سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي، آبادگار سراپا احتجاج

0
181

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي، آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آھن، ڪشمور، بخشاپور، ڪنڌڪوٽ، قمبر، وارهه، بهرام، تلهار ۽ ٻين شهرن ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا، مک روڊ بلاڪ هُجڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، آبادگارن پاران ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي آبادگارن دانهيو ته پاڻي کوٽ سبب ساريالو ٻيجارو به ناهيون پوکي سگهيا، نوٽيس وٺي پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي.