سنڌ ۾ 46 لک کان وڌيڪ اقليتي برادري آباد: عمرڪوٽ اقليتن جو اڪثريت وارو ضلعو قرار

0
316
سنڌ سوڌو پوري ملڪ

اسلام آباد : سنڌ ۾ 46 لک کان وڌيڪ اقليتي برادري آباد، عمرڪوت 52.71/ سيڪڙو سان اقليتي برادري جو اڪثريت وارو ضلعو بڻجي ويو. تفصيل موجب شماريات کاتي پاران 2017 ۾ ٿيل آدمشماري بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آھي ته سنڌ جي 29 ضلعن مان عمرڪوٽ ضلعو مسلمان آبادي جي ڀيٽ ۾ واضع طور اقليتي آبادي جي جي اڪثريت وارو ضلعو آھي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته عمرڪوٽ ضلعي جي ڪل آبادي 10 لک 73 هزار، 469 ۾ مسلمان آبادي 47.29 سيڪڙو يعني مسلمانن جو عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪل انگ 5 لک، 7 هزار، 691 آھي جڏهن ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ اقليتي آبادي 52.71 سيڪڙو آھي جنهن جو مجموعي طور تي ڪل تعداد 5 لک، 65 هزار، 778 آھي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هنڌو 4 لک، 98 هزار، 949 ، ٻئي نمبر تي شيڊيول ڪاسٽ 60 هزار، 875 ، ٽئين نمبر تي احمدي/ قادياني 3 هزار، 594 ، چوٿين نمبر تي عيسائي 2 هزار، 3 سو 26 آھي جڏهن ته ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 34 ڄڻا شامل آھن . رپورٽ موجب عمر ڪوٽ ضلعي جي تعلقي ڪنري ۾ مسلمان آبادي 47.66 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 52.34 سيڪڙو آھي ڪنري تعلقي جي ڪل آبادي 2 لک، 18 هزار ، 460 آھي جنهن ۾ مسلمان آبادي 1لک، 4 هزار، 125 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي 1 لک، 14 هزار، 335 آھي ڪنري تعلقي ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو 97 هزار, 851 ، شيڊيل ڪاسٽ 12 هزار، 395 ، عيسائي 1066 ، قادياني 3023 شامل آھن. عمرڪوٽ ضلعي جي پٿوري تعلقي ۾ اقليتن جي ڀيٽ ۾ مسلمان آبادي اڪثريت ۾ آھي پٿورو تعلقي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 54.46 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 45.54 سيڪڙو آھي پٿورو تعلقي جي ڪل آبادي 1 لک 20 هزار، 5 ۽ مسلمان 65 هزار، 364 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي 54 هزار، 641 آھي جنهن ۾ هندو 45 هزار، 542 , شيڊول ڪاسٽ 8 هزار 613 , عيسائي 424 , قادياني 51 , ٻين اقليتن ۾ 11 ڄڻا شامل آھن عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي سامارو ۾ مسلمان آبادي 48.48 سيڪڙو جڏهن ته اقليتي آبادي 51. 52 سيڪڙو آھي سامارو تعلقي جي ڪل آبادي 1 لک, 70 هزار, 216 آھي ان ۾ مسلمان آبادي جو ڪل تعداد 82 هزار, 521 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي جو ڪل تعداد 87 هزار, 695 آھي جنهن ۾ هندو 86 هزار, 766 , شيڊيول ڪاسٽ 661 , عيسائي 263 , ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 5 ڄڻا شامل آھن عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي عمرڪوٽ ۾ مسلمان آبادي 45.27 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 54.73 آھي عمرڪوٽ تعلقي جي ڪل آبادي 5 لک, 64 هزار, 788 ۾ مسلمان آبادي 2 لک , 55 هزار, 681 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي جو ڪل تعداد 2 لک, 55 هزار, 681 آھي جنهن ۾ هندو 2 لک, 68 هزار, 790 , شيڊيول ڪاسٽ 39 هزار, 206 , عيسائي 573 , قادياني 520 , ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 18 ڄڻا شامل آھن جڏهن ته سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 56.52 سيڪڙو , اقليتي آبادي 43.48 سيڪڙو آھي ٿرپارڪر ضلعي جي ڪل آبادي 16 لک, 47 هزار, 36 ڄڻ ۾ مسلمان آبادي جو ڪل تعداد 9 لک, 31 هزار, 54 آھي جڏهن ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ اقليتي آبادي جو مجموعي تعداد 7 لک, 15 هزار, 982 آھي جنهن ٿرپارڪر ضلعي جي ڪل اقليتي آبادي ۾ سڀ کان وڌيڪ شيڊيول ڪاسٽ سان تعلق رکندڙ 4 لک, 61 هزار, 958 ,ٻئي نمبر تي هندو 2 لک, 52 هزار, 740 , ٽئين نمبر تي عيسائي 680 , قادياني 469 , ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 135 ڄڻا شامل آھن
ٿرپارڪر ضلعي جي ٽن تعلقن ۾ مسلمان آبادي جي ڀيٽ ۾ اقليتي آبادي اڪثريت ۾ آھي جن ۾ اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 40.75 سيڪڙو, اقليتي آبادي 59.25 سيڪڙو آھي اسلام ڪوٽ جي ڪل آبادي 2 لک, 44 هزار, 439 ڄڻن ۾ مسلمان 99 هزار, 619 جڏهن ته اقليتن جي ڪل آبادي 1 لک ,44 هزار, 820 آھي جنهن اقليتي آبادي ۾ سڀ کان وڌيڪ شيڊيول ڪاسٽ جا 1 لک, 7 هزار, 87 , هندو 37 هزار, 673 , عيسائي 46, قادياني 14 شامل آھن , ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي مٺي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 32.62 سيڪڙو, اقليتي آبادي 67.38 سيڪڙو آھي مٺي تعلقي جي ڪل آبادي 2 لک, 19 هزار, 901 ڄڻن ۾ مسلمان آبادي جو ڪل تعداد 71 هزار, 750 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي جو ڪل تعداد 1 لک , 48 هزار, 151 آھي مٺي تعلقي جي به اقليتي آبادي ۾ سڀ کان وڌيڪ شيڊيول ڪاسٽ 87 هزار, 651 , هندو 60 هزار, 90 , عيسائي صرف 90, قادياني 191 , ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 129 ڄڻا شامل آھن , جڏهن ته نگرپارڪر تعلقي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 36.19 سيڪڙو, اقليتي آبادي 63.81 آھي نگرپارڪر تعلقي جي ڪل آبادي 2 لک , 59 هزار, 880 آهي جنهن ۾ مسلمان آبادي جو ڪل تعداد 94 هزار, 65 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي جو ڪل تعداد 1 لک, 65 هزار, 815 آھي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ شيڊيول ڪاسٽ 1 لک, 3 هزار, 762 , هندو 61 هزار, 442 , عيسائي 381, قادياني 229 ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ ھڪ شهري شامل آھي ٿرپارڪر ضلعي جي ڇاڇري تعلقي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 66.08 سيڪڙو , اقليتي آبادي 33.92 سيڪڙو آھي ڇاڇري تعلقي جي ڪل آبادي 3 لک, 50 هزار,807 آبادي ۾ مسلمان آبادص جو تعداد 2 لک, 31 هزار, 831 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي جو ڪل تعداد 1 لک, 18 هزار, 964 آھي جنهن اقليتي آبادي ۾ 83 هزار, 33 شيڊيول ڪاسٽ, 35 هزار, 874 هندو, 46 عيسائي, 9 قادياني, ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ ٻه ڄڻا شامل آھن ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڌهالي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 89.53 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 10.7 سيڪڙو آھي ڌهالي تعلقي جي ڪل آبادي 3 لک, 5 هزار, 529 ۾ مسلمانن جو ڪل تعداد 2 لک, 73 هزار, 557 , اقليتي آبادي جو ڪل تعداد 31 هزار, 972 آھي جن ۾ 18 هزار, 977 شيڊيول ڪاسٽ, 12 هزار, 937 هندو, 33 عيسائي, 22 قادياني , ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 3 ڄڻا شامل آھن ڏيپلي تعلقي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 54. 25 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 45.75 سيڪڙو آھي ڏيپلي تعلقي جي ڪل آبادي 1 لک ,48 هزار, 871 ۾ مسلمان آبادي جو ڪل تعداد 80 هزار, 767 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي جو ڪل تعداد 68 هزار, 104 آھي جن ۾ شيڊيول ڪاسٽ 45 هزار, 924 , هندو 22 هزار, 126 , عيسائي 50 , قادياني 4 شامل آھن ٿرپارڪر ضلعي جي ڪلوئي تعلقي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 67.55 سيڪڙو, اقليتي آبادي 32.45 سيڪڙو آھي ڪلوئي تعلقي جي ڪل آبادي 1 لک, 17 هزار, 609 ۾ مسلمان آبادي جو ڪل تعداد 79 هزار, 453 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي جو ڪل تعداد 38 هزار, 156 آھي جن ۾ هندو 22 هزار, 598 , شيڊيول ڪاسٽ 15 هزار, 524 , ۽ عيسائي 34 شامل آھن سنڌ جي ضلعي ميرپورخاص جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 60.75 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 36.25 سيڪڙو آهي، ميرپور خاص ضلعي جي ڪل آبادي 15 لک، 4 هزار، 440 ۾ مسلمان آبادي جو تعداد 9 لک، 13 هزار، 979 آهي، جڏهن ته مجموعي اقليتي آبادي 5 لک، 90 هزار، 461 جن ۾ هندو 4 لک، 79 هزار، 566، شيڊول ڪاسٽ هڪ لک، 3 هزار، 313، عيسائي 5 هزار، 734، قادياني 1769 ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 79 ڄڻا شامل آهن، ميرپور خاص ضلعي جي ڊگهڙي تعلقي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 59.76 سيڪڙو ، جڏهن ته اقليتي آبادي 40.24 سيڪڙو آهي، ڊگهڙي تعلقي جي ڪل آبادي 2 لک، 14 هزار، 17 ۾ مسلمان آبادي جو تعداد هڪ لک، 27 هزار، 906 آهي، جڏهن ته اقليتي آبادي جو تعداد 86هزار، 111 آهي، جن ۾ 79 هزار 510 هندو، 6 هزار، 367 شيڊول ڪاسٽ، 142 عيسائي، 89 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 3 ڄڻا شامل آهن، تعلقي حسين بخش مري ۾ مسلمان آبادي 61.23 سيڪڙو، اقليتي آبادي 38.77 سيڪڙو آهي، حسين بخش مري تعلقي جي ڪل آبادي هڪ لک، 50 هزار، 226 آهي، جن ۾ مسلمان آبادي 91 هزار، 991 ۽ اقليتي آبادي 58 هزار، 235 آهي، جن ۾ 52 هزار، 527 هندو، 5 هزار 464 شيڊول ڪاسٽ ۽ 244 عيسائي شامل آهن، جهڏي تعلقي ۾ مسلمان آبادي 56.67 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 43.33 سيڪڙو آهي، جهڏي تعلقي ۾ ڪل آبادي 2 لک هڪ هزار 850 مان مسلمان آبادي هڪ لک 14 هزار 406 آهي، جڏهن ته اقليتي آبادي 87 هزار 444 آهي، جن ۾ 71 هزار 242 هندو، 15 هزار 385 شيڊول ڪاسٽ، 73 عيسائي، 744 قادياني شامل آهن، ڪوٽ غلام محمد تعلقي ۾ مسلمان آبادي 45.36 سيڪڙو جڏهن ته اقليتي آبادي 54.64 سيڪڙو آهي، ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي ڪل آبادي 2 لک 73 هزار 132 ۾ مسلمان آبادي جو تعداد هڪ لک 23 هزار 907 آهي، جڏهن ته اقليتي آبادي جو ڪل تعداد هڪ لک 49 هزار 225 آهي، جن ۾ هڪ لک 5 هزار 405 هندو، 43 هزار 475 شيڊول ڪاسٽ، 223 عيسائي، 121 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ هڪ ڄڻو شامل آهي، ميرپور خاص ضلعي جي تعلقي ميرپور خاص ۾ مسلمان آبادي 89.03 سيڪڙو جڏهن ته اقليتي آبادي 10.97 سيڪڙو آهي، ميرپور خاص تعلقي جي ڪل آبادي 2 لک 60 هزار 288 ۾ 2 لک 31 هزار 749 مسلمان آباد جڏهن ته 28 هزار 539 اقليتي آبادي آهي جن ۾ 20 هزار 681 هندو، 4 هزار 335 عيسائي، 2 هزار 817 شيڊول ڪاسٽ، 643 قادياني، ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 63 ڄڻا شامل آهن، ميرپور خاص جي تعلقي شجاع آبادي ۾ مسلمان آبادي 52.26 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 47.74 سيڪڙو آهي، شجاع آباد تعلقي جي ڪل آبادي هڪ لک 68 هزار 733 ۾ 88 هزار 196 مسلمان آبادي جڏهن ته 80 هزار 537 اقليتي آبادي آبادي آهي، جن ۾ 72 هزار 163 هندو، 7 هزار 333 شيڊول ڪاسٽ، 634 عيسائي، 107 قادياني شامل آهن، سنڌڙي تعلقي ۾ مسلمان آبادي 57.50 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 42.50 سيڪڙو آهي.
