نواز شريف ۽ سندس ٻارن کي صحت ڪارڊ به ڏينداسين: ياسمين راشد

0
229
ياسمين راشد کي گرفتار ڪيو ويو آهي: عندليب عباس
ياسمين راشد کي گرفتار ڪيو ويو آهي: عندليب عباس

ڪراچي: پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو ڪم زور شور سان جاري آهي، لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صحت واري صوبائي وزير چيو ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ جا مريض به اچي رهيا آهن، صحت ڪارڊ گهر  جي سربراهه کي ڏنو ويندو

هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته نواز شريف ۽ سندس ٻارن کي به هيلٿ ڪارڊ ڏنا ويندا، ياسمين راشد چيو ته اومي ڪرون جو ڦهلاءُ تيز آهي ان ڪري ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا، اومي ڪرون سبب متاثرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ پنجاب ۾ اومي ڪرون جا 170 ڪيس آهن