ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن تي ڪنٽرول نه ٿيو، مختلف هنڌن تي وڌيڪ 17 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي. خبر موجب لاڙڪاڻو ۾ بازيگر پل ڀرسان ڳوٺ صديق آباد ۾ ڇتي ڪتي هڪ ئي ڳوٺ جي 11 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ جان محمد ٻلڙو، جنيد، وزير، زبير، ارسلان، سجاد ۽ ٻيا شامل آهن، غوثپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن هڪ عورت سميت چئن ڳوٺاڻن کي چڪي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ ڳوٺ پرتو ملڪ واسڻ مسمات انيسا ملڪ، دڙي سندراڻي واسي راهب لولئي، علي گل لولئي ۽ ڳوٺ خير محمد نصيراڻي واسي حماد الله شامل آهن، مسو ڀرگڙي ويجهو ڳوٺ رحيم خان ڇلگري ۾ فياض علي ڇلگري کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ڳوٺ صالح دل ۾ رولو ڪتن غلام عباس دل کي ڏاڙهي وڌو،