سنڌڙي تعلقي جي ڪل آبادي 2 لک 36 هزار 194 ۾ هڪ لک 35 هزار 824 مسلمان آبادي، هڪ لک 370 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 78 هزار 38 هندو، 22 هزار 172 شيڊول ڪاسٽ، 83 عيسائي، 65 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 12 ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آباد 77.52 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 22.48 سيڪڙو آهي، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڪل آبادي 6 لک 77 هزار 98 ۾ 5 لک 24 هزار 945 مسلمان آبادي آهي، جڏهن ته هڪ لک 52 هزار 153 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ هڪ لک 48 هزار 234 هندو، 2 هزار 419 شيڊول ڪاسٽ، 1372 عيسائي، 55 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 73 ڄڻا شامل آهن، ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڪل آبادي 2 لک 37 هزار11 ڄڻن ۾ 2 لک 4 هزار 251 مسلمان ۽ 32 هزار 760 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ 32 هزار 645 هندو، 90 عيسائي، 19 قادياني ۽ 6 شيڊول ڪاسٽ سان تعلق رکندڙ شامل آهن، ٽنڊو غلام حيدر تعلقي کي ڪل آبادي هڪ لک 84 هزار 683 ۾ هڪ لک 32 هزار 747 مسلمان، جڏهن ته 51 هزار 936 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ 50 هزار 653 هندو، 1147 شيڊول ڪاسٽ، 68 عيسائي، 7 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 21 ڄڻا شامل آهن، ٽنڊو محمد خان تعلقي جي ڪل آبادي 2 لک 55 هزار 404 آهي، جنهن ۾ هڪ ل 87 هزار 947 مسلمان ۽ 67 هزار 457 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ 64 هزار 936 هندو، 1226 شيڊل ڪاسٽ، 1214 عيسائي، 29 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 52 ڄڻا شامل آهن.ٽنڊي الهيار ضلعي جي ڪل آبادي ۾ 65.53 سيڪڙو مسلمان، 34.47 سيڪڙو اقليتي آبادي آهي، ضلعي جي ڪل آبادي 8 لک 38 هزار 527 آهي، جن ۾ 5 لک 49 هزار 566 مسلمان آبادي، جڏهن ته 2 لک 88 هزار 961 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 2 لک 78 هزار 547 هندو، 7 هزار 990 شيڊول ڪاسٽ، 803 عيسائي، 1543 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 78 ڄڻا شامل آهن، ٽنڊو الهيار ضلعي جي چمبڙ تعلقي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 73.78 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 36.22 سيڪڙو آهي، چمبڙ تعلقي جي ڪل 2 لک 10 هزار 202 آبادي آهي، جن ۾ هڪ لک 34 هزار 70 مسلمان، 76 هزار 132 اقليتي آبادي شامل آهي، جن۾ 71 هزار 819 هندو، 2 هزار 905 شيدول ڪاسٽ، 1301 قادياني، 66 عيسائي ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 41 ڄڻا شامل آهن، ٽنڊي الهيار ضلعي جي تعلقي جهنڊو مري جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 63.02 سيڪڙو، اقليتي آبادي 36.98 سيڪڙو آهي، تعلقي جي ڪل آبادي 2 لک 41 هزار 170 آهي، جن ۾ هڪ لک 52 هزار مسلمان ۽ 89 هزار 170 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 86 هزار 782 هندو، 2 هزار 83 شيڊول ڪاسٽ، 136 عيسائي ۽ 167 قادياني شامل آهن، تعلقي ٽنڊي الهيار جي ڪل آبادي مسلمان آبادي 68.05 سيڪڙو آهي، جڏهن