زندگي گذارڻ بدران جيئڻ گھرجي!

 

سماج ۾ ھر طرف ھر فرد جي ڪوشش اھا ئي آهي ته ھو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان بنا محنت جي بنا ڪنهن صلاحيت ۽ وقت جي سيڙپ جي رات جي پيٽ ۾ امير بڻجي پوي ته ھوند ھن لاءِ ھيءَ دنيا ڪنهن جنت مثل بڻجي پوندي. جڏهن ته اھا اسان جي خواهش آهي جيڪا ڪڏهن پوري ناهي ٿيڻي. اسين ڪيترو به چاھيون، امير بڻجي وڃون، دنيا جھان جو ڌن، دولت اسان حاصل ڪري وٺون پر جيڪڏهن اسان زندگي کي ڀرپور نموني جيئڻ جو ڏانءُ سکي نه سگھياسين ته ڀلي کڻي اسين ڪيترو به ٻين جا حق کائون، ڪرپشن ڪريون يا ڪنهن قارون جي خزاني تي قبضو ڪري وٺون پر اھو بلڪل به ممڪن ناهي ته پنهنجي زندگي دولت جي ڪري پرسڪون بڻجي پوي. اصل ۾ پرسڪون زندگيءَ جو اميري يا غريبي سان ڪو تعلق ناهي، اصل ڳالهه آهي ته اسان زندگي کي جيئڻ سکيا ئي ناهيون، پان سماج ۾ جنهن انداز ۾ زندگي گذاريون پيا اھا زندگي گھٽ پر ڪا ذميواري وڌيڪ ٿي لڳي. پاڻ ڪنهن روبوٽ جيان رڳو بھتر کان بھترين جي چڪر ۾ نه ڄاڻ ڪيتريون ننڍيون ننڍيون خوشيون پنهنجي پيرن ھيٺيان لتاڙي ھلون ٿا، ڇو ته زندگي پرسڪون انهن ماڻهن جي بڻجندي آهي جيڪي زندگي سان پيار ڪرڻ ڄاڻندا آهن ۽ زندگيءَ سان پيار ڪرڻ مان مراد پنهنجي پاڻ سان پيار ڪرڻ آهي پر ورلي ڪي اھڙا ماڻهو ھوندا جيڪي زندگيءَ جي ھن ھڻ وٺ ۾ ڪي وقت جا پل ڪڍي وڃي پنهنجي پاڻ سان ملاقات ڪندا ھوندا ۽ پنهنجي پاڻ سان گفتگو ڪندا ھوندا، تنھن ڪري اھا ڳالهه وقت جي زيان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ته زندگي ۾ خوشين جو تعلق دولت سان آهي. منهنجي خيال ۾ اسان کي سمجهڻ گھرجي ته اسين پنهنجي زندگي کي ڪھڙي طريقي سان ترتيب ڏئي جيئون پيا، جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگي ۾ ڪي ڏکيايون محسوس ڪريون ٿا ته انهيءَ تي پريشان ٿيڻ بدران پنهنجي عقل ۽ فھم سان انهن جو حل ڪڍون، ڇاڪاڻ ته ڪيترو به کڻي فضول ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيون پر ڪنهن به پيش آيل مسئلي جو جيستائين حل نٿو نڪري ته اھو پريشانين ۾ اضافي سان گڏ ٻين مسئلن جي جنم جو پڻ ڪارڻ بڻجيو پوي ۽ اھڙي ريت پنهنجي زندگي غير متوازن بڻجي ويندي آهي، نتيجتن پاڻ رڳو اڻ ٿيڻيون ڳالهيون سوچي ھوا ۾ پيا تير ھڻندا آھيون ۽ پنهنجي آسپاس رشتن، ناتن سميت ننڍين ننڍين خوشين کي ڇڏي معجزانا طور خوشين جا خزانا ملڻ جي انتظار ۾ زندگي جيئڻ ئي ڇڏي ڏيندا آھيون ۽ جڏهن ڪو ماڻهو جيئڻ تان ارواھ کڻي ويھي ٿو ته پوءِ ھن لاءِ زندگي ھڪ وزن کان سواءِ ڪجهه ناهي ھوندي، جڏهن ته زندگي تمام گهڻي خوبصورت آهي، پاڻ کي فقط زندگي گذارڻ نه پر ان کي ڀرپور نموني جيئڻ جو ڏانءُ سکڻو آهي، زندگي ھڪ راز آهي پاڻ کي رڳو ان راز تان پردو کڻڻو آهي، ڇاڪاڻ ته اصل اميري ۽ خوشي تڏهن ماڻي سگهبي جڏهن جيئڻ جو ڏانءُ پرکي سگھبو.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

پنھنجن ٻارن کي وقت ڏيو!‎

 

سر، سر…. ليڪچر دوران جڏهن ڪو شاگرد ڳالھائيندو آھي ته سچ به ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي آهي ڇو ته ڪيترائي ڀيرا شاگردن کي سمجھايو اٿم ته ڪا به ڳالهه ٻول سمجهه ۾نه اچي ته اها ليڪچر جي آخر ۾ پڇندا ڪريو پر ڏاڍي معصوميت مان سر سر چيائين، چيومانس ته جي بابا؟ سر توھان چوندا آھيو ته پڙھائي سان گڏ پنهنجن پيارن يعني پنھنجن گھر وارن کي به وقت ڏيندا ڪريو، اھي ھميشه توھان سان سٺي ڪچھري ڪندا، توھان کي سٺيون صلاحون ڏيندا، چيومانس ھا بابا! بلڪل اھي توھان جا ھڪ بھترين دوست پڻ ھوندا آھن. وراڻيائين اھو ته آهي پر سر، اسان کي اسان جو بابا وقت ناھي ڏيندو، خرچي به امان کي ڏئي ويندو آهي، اسان بابا جون صرف واٽس ايپ اسٽيٽس ڏسندا آھيون، واٽس ايپ توڙي سوشل ميڊيا تي ھر وقت مصروف رھڻ ۽ اسان پاران پنھنجن گھر وارن کي گھربل وقت نه ڏيڻ بابت سوچيندي، وراڻيومانس ته بابا، توھان جو بابا مصروف ھوندو، تڏھن توھان کي وقت نه ڏيندو ھوندو، چھري ڏي ڏٺومانس ته سندس چھري تي اھي ئي ڏک وارا آثار ھئا. ليڪچر کي وري جاري رکيم ته وري ڳالهايائين پر سر… ٿورو ڪَڙي لھجي ۾ چيومانس ته بابا آخر توھان چوڻ ڇا ٿا چاھيو؟ وراڻيائين ته سر، سڀاڻي بابا جو جنم ڏينهن آهي ۽ توھان جو به، مون وٽ گل صرف ھڪڙو آھي، پريشان آھيان ته اھو تحفي طور توھان کي ڏيان يا بابا کي؟ چيومانس پٽ اھو گل توھان پنهنجي بابا کي ڏجو! تيستائين پٽيوالي پيرڊ ختم ٿيڻ جو گھنڊ وڄايو. شاگردن کي خدا حافظ چئي ڪلاس مان نڪري آيس، ٻئي ڏينهن جيئن ئي اسڪول پھتس ته ھڪ گلدستو ۽ جنم ڏينهن جي حوالي سان بھترين نموني سجايل ھڪ ڪارڊ ڏيندي چيائين ته “سر ھيپي برٿ ٽو يو.” چيومانس ته بابا گلدستو توھان پنھنجي والد کي ڇو ڪونه ڏنو؟ وراڻيائين سر، بابا اڄ به گھر ۾ ڪو نه ھو، سر توھان استاد به ته والدين جيان آھيو، پليز قبول ڪريو، اکڙين ۾ خوشي جا ڳوڙها تري آيا، مسڪرائيندي سندس ٿورا مڃيندي سڌو اسٽاف روم ۾ ھليو ويس.

 

غلام علي گل ٻجورو/سجاول

 

تعلقي مانجهند کي ٻارڻ لاءِ گئس ڏيو!‎

 

ضلعو ڄامشوري معدنيات سان مالا مال آهي، گئس به هتي تيل به هتي، ڪوئلو به هتي، پوءِ به اسين گئس کان محروم آهيون، ضلعي ڄامشوري جو هي واحد تعلقو مانجهند آهي، جتي گئس نه آهي، تعلقي مانجهند جون مائرون ڀينرون اڄ به انهن آلين ڪاٺين ۽ ڇيڙن تي رڌ پچاءُ ڪري پنهنجي اکين جو نور نڇوڙي ڇڏيو آهي پر ڪنهن حڪمران کي ان پوڙهي ماءُ تي ڪا ڪهل نٿي اچي، هتان جا حڪمران وڏي وزير کان وٺي ايم پي اي يا ايم اين اي ووٽ ته وٺي ٿا وڃن پر انهن کي شايد اها خبر نه آهي ته انهن ووٽرن جو بنيادي حق ڏيڻ آهن پر مون کي اڄ تائين اهڙو ڪو حڪمران نظر نه آيو آهي جو پنهنجي ووٽرن جا بنيادي مسئلا حل ڪرائي هن ضلعي ڄامشوري ۾ واحد اهي ساڳيا حڪمران چونڊجي اسميبلي ۾ اچن ٿا پر انهن ڪڏهن اسيمبلي ۾ ڪو آواز نه اٿاريو آهي ته تعلقي مانجهند ۾ گئس جي ضرورت آهي، گئس، پاڻي ۽ صحت جو سڀ بنيادي ضرورتون آهن پر اڄ جا حڪمران ٻين جا حق کائي رڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف آهن، خدار هن ضلعي ڄامشوري جي تعلقي مانجهند کي الائجي ڇو نظرانداز ڪيو ٿو وڃي، اسين تعلقي مانجهند جا رهواسي هن چٺي جي ذريعي اهو مطالبو ٿا ڪريون تعلقي مانجهند کي ٻارڻ لاءِ گئس ڏني وڃي.

 

محرم خاصخيلي/ مانجهند

 

جاکوڙي استاد جي جاکوڙ ۽ جستجوءَ کي سلام!

 

نوشهرفيروز جي يوسي دليپوٽا جو ڳوٺ شاھ مراد رند، هڪ پٺتي پيل علائقو آهي، جتي 25 سالن کان ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيا رهيا آهن، جتي اسڪول جي عمارت جا نشان ئي ناهن پر اتي هڪ محنتي ۽ جاکوڙي نوجوان استاد مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن پنهنجي محنت ۽ لڳاءَ سان اسڪول ۽ علائقي واسين جي قسمت ئي بدلائي ڇڏي آهي، هن ڳوٺاڻن کي اتسائي رضاڪاراڻي طور تي ڪچين سرن ۽ مٿان بانس جا لڪڙا ۽ ڪَک ڪانا وجهي اسڪول تيار ڪري مستقبل جي معمارن کي تعليم جهڙي زيور سان روشناس ڪرائڻ جو مسيحائي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. تصوير ۾ ڏسي سگهو ٿا، پيش خدمت آهي ايڪويهين صديءَ جو هيءُ اسڪول. سائين محب علي شاھ ڳوٺن ۾ وڃي والدين کي آگاھ ڪيو ته پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي اوهان کي پرائيويٽ اسڪولن کان وڌيڪ معياري تعليم ملندي، ان کان پوءِ ان محنت ۽ جاکوڙي استاد وٽ پهريان 4 پوءِ 40 ۽ هاڻي 95 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، استاد اسڪول اندر بنيادي سهولتون ته ڇا پر عمارت ۽ فرنيچر نه هجڻ باوجود کٽن تي ويهي ٻارڙن کي تعليم ڏئي رهيو آهي ۽ ٻاهر هفتيوار ٽيسٽ وٺڻ دوران پلاسٽڪ جا پاچڪا وڇائي ٽيسٽ جو انتظام ڪندو آهي، جيڪو نهايت ئي ساراھ جوڳو عمل آهي آهي، اسڪول ۾ پري پري تائين ڇانورو به موجود ناهي پر هن استاد پاران معصوم گلڙن کي پڙهائڻ سميت انهن کي وڻن جي اهميت ڏيارڻ لاءِ وڻڪاري پڻ ڪرائي رهيو آهي. اسان هن محنت استاد جي عظم کي سلام ٿا پيش ڪريون جيڪو سنڌ جي مستقبل لاءِ پنهنجي حصي جي جاکوڙ ڪري رهيو آهي.

 

سردار اظهر علي سولنگي/نوشهروفيروز

 

سنڌ سرڪار جي 15 سالا ڪارڪردگي جو نمونو خوراڪ ۽ خزانو کاتو!

 

(حصو پهريون)

 

انڊونيشيا جي صدر عبدالرحمان واحد اقتدار ۾ اچڻ بعد ستن مهينن جي ڪارڪردگيءَ تي هڪ جملو چيو هو ته اسان جي وڏين وڏين ڪاميابين مان هڪ ڪاميابي اها آھي ته اسان قانون جي حڪمرانيءَ جي شروعات ڪري رهيا آھيون، ٻئي هنڌ ميڪسيڪو جي صدر واءِ سينٽ فاڪس ڪيساڊا چيو هو ته قانون جي حڪمرانيءَ جي غير موجودگي ئي ميڪسيڪو جي عوام جي سڀ کان وڏي پريشاني آھي، وري افلاطون چيو هو ته حڪومت کي قانون جو پابند هجڻ گهرجي، سنڌ سرڪار گذريل 15 سالن کان ۽ 2008ع کان 2024ع تائين هلندڙ حڪومت سڌي اڻ سڌي طرح پيپلز پارٽي قيادت وٽ رهي آھي. سندس ڪارڪردگيءَ کي جاچڻ لاءِ هڪ ذميوار حڪمران ۽ وزير توڙي وڏي وزير جي حيثيت ۾ سيد مراد علي شاهه لاڳيتو ٽيون ڀيرو وزيراعليٰ پڻ آھي ۽ سنڌ خزاني جو به ذميوار وزارت، صلاحڪاري لاڳيتو 15 سالن کان ۽ خوراڪ کاتي جي وزارت جو ڪجھ وقت قلمدان پڻ رهيو اٿس. اڄ هن مضمون ۾ هڪ نموني طور سنڌ حڪومت جي فقط ٻن کاتن جي 15 سالن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺون ٿا ته جيئن انگ اکر ۽ حڪومتي ڪارڪردگي ۽ آفيسر شاهيءَ جي پت وائکي ٿي پئي، ان سلسلي ۾ هيءَ هيٺين خبر پڻ مثال طور سامهون رکون ٿا، خبر هن ريت آھي ته خوراڪ کاتي پاران نئين سيزن ۾ 8 کان 10 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪڻڪ خريداريءَ لاءِ وزير اعليٰ سنڌ کي اماڻيل سمري ۾ اجازت گهري وئي آھي، 10 لک ٽن ڪڻڪ خريداريءَ لاءِ 100 ارب رپيا ۽ 8 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداريءَ لاءِ 80 ارب رپيا قرض ورتا ويندا، اطلاعن موجب خوراڪ کاتي تي اڳواٽ 121 ارب رپيا قرض چڙھيل آھي، نئون قرض وٺڻ بعد قرض 201 يا 221 ارب ٿي ويندو. 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري پاسڪو کان اجازت گهري آھي، 2023ع ۽ 24 جو خريداري هدف 8 کان 10 ميٽرڪ ٽن رکيو ويو آھي. سنڌ سرڪار هر سال لاڳيتو ٽن سالن کان ڪڻڪ خريداريءَ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿي، هيءَ هڪ خبر آھي جيڪا گذريل 15 سالن جي خبرن جو مجموعي نتيجو آھي ته هڪ کاتو ڪيئن پيو هلي؟ گذريل ڏينھن صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿي گذريو جنھن ۾ کاتي پاران ڪڻڪ جي گھرج موجب 8 لک ميٽرڪ ٽن جا 10 لک ميٽرڪ ٽن جي گھر ڪئي وئي ھئي، جنھن جي بنياد تي منسٽر فوڊ ڄام خان شورو ڪابينا اجلاس ۾ 8 لک ميٽرڪ ٽن جي پڻ  گھر ڪئي جنھن کي 9 لک ميٽرڪ ٽن جي حساب سان ڪڻڪ جي خريداريءَ جي منظوري پڻ ڏني وئي آھي. (جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

ڄام سيف الله ڌاريجو سينيٽر چونڊجي ويو!

 

پ پ ۾ موجود اھم اڳواڻن سميت جيالن، ورڪرن، ڪارڪنن سالن کان وابسته ھر ڏکئي دور ۾ حڪومت ھوندي توڙي نه ھوندي پارٽي ۾ ڪم ڏيکارڻ تائين پارٽي کي مضبوط ڪري عام ڪارڪنن کان وٺي تڪ ۾ موجود ووٽرن تائين سٺي عوام دوست سياست ڪري ڏيکارڻ تائين پارٽي ۾ اثر رسوخ رکڻ ۽ تڪ ۾ عوامي سڃاڻ رکندڙ تڪ ۾ مشهور پنوعاقل تڪ تي ننڍي سيٽ تي گذريل 15 سالن کان ميل مچائي رکڻ ۽ ڪاميابي ماڻڻ تائين ڌاريجن جي سياست پڌري پٽ رھندي ٿي اچي، جن ٽڪيٽ وغيرہ حاصل ڪرڻ، ووٽرن مان ووٽ حاصل ڪرڻ تائين ڪاميابي ماڻي، پارٽي وٽ پنھنجي پاران ھڪ بھتر نمائندگي ڏيکارڻ واري نمائندي طور سڃاڻ رکي آھي، ھن ڀيري پيپلز پارٽي طرفان سنڌ ۾ اڪيلي سر مضبوط مينڊيٽ ماڻي حڪومت ٺاھڻ ۽ اسلام آباد ۾ ايوان صدر ۾ آصف زرداري کي ٻيھر صدر بڻائي پنھنجي سياسي گرفت ۽ پارٽي مضبوطي ٻين پارٽين کي ڏيکاري ڇڏي آھي، پ پ سينيٽ تائين پنھنجا اميدوار پھچايا آھن، سينيٽ چيئرمين به يقينن پ پ جو ايندو پر ھن وقت ڳالھ ڄام سيف اللہ ڌاريجو جي آھي، ڳالھ اھا آھي ته ڄام سيف اللہ ڌاريجي کي پ پ  قيادت سينيٽر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، جنھن سوچيو به نه ھو ته ان کي سينيٽر  بڻايو ويندو، بھرحال جنھن کي سينيٽر بڻائڻ واري ڳالھ پ پ طرفان خوشي جي ھئي. سنڌ ۾ سينيٽ جي خالي ٻن سيٽن تي پ پ اميدوار پنوعاقل جي ڄام سيف اللہ ڌاريجي 58 ۽ جيڪب آباد جي اسلم ابڙو 57 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي چڪا آھن، سندن مقابلي ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوارن زيد اللہ ۽ شازيه سھيل رڳو 4، 4 ووٽ حاصل ڪيا، سنڌ ۾ گذريل عام چونڊن دوران سينيٽر نثار کھڙو ۽ ڄام مھتاب ڏھر جي ايم پي اي چونڊجڻ بعد سينيٽ جي خالي ٻن جنرل سيٽن تي سنڌ اسيمبلي ۾ اليڪشن ٿي جنھن ۾ پ پ  اميدوار ڄام سيف اللہ ڌاريجي وڏي اڪثريت سان مدمقابل اميدوار کان ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو آھي، جنھن کي سينيٽر بڻجڻ تي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي ۽ نيڪ تمنائن جو اظھار پڻ ڪجي ٿو.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

سماج ۾ اديب ائين جيئن جھنگ ۾ ڦاٿل ماڻھو!

 

(حصو ٻيون)

 

دنيا ۾ جيتريون ايجادون ٿيون آھن ان کان وڌ پورائي ڪندڙ ماڻھو آھن، ھر ماڻھو پنھنجي پنھنجي پيشي ۾ مھارت رکي ٿو، ھڪ ڏينھن مون ٺٽي جي مختصر تاريخ کي اٿلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ اھا به بعد ۾ خبر پئي ته، (ٺٽو ۽ ننگر ٻئي پاڻ ۾ ڀائر ھئا) ھيءَ ڳالھ ڪتاب جي نه پر سٺو علم رکندڙ ھڪ اڌڙوٽ شخص جي زباني گفتگُو، جنھن مون کي ٺٽي ۽ ننگر جون مزارون پڻ ڏيکاريون، آئون گھڻون حيران ٿيس مون سوچيو، ٺٽي ۾ ھڪ بورڊ لڳائي اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته، “ٺٽي کان لاھور 1183 ڪلوميٽر پري آھي پر ظاھري اسان کي پنھنجي لاجواب تاريخ کان اڻواقف ڇو رکيو ويو آھي؟ ”جھڙي عنوان سان مون ھڪ وڏو ڪالم سھيڙيو، جيڪو جڏھن سنڌ جي ھڪ معياري اخبار ۾ شايع ٿيو، تڏھن ھڪ دوست مون کان پڇيو ھل.. ھيڏي ساري محنت، ھيترا سوين لفظ اوھان ڪيئن لکندا آھيو؟ جيڪو ڪنھن جڳھ جي بلاڪن جي چونڊ ڪري رھيو ھو، مون کيس جواب ۾ چيو، ھل.. پوءِ اوھان ھي ھيڏا سارا پٿر ۽ بلاڪن جا وزندار ٿَنب بيھاري ڪيئن ھيڏيون ساريون عمارتون ٺاھيندا آھيو؟ ھمراھ کل ۾ ٻڏي ويو پر سوچي جواب ڏنائين ته اسان جو گذر اھو آھي، شام جو جڏھن ڏوڪڙ ڏسندا آھيون ته، ٻئي ڏينھن طاقت ايتري وڌي ويندي آھي جو اسان اشاري تي بلاڪ مٿي چاڙھي وٺندا آھيون! جنھن تي مون کي دنيا جي ھڪ مشھور فيلسوف، رائيٽر “شيڪسپيئر” جون ھيٺيون سٽون ذھن تري آيون ته: “وقت زندگي جو تَت آھي ۽ زندگي وقت جي اڳيان ھڪ بيوقوف جيان آھي.” حقيقت آھي جو آرٽسٽ ڪڏھن به مرندا ناھن، زندهه ھوندي ھو بلڪل اڪيلا ڪنھن لاوارث ٻار جيان ھوندا آھن پر مرڻ کان پوءِ سندن تي ميلا مچندا ۽ وڏا پروگرام ٿيندا آھن، جيئن سنڌ جو اياز جڏھن گذاري ويو ھو تڏھن سندس ويجھا دوست لکن ٿا ته اياز جي جنازي ۾ 8 کان ڏھ ماڻھن ڏکيائيءَ سان شرڪت ڪئي ھئي، ان کان اڳ اياز پاڻ لکي ويو ته: “مون تي ميلو مچڻو آھي” ڏسندا آھيون ھر سال ڊسمبر ۾ سرڪار خود اياز جي نالي تي ميلو مَچائيندي آھي! آرٽ ۽ ادب ايترا امر ھجن ٿا جو چون ٿا جپان جو ھڪ عظيم مُصور “وان گؤگ” جيڪو 1883ع ڌاري نينڌرلينڊ ۾ ڄائو ھو، جنھن زندگي ۾ ڏاڍيون ڀوڳنائون سَٺيون ھُيون، اڻھوند جي اذيتن معاشي مونجھارن، بيمارين پريشانين عيوض ھو زندگي جي آخري حصي ۾ صفا ديوانو ٿي پيو ھو ۽ جڏھن ھو گذاري ويو ھو تڏھن آمريڪا جي ھڪ ذخيره اندوز آرٽ ڪَليڪٽر وان گوگ جي ٺاھيل ھڪ تصوير ساڍن 85 ملين ڊالرن ۾ خريد ڪئي ھئي پر جيئري دنيا سندس قدر شناسي نه ڪري سگھي ھئي. (جاري)

