سنڌ هاءِ ڪورٽ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

0
190
خورشيد شاهه پاران ضمانت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جِي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، سکر جي احتساب عدالت کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس جلد اڪلائڻ جو به حڪم، خورشيد شاهه ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، جنهن تحت ٻه رڪني بينچ 12 جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو آهي، ضمانت واري درخواست تي بڌڻي جسٽس شمن الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو ڪئي. سکر جي احتساب عدالت کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس جلد اڪلائڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته حيران آهيون ته خورشيد شاهه کي سموريون سهولتون اسپتال ۾ مليل آهن، اسان جي نظام جي خرابي سبب هڪ قيدي جيل ۾ سڙندو رهندو آهي ۽ ٻيو سياسي پٺڀرائي سبب سموريون سهولتون حاصل ڪري وٺندو آهي، خورشيد شاهه سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري سموريون سهولتون حاصل ڪيون آهن.