ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رولو ڪتن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . عدالت ڪينٽونمينٽ بورڊز کي به رولو ڪتن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪرڻ سان گڏ مڪاني کاتي کي ڪتن جي ڏاڙهڻ بابت هيلپ لائين کي فوري طور فعال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪتن جي ڏاڙهڻ ۽ ويڪسين جي عدم فراهمي بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران سنڌ سرڪار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته رولو ڪتن جي ويڪسينيشن ( خصي ڪرڻ ) لاءِ قانونسازي ٿي رهي آهي، سنڌ ڪابينا ان حوالي سان قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي عدالت پڇيو ته ڪيترن ڏينهن ۾ اهي قانون نوٽيفائي ٿي ويندا؟ جنهن تي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ٻن هفتن اندر سمورا معاملا مڪمل ڪيا ويندا، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته وڏين مشڪلاتن بعد توهان جا اهي قانون ٺهيا آهن، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڊفينس فيز 8 ۾ به تمام گهڻا ڪتا آهن، مٿان وري جن ڪتن جي ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي، انهن کي ڪو ٽيگ به نه پيو لڳايو وڃي، جنهن تي عدالت پڇيو ته توهان ڪتن کي ٽيگ نه ڪندئو ته خبر ڪيئن پوندي؟ عدالت ايڊيشنل سيڪريٽري کان پڇيو ته توهان جيڪا هيلپ لائين ٺاهي هئي، ان تي ڪهڙيون شڪايتون وٺندا آهيو؟ هيلپ جو نمبر ياد آهي اوهان کي؟ توهان اسان کي ٻڌايو نه ٿا ٻڌائي سگهو ته اسان صوبائي سيڪريٽري کي طلب ڪري ٿا وٺون، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪا هيلپ لائن ڪتن جي ڏاڙهڻ بابت شڪايت لاءِ ٺاهي وئي آهي، ان کي عوام لاءِ عام ڪيو وڃي، عدالت هيلپ لائن کي عام نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان توهان کي هيلپ لائن ٺاهڻ جو چيو هو، توهان وري هيلپ لائين لاءِ 11 ڊجٽس جو نمبر ڏئي ڇڏيو، ايڏو ڊگهو نمبر ڪنهن کي ياد رهندو؟ ڇا ماڻهو اهو نمبر لکي کيسي ۾ رکن، جسٽس امجد سهتو ايڊيشنل سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته جڏهن توهان کي ئي هيلپ لائين جو نمبر ياد ناهي ته عام ماڻهو ڪيئن ياد ڪري سگهندو. عدالت لوڪل گورنمينٽ جي اختيارين کي حڪم ڏيندي چيو ته فوري طور تي هيلپ لائين کي فعال ڪيو وڃي.