ته اقليتي آبادي 31.95 سيڪڙو آهي، ٽنڊي الهيار تعلقي جي ڪل آبادي 3 لک 87 هزار 155 آهي، جن ۾ 2 لک 63 هزار 496 مسلمان آبادي ۽ هڪ لک 23 هزار 659 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ هڪ لک 19 هزار 945 هندو، 3 هزار 2 شيڊول ڪاسٽ، 601 عيسائي، 75 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 36 ڄڻا شامل آهن، مٽياري ضلعي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 83.28 سيڪڙو، اقليتي آبادي 16.72 سيڪڙو آهي، مٽياري ضلعي جي ڪل آبادي 7 لک 70 هزار 40 آهي، جن ۾ 6 لک 41 هزار 297 مسلمان آبادي، ۽ هڪ لک 28 هزار 743 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 94 هزار 943 هندو، 33 هزر 324 شيڊل ڪاسٽ، 420 عيسائي، 10 قادياني، ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 46 ڄڻا شامل آهن، مٽيار ضلعي جي تعلقي هالا جي ڪل آبادي 2 لک 62 هزار 639 ۾ 2 لک 23 هزار 412 مسلمان ۽ 29 هزار 227 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ 38 هزار 741 هندو، 288 عيسائي، 189 شيڊول ڪاسٽ ۽ ٻين اقليتن تعلق رکندڙ 9 ڄڻا شامل آهن، تعلقي مٽياري جي ڪل آبادي 3 لک 41 هزار 110 آهي، جن ۾ 2 لک 67 هزار 690 مسلمان آبادي ۽ 73 هزار 420 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 40 هزار 283 هندو، 33 هزار 24 شيڊول ڪاسٽ، 71 عيسائي، 5 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 37 ڄڻا شامل آهن، سعيد آباد تعلقي جي ڪل آبادي هڪ لک 66 هزار 291 آهي، جن ۾ هڪ لک 50 هزار 195 مسلمان ۽ 16 هزار 96 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 15 هزار 919 هندو، 111 شيڊول ڪاسٽ، 61 عيسائي ۽ 5 قادياني شامل آهن، حيدرآباد ضلعي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 90.86 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 9.14 سيڪڙو آهي، حيدرآباد ضلعي جي ڪل آبادي 21 لک 99 هزار 928 آهي، جن ۾ 19 لک 88 هزار 896 مسلمان، 2 لک 11 هزار 32 اقليتي آبادي شامل آهي، اقليتي آبادي ۾ هڪ لک 65 هزار 896 هندو، 18 هزار 975 عيسائي، 15 هزار 30 شيڊول ڪاسٽ، 721 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 390 ڄڻا شامل آهن، حيدرآباد سٽي تعلقي جي ڪل آبادي 7 لک 25 هزار 193 آهي، جن ۾ 6 لک 81 هزار 519 مسلمان ۽ 43 هزار 624 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ 36 هزار 838 هندو، 5 هزار 701 عيسائي، 704 شيڊول ڪاسٽ، 178 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 203 ڄڻا شامل آهن، حيدرآباد تعلقي جي ڪل آبادي 4 لک 66 هزار 306 آهي، جنهن ۾ 3 لک 82 هزار 265 مسلمان ۽ 84 هزار 41 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 70 هزار 519 هندو، 12 هزار 386 شيڊول ڪاسٽ، هڪ هزار 6 عيسائي، 2 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق 128 ڄڻا شامل آهن، لطيف آباد تعلقي جي ڪل آبادي 7 لک 3 هزار 690 آهي، جن ۾ 6 لک 57 هزار 48 مسلمان، 46 هزار 642 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 35 هزار 865 هندو، 8 هزار 994 عيسائي، 1274 شيڊول ڪاسٽ، 469 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 40 ڄڻا شامل آهن.
