بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ويجهو ڌڱاڻوبوزدار ۾ سرفراز واھ جي لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ويرڀڻ ڪولھي واسي مستري منو ڪولھي زوردار ڌڪ لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سول اسپتال جي ڊاڪٽر موت جي تصديق ڪئي جنهن بعد ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته حادثي ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا زخمين کي سول اسپتال نيو ويو.