طالبان جو افغان باب دوستي گيٽ تي ڪنٽرول، افغان جهنڊو به لاهي ڇڏيو

0
644

ڪراچي(م ڊ) طالبان پاڪستان ۽ افغانستان جي مرڪزي گذر گاهه جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو، طالبان ترجمان جو ذبيح الله مجاهد پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني سرحد سان گڏ افغان اسپن بولدڪ تي قبضي جي لاءِ حملو ڪيو ويو، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ مرڪزي گذر گاهه تي ڪنٽرول حاصل ڪيو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته طالبان 20 سالن کانپوءِ افغانسان جي طرفان باب دوستي جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪيو آهي، باب دوستي تي طالبان افغانستان جو قومي جهنڊو لاهي ڇڏيو ۽ طالبان امارت اسلامي جو اڇو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو، طالبان ترجمان اپيل ڪئي آهي ته شهري ۽ واپاري اڄ باب دوستي جي طرف نه اچن، ٻئي طرف افغان جي ٽراسپورٽ کاتي تصديق ڪئي آهي ته افغانستان ۾ چمن، قنڌار شاهراهه تي طالبان ڪنٽرول ڪري ورتو جنهن ڪري اچ وڃ معطل آهي، هوڏانهن ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي طرفان به باب دوستي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري واپار به معطل آهي، باب دوستي تي اضافي سيڪيورٽي مقرر ڪري پاڪ افغان بارڊر تي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، باب دوستي گيٽ کان اچڻ وڃڻ ۽ واپار جي بحالي لاءِ طالبان جي مقامي قيادت سان رابطي ۾ آهيون، ليويز عملدارن جو چوڻ آهي ته چمن جي ڀرسان افغانستان جي سسڀني سرحدي چوڪين تي طالبان جو قبضو آهي ۽ پاڪ افغان بارڊر تي غير يقيني واري صورتحال آهي، ٻئي طرف افغان جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته طالبان اسپن بولدڪ جي سرحدي علائقي طرف اڳڀرائي ڪئي هئي جتي افغان سيڪيورٽي فورسز طالبان جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو.