگهن ۾ واڌ رد: نئين پاڪستان کان بس آهي، پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نئين سال تي عوام کي مهانگائي جو تحفو ڏيندي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 4-4 رپيا لٽر اضافو ڪري ڇڏيو، حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو ته عمران سرڪار جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، صرف مهانگائي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به عوام ڪونه مليو آهي، اسان کي نئين پاڪستان کان بس آهي اسان لاءِ پراڻو پاڪستان بهتر آھي، انشاءالله جلد ئي ھن حڪومت جو خاتمو ٿي ويندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ ٽي ڪمينٽ ڪندي مسرور کهڙو لکيو ته حڪومت سال جي پھرين ڏينھن ئي عوام جي اميدن کي ٻوڙي ڇڏيو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته وفاقي حڪومت عوام جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي،

اعجاز علي تيوڻو لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته عوام کي ريليف فراهم ڪري تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو پھريان ئي غريب عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھي آھي، اويس قرني لکيو ته حڪومت جي انهي رويئي جي ڪري اپوزشين کي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، ممتاز علي سميجو لکيو ته حڪومت جا اهي قدم عوام کان جئيڻ جو حق کسڻ جا آهن، اسلم کهڙو لکيو ته يقينن اسان کي ھن حڪومت مان اھا ئي اميد ھئي،  وحيد ڄامڙو لکيو ته 2021 سڄوسال عوام مھانگائي جو عذاب ڀوڳيو نئين سال لاءِ سستائي جي لاءِ دعائون گھريون پر تبديلي سرڪار عوام جي اميدون تي پاڻي ڦيري ڇڏيو نئين سال جو پھريون سج ئي مھانگائي جو پيفام کڻي آيو حڪومت عوام جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آھن، فيض احمد لکيو ته هي حڪومت عوام لاءِ هڪ ناسور بڻجي وئي آهي صرف مهانگائي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به عوام ڪونه مليو، اسان کي نئين پاڪستان کان بس آهي اسان لاءِ پراڻو پاڪستان بهتر آھي،

محمد الياس لکيو ته بلڪل پيٽرول 250 ٿيڻ گھرجي، عرفان جروار لکيو ته الله ڪري ھي وفاقي حڪومت جلد ختم ٿئي ته عوام تان بار لھي، عابد ڀٽي لکيو ته عوام اڳ ئي تبديلي سرڪار مان بيزار آهي، شفقت زئور لکيو ته اهي ته ڳولي ڏيو جيڪي چئي رهيا هئا ته پيٽرول 25 رپيا سستو ٿيندو، غلام قادر لکيو ته غريب طبقي جو جئيڻ مشڪل ٿي ويو آھي ھن ملڪ ۾ جيڪو ماڻهو ڏھاڙي ھزار پنج سئو ڪمائي اھو پنهنجي گهر جو گاڏو ڪئين ھلائي؟ آصف علي راڄپر لکيو ته حڪومت رڳو عوام کي درد ۽ تڪليفون ئي ڏيڻ ڄاڻي ٿي، هن مان چڱائي جي اميد ناهي، نماڻو نوناري لکيو ته عوام سان سراسر ظلم آهي، اعجاز کوسو لکيو ته عمران حڪومت عوام کي بک بيروزگاري کان سواءِ ڏنو ڇا آهي؟ هن حڪومت ۾ سوين ماڻهون مهگائي کان تنگ ٿي خدڪشيون ڪري ڇڏيون. حڪومت جي هن فيصلي کي رد ڪيون ٿا.

طارق راڄپر لکيو ته وفاقي حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آ هن حڪومت مان عوام جي الله ئي جان ڇڏائي، آصف سميجو لکيو ته نه خان بدليو نه حال پاڪستان بدليو، دنيا جي نظر ۾ پورو سال بدليو، صبغت الله رند لکيو ته نا اهل حڪومت آهي، عبدالستار بلوچ لکيو ته گو نيازي گو، غيرن ماڻهن جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي، سيف سميجو لکيو ته ان حڪومت مان ٻي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. راسومل لکيو ته هن حڪومت غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، سمير احمد لکيو ته اسان حڪومت کان مطالبو ڪيو ٿا ته پيٽرول ڊيزل سستو ڪيو وڃي، علي مراد چانگ لکيو ته عوام جي خاموشي ڏسي حڪومت وري 10 رپيا وڌائيندي،  اياز علي راهوجو لکيو ته انشاءَ الله جلد ئي ھن حڪومت جو خاتمو ٿي ويندو ۽ غريب سک جو ساھ کڻندو، بشير ميراڻي لکيو ته موجودہ حڪومت جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندئو، مسرور شر لکيو ته ملڪ تباهه ٿي ويو آهي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته عمران حڪومت ۾ ڪڏهن به پيٽروليم شيون سستيون ناهن ٿيون،

آسڻ داس لڇواڻي لکيو ته حڪومت نئين سال ۾ عوام کي تحفي جي صورت ۾ پيٽرول مهانگو ڪري ڏنو  ۽ مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، عرفان علي چانڊيو لکيو ته وفاقي سرڪار مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي، عبدالله شيخ لکيو ته سراسر ظلم آهي، حڪومت جو اهو تحفو به قبول پر هڪڙو سوال ته ڇا هر مهيني اسان سان ائين ئي ٿيندو رهندو؟،  خدارا غريبن کي به زنده رهڻ ڏيو.  نورالدين مسرور لکيو ته عوام سڄي رات نچڻ ۾ پورو هيو خان صاحب وري صبح جو مٿو ڦيرائي ڇڏيوسجاد علي ڦلپوٽو، شرف الدين ڪيريو، نوشاد مهر، راشد الطاف، رحمان ميمڻ، عرفان کوسو، عبدالرحمان چانگ، جاويد زرداري، وقار حسين،گلاب خاصخيلي، علي رضا وڻجارو، عبدالنبي شر، فريد جعفر لغاري، عزيز احمد بجاراڻي، سائين بخش، آسودومل لوهاڻو، ڪامران ايم، نياز سومرو، شهزاد علي ميمڻ، ڊاڪٽر خليق الزمان، مشتاق ڪنڀر، خيرمحمد مگسي، عبدالحڪيم، امام الدين ٻرڙو، عصمت الله رند ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.