ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت سنڌ فيسٽيول ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار عشرت آفتاب سومرو کي 15 جون تائين جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار سنڌ فيسٽيول جا مختلف شهرن ۾ پروگرام آرگنائيز ڪرايا هئا، هن فيسٽيولز ذريعي سرڪاري خزاني کي 16 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو.