بدين (م ڊ) سنڌ ۾ پاڻي جو سنگين بحران،  ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا، بي بي سي جي رپورٽ موجب ٽيل آبادگار ايسوسئيشن سنڌ جي صدر عزيز الله ڏيرو ٻڌايو آهي ته هونئه ته پاڻي جو مسئلو سڄي سنڌ جو آهي، صوبي کي جائز حق نه ملي رهيو آهي پر هن وقت ڪوٽڙي بيراج سان لاڳاپيل ضلعن ۾  ته عوام پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيو آهي، جر جو پاڻي کارو يا زهريلو ٿي چڪو آهي، هن چيو ته ربيع جا اڪثر فصل خراب ٿي چڪا آهن، جانورن لاءِ به پاڻي ناهي، هن چيو ته سنڌو درياءَ تي دارمدار رکندڙ پڇاڙي وارن ضلعن مان ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، زمينون خالي پيون آهن، زميندارن ۽ آبادگارن جي گهرن جا چلها اجهامي چڪا آهن، ماڻهن مجبور ٿي شهرن جو رخ ڪيو آهي.