سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) پ پ اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس معاملو، سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ بعد خورشيد شاهه ٻيهر ضمانت لاءِ سنڌ هاءَ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. وڪيل محفوظ اعواڻ جو چوڻ آهي ته سپريم مان ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ کانپوءِ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه ٻيهر ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل ڪرائي وئي آهي جنهن جي ابتدائي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي. واضح رهي ته نيب خورشيد شاهه کي 18 سپيٽمبر 2019 ۾ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو نيب خورشيد شاهه ۽ سندس گهرڀاتين سوڌو 18 ڄڻن خلاف 1 ارب 23 ڪروڙ رپين جو ريفرنس داخل ڪيو آهي خورشيد شاهه 19 مهينن کان سوگهو ٿيل آهي. جڏھن ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سيد خورشيد احمد شاھ جي ضمانت واري درخواست اڳ رد ڪري چڪي آھي. جڏھن ته ريفرنس ۾ شامل صوبائي وزير اويس قادر شاھ، ايم پي اي فرخ شاھ ۽ ٻيا ضمانت تي آزاد آھن.