لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ ۽ سجاڳ فورم طرفان 4 سال اڳ کنڀي گم ڪيل درزي انصاف دايو جي جبري گمشدگي کي 4 سال پورا ٿيڻ تي سندن گهر ڀاتين سان يڪجهتي طور ۽ سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ درگاهه قائم شاهه بخاري کان ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري 5 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اديب ۽ شاعر تاج جويو، جسقم جي شاهنواز ڀٽي، جست جي شبير جمالي، سنڌي پورهيت سنگت جي سراج ڪلهوڙو، استاد خالد، وحيد سنڌي، ايس يو پي جي ڊاڪٽر مظھر مغل، شيبا مغل، زاهد چانڊيو، اعجاز چانڊيو، محب آزاد، عادل عباسي، انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ دايو، افسانه دايو، ايوب ڪانڌڙو جي ڌيءَ مارئي، پٽ وقار ڪانڌڙو، مرتضيٰ جوڻيجو جي امڙ شهزادي خاتون، ڌيءُ باشل، ظفر چانڊيو جي زال ساجدہ، ڀيڻ فخرالنساءَ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن دانيهندي چيو ته انصاف دايو، ايوب ڪانڌڙو، مرتضيٰ جوڻيجو سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان سوين ماڻهن کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر سندن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڪري سندن گهر ڀاتين مسلسل سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته کنڀيلن جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، انصاف دايو کي4 مڪمل ٿي ويا آهن، سندس وارث آزادي لاءِ مسلسل احتجاج تي ويٺل آهن، سندن وٽ ڪوبه چونڊيل نمائندو لڙهي نه آيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سنڌ مان کنڀيل گم ڪيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.