ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪورونا جا ڪلور جاري: وڌيڪ 88 شهري فوت: 4007 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ شرح 6.73 ، پنجاب ۾ 4.56 ۽ سنڌ ۾ 8.8 سيڪڙو رهي، سنڌ ۾ ڪاروبار جو وقت رات 8 کان گهٽائي شام 6 وڳي ڪيو ويو، سمورا ڪاروبار ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين کولي سگهبا، جمعي ۽ آچر تي هفتي ۾ 2 ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون هوندو ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا 18 حياتيون کسي ورتيون، پرڳڻي ۾ وڌيڪ 1411 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 22195 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 21299 گھرن ، 15 آئسوليشن سينٽرن ۽ 881 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته 844 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 71 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 780، حيدرآباد ۾ 129، ڄامشوري ۾ 40، سکر ۾ 38، سانگھڙ ۾ 36، گھوٽڪي ۾ 35، شهيد بينظير آباد ۾ 27، ڪشمور ۾ 26، سجاول ۾ 24، ميرپورخاص ۾ 23، ٽنڊي محمد خان، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ 22_22، لاڙڪاڻي 21، بدين ۽ عمرڪوٽ ۾ 20_20، دادو ۾ 19، مٽياري ۾ 18، نوشهري فيروز ۾ 15، ٺٽي ۾ 13، خيرپور 12، ٽنڊي الهيار ۽ قمبر ۾ 9،9 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ٻئي پاسي لمس ڄامشوري جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل وڌيڪ 4 مريض عبدالرحمان، ولي محمد، منظور علي ۽ محمد يوسف فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 42 ٿي ويو، ان ڏس ۾ وارڊ جي ڊاڪٽر دين محمد چانڊيو ٻڌايو ته هن وقت وارڊ ۾ 20 مريض علاج هيٺ آهن. هوڏانهن سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ٻٻرلوءِ واسي 60 ورھين جو ناصر ولد علي بخش کوسو زندگي جي جنگ هارائي ويو، ٻئي طرف ٽنڊي محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ داخل واپاري محمد اقبال ميمڻ فوت ٿي ويو، هوڏانهن نئون ڪوٽ صحت مرڪز جي ايم ايس سميت 4 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، متاثر ٿيلن ۾ ٻه عورتون به شامل آھن، ٻئي طرف سنڌ سرڪار ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب لاڳو پابنديون ٻن هفتن لاءِ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ لاڳاپيل اختيارين کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي صحت کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته 21 مئي تي سڀ کان وڌيڪ 24299 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ 2136 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، پرڳڻي ۾ ڪورونا جي شرح 8.8 سيڪڙو رهي، اها صورتحال انتهائي خطرناڪ آھي. اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته 5 کان 21 مئي 2021ع دوران 17197 مسافر جناح ٽرمنل تي پھتا جن مان 38 يعني 0.22 سيڪڙو ڪيس مثبت رپورٽ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل 7 ڏينھن يعني 15 کان 21 مئي دوران ڪراچيءَ ۾ ڪورونا جي مجموعي شرح 13.97 سيڪڙو رهي، جڏهن ته اوڀر ڪراچيءَ ۾ 27، ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ 15، سينٽرل ۾ 13، ڪورنگي، ملير ۽ اولھه ڪراچيءَ ۾ 10 سيڪڙو شرح رھي، انھيءَ عرصي دوران حيدرآباد ۽ دادو ۾ شرح 11 سيڪڙو تي پهتي، سنڌ جي باقي ضلعن ۾ شرح 5.4 سيڪڙو رهي اهڙي بريفنگ بعدوڏي وزير سيد مراد شاهه پرڳڻي ۾ وڌيڪ ٻن ھفتن تائين ھاڻوڪين پابندين کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته 6 کان 7 جون تي ٻيھر صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي جا سمورا تفريحي ماڳ سي ويو، ھاڪس بي، تفريحي پارڪ ۽ ٻيا ھنڌ بند رھندا. جڏھن ته پارڪن ۾ پيادل ھلڻ وارا ٽريڪس رڳو گھمڻ ڦرڻ وارن مقصدن لاءِ کليل رھندا.  ڪاروباري وقت جي حوالي سان اھو فيصلو ڪيو ويو ته ڪاروبار صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين کليل رهندو. سپر مارڪيٽن سميت سمورا دڪان شام 6 وڳي بند ڪرايا ويندا. وڏي وزير اسڪولن بابت چيو ته صوبي ۾ تعليمي ادارا ان وقت کلندا، جڏھن ڪورونا صورتحال بھتر ٿيندي، ٻي صورت ۾ اھي بند رھندا، وزيراعليٰ تعليم واري وزير سعيد غني کي ھدايت ڪئي ته سمورن تعليمي ادارن ۾ استادن کي ويڪسين لڳرائڻ لاءِ ضروري اپاءَ ورتا وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انٽر سٽي ٽرانسپورٽ کي 50 سيڪڙو مسافرن سان ھلائڻ جي اجازت هوندي، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڳرو ڏنڊ لڳايو ويندو. اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته شادي هال بدستور بند رهندا، جڏهن ته هوٽلن مان رڳو کاڌو کڻي وڃڻ توڙي هوم ڊليوري جي اجازت هوندي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ سياحتي شعبي کي سڀاڻي ومر 24 مئي کان ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ان ڏس ۾ جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سياحت سان لاڳاپيل هوٽل ۽ گيسٽ هائوس سياحن کان ڪورونا جي ناڪاري رپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ويڪسين جو سرٽيفيڪيٽ وٺڻ جا پابند هوندا. پڌرائيءَ موجب 50 سال يا وڌيڪ عمر جي سياحن کي بنا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي هوٽلن ۾ ڪمرو ملي نه سگهندو، جڏهن ته پهرين جولاءِ کانپوءِ 40 سال ۽ وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي به بنا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي ڪمرو نه ملندو.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڪمرو هڪ ئي شخص يا ٻن وڏن ماڻهن ۽ ٻارن لاءِ بوڪ ڪري سگهبو، ٽور آپريٽرز ۽ هوٽل انتظاميا سڀني مسافرن جي ڊيٽا فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا، پرڏيهي سياحن لاءِ ٽيسٽ، قرنطينه ۽ ويڪسينيشن پاليسي تي عمل لازمي هوندو. اين سي او سي موجب سياحتي هنڌن جي داخلي رستن تي سياحن کان هيلٿ ڊڪليريشن فارم ڀرايا ويندا، اين سي او سي لاڳاپيل ادارن کي ايس او پيز تي عمل لاءِ ڏنڊ ۽ ٻيون سزائون يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.