پنجاب مان ناريون آڻي سنڌ ۾ پئسن عيوض وڪڻڻ جو انڪشاف، نڪاح مٿان نڪاح ڪندڙ گرفتار

0
1157
پنجاب مان ناريون آڻي سنڌ ۾

لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي وومين ٿاڻي ۽ وليد پوليس طرفان پنجاب جي عورت سان نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار غلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ وارثن بلاول ڪلهوڙو احتجاج ڪندي چيو ته ڀاءُ غلام شبير ڪلهوڙي گمبٽ جي رهواسڻ زنيرا بٽ سان 3 لک رپين عيوض دلالن لاڙڪاڻي واسي پپن لاشاري ۽ رتوديرو واسي مشتاق علي گوپانگ جي معرفت شادي ڪئي، هن الزام لڳايو ته شادي جي پنجي ڏينهن تي اتفاق بٽ، فيصل بٽ، پپن لاشاري ۽ مشتاق گوپانگ ڀاڄائي زنيرا کي وٺڻ آيا ته جهيڙو ٿي پيو.ڀاڄائي زنيرا اسان کي حقيقت بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته هوءَ اصل لاهور جي رهواسڻ آهي. غربت کان مجبور ٿي پئسن جي لالچ ۾ اتفاق ۽ فيصل بٽ وارن سان گڏجي گمبٽ پهتي، جتي ان سان چار ٻيون ڇوڪريون به هيون جيڪي ڀاڄائي وانگر مجبور هيون ۽ انهن عورتن کي اتفاق ۽ فيصل بٽ وارن گمبٽ ۾ امان عبيده وٽ ترسايو ۽ زنيرا جي شادي بعد ۾ ڀاءُ غلام شبير سان ڪرائي.هن چيو ته اتفاق بٽ، فيصل، اسلم بٽ، امان عبيده، پپن لاشاري ۽ مشتاق گوپانگ وارن جي هڪ وڏي گينگ آهي جيڪي پنجاب مان ناريون آڻي سنڌ ۾ پئسن عيوض وڪرو ڪري سندن جون شاديون ڪرائي سادن ماڻهن کي ٺڳي انهن سان دوکو ڪندا آهن. هن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته گينگ جي ماڻهن ڀاءُ غلام شبير ڪلهوڙو مٿان زنيرا بٽ سان نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ جو الزام مڙهي وومين ۽ وليد ٿاڻي جي پوليس هٿان کين گرفتار ڪرايو.