نيويارڪ (م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان سوداگر ناهي، مشير تي سودو نه ڪندو. نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ دفعو ٻيهر ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي ۽ هن چيو ته ڪشمير تي اسان جو موقف ساڳيو آهي، اسان باعزت طريقي سان ڳالهيون ڪنداسين. پاڙيسري ملڪ سان امن سان رهڻ چاهيون ٿا. اسان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير ڪشمير ۽ فلسطين مسئلن کي هڪ جهڙو قرار ڏيندي چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال هڪجهڙي آهي، ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جو حل نه ڪڍيو ويو پائيدار امن نه ٿيندو، هن وڌيڪ  چيو ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي بهتر قدم آهي پر اهو ناڪافي آهي. اسان کي مستقل حل طرف وڌڻو آهي. اسان جا سمورن مسلمان ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن.