اشو آف دي ڊي ڊاڪٽر عاصم کي يونيورسٽين جا وي سي مقرر ڪرڻ جا اختيار: سوشل ميڊيا تي تنقيد

0
211
اشو آف دي ڊي ڊاڪٽر عاصم کي يونيورسٽين جا وي سي مقرر ڪرڻ جا اختيار: سوشل ميڊيا تي تنقيد

   ڊاڪٽر عاصم کي 25 مادر عملين جا وي سي مقرر ڪرڻ ۽ 5 ارب گرانٽ جا اختيار ملي ويا، هيڪ سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر عاصم کي سرچ ڪاميٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ واري عمل تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي۾ امداد سومرو لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ پ پ کي سنڌين جي ڪابه پرواھه ناهي. توهان ڇا به چئو. ڊاڪٽر عاصم سرچ ڪاميٽي جو سربراهه چونڊجي ويو. جنهن تي لياقت جهتيال لکيو ته ووٽ وري به انهن کي ڏينداسين، فتاح دائودپوٽو لکيو ته اڳ ۾ ويٺلن کان ته هي وري به بهتر آهي، خالق وڪو لکيو ته ساڃاهه وندن کي ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي،

شبير چانڊيو افسوس جو اظهار ڪيو، وزير علي لکيو ته انهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، عاشق حيدري لکيو ته اسان ووٽ وري به برياني جي پليٽ تي ڏينداسين، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هاڻي ڏسجو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ کيل تماشا، سنڌ ڪابينا سرچ ڪاميٽي ايڪٽ 2021 منظور ڪري ورتو.سرچ ڪاميٽي جو چيئرمين سنڌ هائير ايجوڪيشن جو چيئرمين يعني ڊاڪٽر عاصم حسين هوندو. جنهن تي شاهنواز خاصخيلي لکيو ته نسورو ظلم آهي، مصور گاڏهي لکيو ته اڳ ۾ يونيورسٽين جي تباهي ٿوري ٿي آهي رهيل ڪسر وري هي پوري ڪندو، عبدالعزيز سومرو لکيو ته اڃا ٻيو ڇا ٿيندو هتي، طارق مصطفيٰ لکيو ته اهو رهيل هو، سائل مگسي لکيو ته تباهي سنڌ جو مقدر آهي، شفاءُالله لکيو ته انڌير نگري آهي، راجا سليم کرل لکيو ته اها سنڌ جي بدقسمتي آهي،

رفيق شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن جا وي سي ۽ تعليمي بورڊن جا چيئرمين ۽ ڪنٽرولر مقرر ڪرڻ جو اختيار سڌي يا اڻ سڌي طرح ڊاڪٽر عاصم حسين جي هٿن ۾ هليو ويندو. جنهن تي شفيع محمد شيخ لکيو ته هن صحت کاتي، سوئي گيس ۾ جيڪا ترقي ڪئي اها سڄي سنڌ جي عوام کي خبر آهي، ذوالفقار علي لکيو ته سٺي ڳالهه آهي، قاسم راڄپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪابينا سرچ ڪاميٽي ايڪٽ منظور ڪيو آهي،سرچ ڪاميٽي وائيس چانسلر ۽ نجي شعبي جي يونيورسٽين جي آفيسرن جي ڀرتين بابت ڪم ڪندي سرچ ڪاميٽي جو سربراهه سنڌ هائير ڪميشن جو چيئرمين هوندو، شاهديو ڪمار عاصم حسين جي ڪاميٽي چيئرمين مقرر ٿيڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو، علي گل ميتلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪابينا سنڌ جي رهيل سهيل تعليم کي تباهه ڪرڻ واري ايجنڊا / فيصلي تي نظرثاني ڪري، ڊاڪٽر عاصم ڪو تعليمي ماهر ناهي، سنڌ جي اعليٰ تعليم جا فيصلا ۽ سربراهي ان حوالي ڪرڻ وڏي تباهي وارو فعل آهي،

ڊاڪٽر عاصم حسين ڳچ سالن کان سنڌ هيڪ جو چيئرمين آهي. هن اڏوهي جيان سنڌ جي اعليٰ تعليم، يونيورسٽين ۽ بورڊن کي کوکلو ڪري رکيو آهي. جنهن تي احتجاج به ٿيندو رهيو آهي، ڊاڪٽر عاصم حسين اڳيئي پنهنجو نجي بورڊ ”ضياءالدين يونيورسٽي امتحاني بورڊ” نالي قائم ڪري چڪو آهي. انومان اهو آهي ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن کي به چيو ويندو ته سرڪاري بورڊن کي ڇڏي، ضياء الدين بورڊ سان منسلڪ ٿيو. روشن برهماڻي ۽ ذوالفقار قادري به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي. جنهن تي شهناز راهو اهڙي مقرري جي مذمت ڪئي، گل لغاري، قادر جتوئي، فيضان احمد ملاح، اشفاق لغاري، عزيز قاسماڻي، افروز ٿيٻو، ولي محمد چانڊيو، اسامه لغاري، نظام الدين ڪاڪا، ڪريم سهتو، جان محمد محبوب سولنگي، فهيم احمد کهارو، عبدالرحيم مغيري، محمد جمن انڍڙ،عقيل جوکيو ۽ ٻين پڻ ڊاڪٽر عاصم جي اهڙي مقرري تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.