تعلقي قاسم آباد جي ڪل آبادي 3 لک 4 هزار 779 آهي، جن ۾ 2 لک 78 هزار 54 مسلمان ۽ 26 هزار 725 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 22 هزار 674 هندو، 3 هزار 274 عيسائي، 666 شيڊول ڪاسٽ، 92 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 19 ڄڻا شامل آهن، بدين ضلعي جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 76.10 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 23.9 سيڪڙو آهي، بدين ضلعي جي ڪل آبادي 18 لک 4 هزار 958 آهي، جن ۾ 13 لک 73 هزار 704 مسلمان، 4 لک 31 هزار 254 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 3 لک 88 هزار 286 هندو، 37 هزار 856 شيڊول ڪاسٽ، 3 هزار 504 عيسائي، 971 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 637 ڄڻا شامل آهن، تعلقي بدين جي ڪل آبادي 4 لک 54 هزار 576 آهي، جنهن ۾ 4 لک 5 هزار 314 مسلمان ۽ 49 هزار 262 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 38 هزار 45 هندو، 10 هزار 158 شيڊول ڪاسٽ، 843 عيسائي، 119 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 67 ڄڻا شامل آهن، تعلقي گولاڙچي جي ڪل آبادي 3 لک 34 هزار 440 آهي، جن ۾ 2 لک 44 هزار 90 مسلمان ۽ 90 هزار 350 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 88 هزار 912 هندو، 347 عيسائي، 372 قادياني، 315 شيڊول ڪاسٽ ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 404 ڄڻا شامل آهن، تعلقي ماتلي جي ڪل آبادي 4 لک 44 هزار 700 آهي، جنهن ۾ مسلمان آبادي 3 لک 442 آهي، جڏهن ته اقليتي آبادي هڪ لک 44 هزار 278 آهي جن ۾ هڪ لک 39 هزار 659 هندو، 2 هزار 807 شيڊول ڪاسٽ، 1552 عيسائي، 110 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 150 ڄڻا شامل آهن، تلهار تعلقي جي ڪل آبادي هڪ لک 72 هزار 14 آهي، جن ۾ هڪ لک 27 هزار 234 مسلمان ۽ 44 هزار 780 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ 44 هزار 524 هندو، 200 عيسائي، هڪ قادياني، 55 شيڊول ڪاسٽ شامل آهن، ٽنڊي باگي تعلقي جي ڪل آبادي 3 لک 99 هزار 228 آهي، جن ۾ 2 لک 96 هزار 444 مسلمان ۽ هڪ لک 2 هزار 584 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ 77 هزار 146 هندو، 24 هزار 521 شيڊول ڪاسٽ، 532 عيسائي، 369 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙن جو تعداد 16 شامل آهي. سنڌ جي ضلعي سانگهڙ جي ڪل آبادي ۾ مسلمان آبادي 77.79 ۽ اقليتي آبادي 22.21 سيڪڙو آهي، سانگهڙ ضلعي جي ڪل آبادي 20 لک 49 هزار 873 آهي، جن ۾ 15 لک 94 هزار 744 مسلمان ۽ 4 لک 55 هزار 129 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ 3 لک 84 هزار 544 هندو، 62 هزار 193 شيڊول ڪاسٽ، 7 هزار 578 عيسائي، 369 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 445 ڄڻا شامل آهن، سانگهڙ ضلعي جي تعلقي ڄان نواز علي جي ڪل آبادي هڪ لک 53 هزار 193 آهي، جن ۾ هڪ لک 3 هزار 998 مسلمان، 49 هزار 195 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 46 هزار 384 هندو، 2 هزار 724 شيڊول ڪاسٽ، 86 عيسائي ۽ هڪ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ شامل آهن.
کپرو تعلقي جي ڪل آبادي 3 لک 32 هزار 833 آهي، جن ۾ 2 لک 6 هزار 838 مسلمان ۽ هڪ لک 25 هزار 995 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 75 هزار 927 هندو، 48 هزار 359 شيڊول ڪاسٽ، 1660عيسائي، 10 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 39 ڄڻا شامل آهن، سانگهڙ تعلقي جي ڪل آبادي 4 لک 32 هزار 792 آهي، جنهن ۾ 3 لک 45 هزار 622 مسلمان، 87 هزار 170 اقليتن سان تعلق رکندڙ آبادي شامل آهي، جن ۾ 82 هزار 320 هندو، 4 هزار 365 عيسائي، 323 شيڊول ڪاسٽ، 79 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 74 ڄڻا شامل آهن، تعلقي شهدادپور جي ڪل آبادي 4 لک 57 هزار 28 آهي، جن ۾ 4 لک 400 مسلمان، 56 هزار 628 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 55 هزار 181 هندو، 749 شيدول ڪاسٽ، 265 عيسائي، 112 قادياني، 321 ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن، تعلقي سنجهورو جي ڪل آبادي 3 لک 17 هزار 4 آهي، جن ۾ 2 لک 39 هزار 321 مسلمان ۽ 77 هزار 683 اقليتي آبادي شامل آهي، جن ۾ 75 هزار 432 هندو، 1917 شيڊول ڪاسٽ، 299 عيسائي، 25 قادياني ۽ ٻين اقليتن سان تعلق رکندڙ 10 ڄڻا شامل آهن، ٽنڊي آدم تعلقي جي ڪل آبادي 3 لک 57 هزار 23 آهي، جن ۾ 2 لک 98 هزار 565 مسلمان ۽ 58 هزار 458 اقليتي آبادي آهي، جن ۾ 49 هزار 300 هندو، 8 هزار 112 شيڊول ڪاسٽ، 903 عيسائي، 143 قادياني شامل آهن.