سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

0
40
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

سنڌ جا حُڪمرانو! اوهان جي سربخت جو خير هجي، پر جي دل جي ڳالهه پُڇو ته اوهان جي صاحبيءَ ۾ سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي. سنڌ جي ان ئي حالت جي ڪري اڄ اسان روايتي انداز ترڪ ڪري، غير روايتي انداز ۾ سڌيءَ ريت توهان سان مخاطب ٿيڻ لاءِ مجبور ٿيا آهيون. توهان ان سياسي تنظيم جا نمائنده آهيو، جنهن جو هن ملڪ ۾ جمهوريت تي سڀ کان وڌيڪ خرچ ٿيو آهي، جنهن جي دعويٰ آهي ته، اُن جي جلسن ۽ ميڙاڪن ۾ ايندڙ ڪنهن ’رينٽ اي ڪرائوڊ‘ واري هَٽَ جو وکر ناهن. توهان جي اهڙي دعويٰ جي ڪري اسان پنهنجي ڳالهه توهان سان سڌي تخاطب جي ذريعي اورڻ سهل سمجهون ٿا، ڇو ته، اسان ”اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟“ واري هٻڪ محسوس نٿا ڪريون.

جيئندا قبلا! اوهان جي جاهه ۽ جلال جو خير! پر اوهان جي صاحبيءَ ۾ سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي. اڄ اسان اُن سنڌ بابت اوهان جي ڳالهه اوهان سان هيئن ٿا ڪريون ته، اوهان تاريخ ۾ سانت ۽ سڪون جي سرزمين کي تباهيءَ ۽ بدامنيءَ جي تحت الثريٰ ۾ اُڇلائي ڇڏيو آهي. ساڍا پنج هزار سال پُراڻن مُهين جي دڙي جي آثارن جهڙو به اوهان سنڌ کي نه ڇڏيو آهي. انهن آثارن ۽ هاڻوڪي سنڌ جي ڀيٽ ڪري ڏسڻ سان ئي سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.

مسند نشينو! اوهان جي سربخت جو خير پر اوهان جي بادشاهيءَ ۾ سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي. شايد ئي ڪو ڏينهن هُجي جو سنڌ ڌاڙيلن جي هٿيارن جا ڌڌڪا ٻُڌي هِيسل هرڻيءَ وانگر ڪنبندي نه هجي. سنڌ جا 51 کان به وڌيڪ ماڻهو ڌاڙيلن وٽ ڀنگ خاطر يرغمال بڻيل آهن پر اوهان وقت جا بادشاهه آهيو ۽ بادشاهه بي پرواهه هوندا آهن. غريب غربي جي اوهان کي ڪهڙي پرواهه، جيڪا خلق ووٽ ڏيڻ جي مشين کانسواءِ ٻيو ڪُجهه به نه آهي. يقينن اوهان اهو ضرور ٻُڌو هوندو ته سنگرار جي نياڻي پريا ڪُماري پنهنجي گهر اڳيان کنڀجي وئي هُئي، جنهن کي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي پر ڇا ڪجي اوهان حڪمرانيءَ کي شايد دل پشوري سمجهي ورتو آهي.

عاليجاهه! اوهان جي زرق برق زندگيءَ جو خير پر ويساهه ڪريو ته سنڌ اوهان جي صاحبيءَ ۾ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي. اسان کي اوهان جي گوناگون مصروفيتن جو احساس آهي. اوهان کي پريس ڪانفرنسون به ڪرڻيون آهن، معاملن جا نوٽيس به وٺڻا آهن، ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ به شرڪت ڪرڻي آهي، پر انهن مصروفيتن مان ٿورڙو وقت سنڌ جي امن امان لاءِ نڪري سگهي ها ته سنڌ ۾ هِيءَ حالت نه هجي ها. سنڌ جا 51 کان وڌيڪ مغوي ڌاڙيلن جي گرفت ۾ آهن، ڌاڙيلن انهن تي تشدد ڪري، انهن جون وڊيوز وائرل ڪن ٿا. اهي وڊيوز جڏهن انهن مغوين جا گهر ڀاتي ڏسندا هوندا ته انهن تي ڇا گذرندي هوندي، اها ڳالهه اوهان جهڙا حساس دل حُڪمران ئي سمجهي سگهن ٿا. ڌاڙيلن ته ڀنگ نه ملڻ جي ڪري تازو هڪ مغوي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اهو ته ڪونهي ته اوهان جي ماتحت پوليس جي ڪارڪردگي نظر نٿي اچي. رُڳو ٻه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ احتجاج جو جمهوري حق استعمال ڪندڙن تي، جن ۾ نياڻيون به شامل هيون، پوليس بدترين تشدد واري پنهنجي صلاحيت مڃرائي آهي. نياڻين کي گرفتار ڪيو ويو، مردن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ پوڙهو اديب، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويي جا پُٺا پوليس جي ڪارڪردگيءَ جي چِٽي عڪاسي ڪن ٿا پر ٻئي طرف ڌاڙيل آهن، جن جي اڳيان پوليس بيوس بڻيل آهي.

عاليجاهه! توهان جي بادشاهيءَ جو خير، پر يقين ڄاڻو ته توهان جي صاحبيءَ ۾ سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي. سنڌ جا مغوي ته ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن پر رياستي قانون ۽ توهان جي اٿارٽي به انهن ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهي. اوهان بجا ٿا فرمايو ته، سنڌ ۾ امن آهي. ظاهر آهي ته ڪمانڊوز جي گهيري ۾ هلندڙن، بلٽ پروف شيشن پويان بيهي پنهنجي عوام سان مخاطب ٿيندڙن لاءِ ڪهڙي بدامني؟ ڪهڙا ڌاڙيل؟ پر اهي مسڪين ماڻهو ڪيڏانهن وڃن، جيڪي قانون جي عملداريءَ ۽ اوهان جي حڪمرانيءَ جي ڏَڍَ تي گهران نڪرن ٿا ته اغوا ٿي وڃن ٿا. اوهان جو بخت بالا ۽ اقبال بلند هجي. اسان جو سوال رُڳو اهو آهي ته، ڇا انهن کي قانون جي اوٽ ۽ اجهو، تحفط ملي سگهندو؟ انهن کي ڌاڙيلن جي گرفت مان ڇڏرائڻ لاءِ ڪو تحرڪ ورتو ويندو، هِي ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي!