نوابشاهه/قاضي احمد/ نواب ولي محمد/ هوت جو ڳو ٺ/ ڄام صاحب/شاهپور جهانيان (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، جسقم سينئر وائس چيئرمين امجد خان مھيسر، جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، جسقم مرڪزي ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو، آصف رضا مگسي، ھاشم لغاري، شعبان ماٽي، مسعود شاهه سان گڏ قاضي احمد، نواب ولي محمد، هوت جو ڳوٺ، نيازي سيال ڳوٺ پهتو، جسقم ڪارڪن ۽ ڳوٺاڻن پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي. جڏهن ته ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ تي هلون پيا، سنڌ جا دشمن گڏيل طور تي سنڌ خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، سنڌ جي سڄڻن کي به سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، 6 جون تي بحريا ٽائون اڳيان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري بحريا ٽائون سميت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ سمورين هائوس اسڪيمن خلاف اڻکٽ جدوجهد جي شروعات ڪئي ويندي. هن 30 مئي تي نوابشاهه ۾ سائين جي ايم سيد جي 26 ورسي جي جلسي جون دعوتون پڻ ڏنيون. جڏهن ته جسقم چيئرمين نواب ولي محمد ۾ امير حمزو گبول سان چاچي جي وفات تي تعزيت ڪئي، هوت جو واهڻ ۾ سڪندر انڙ سان وڏي ڀاءُ، اي ڊي انڙ سان ڏاڏي جي وفات تي تعزيت ڪئي. جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڳوٺ نيازي سيال ۾ به ڳوٺاڻن کي 6 جون تي بحريا ٽائون اڳيان ڌرڻي جي دعوت ڏني، جڏهن ته عارف خاصخيلي، موڙيو مير بحر، صوفي خالد چنا، ضمير کوکر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.