 

رياض اَمر ٻجورو/سجاول

تاريخي اسڪول جي سار لھو!‎

 

تاريخي ڳوٺ راوتيون دل ڪنھن وقت ۾ وڏي علم ادب ۽ سونھن ۾ سنڌ جي باقي ڳوٺن کان الڳ سڃاڻپ رکندڙ ھو، ڳوٺ راوتيون دل ۽ ان جا آسپاس ڳوٺن جي سوين شاگردن لاءِ گورمينٽ پرائمري اسڪول راوتيون دل علم حاصل ڪرڻ جو بھترين ۽ معياري مرڪز رھيو آھي. ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪنالاجي جي ھن جديد دور باجود تاريخي ادبي سياسي حيثيت رکندڙ تعلقي ٺٽي يوسي ٽنڊو حافظ شاھ جي ڳوٺ راوتيون دل جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول راوتيون دل به تاريخي حثيثت رکي ٿو. ھن اسڪول جو وجود 1963ع ۾پيو، ھتان پڙھي نڪرندڙ شاگرد مختلف سرڪاري نوڪرين تي مقرر آھن پر بدقسمتيءَ سان راوتيون دل جي پرائمري اسڪول جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪنھن به دلچسپي نه ورتي آھي، تعليم کاتي ته ڪوبه ٻوٺو نه ٻاريو آھي پر شاگردن جا والدين به چپ جو روزو برقرار رکيو اچن پيا، ھن چونڊيل حڪومت تي ڪابه ميار ناھي، ڇو جو سنڌ جي ڪو به مسئلو گذريل حڪومت حل ڪري نه سگھيون آھن، سو اسڪولن تي ڪيئن ڌيان ڏيندا، تعلقي ٺٽي جي ڳوٺ راوتيون دل جي پرائمري اسڪول بنيادي سھولتن جي کوٽ جو شڪار آھي، ڄڻ ته ھي اسڪول قبلائي دور ۾ ھلندڙ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد سھولتن کان اڻواقف آھي، ھڪ طرف تعليم کاتو “پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” جا نعرا ھڻي اريبن رپين جو ايڊ حاصل ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف ھن اسڪول ۾  فرنيچر نالي ڪابه شيءِ موجود  ناھي. فرنيچر نه ھئڻ سبب سوين شاگرد فرش تي ويھي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن. تاريخي اسڪول راوتيون دل جو وڏي ۾ وڏو مسئلو زبون حال عمارت آھي، جيڪا خطرناڪ ترين صورتحال تي بيٺل آھي، سوين شاگردن لاءِ جتي 5 ڪمرا ھجڻ گھرجن اتي صرف 2 ڪمرا آھن، اھي 2 ئي ڪمرا به خطرناڪ صورتحال هجڻ سبب بند پيل آھن، ان سبب سوين شاگرد پاڻمراو قائم ڪيل ڪکن جي جوپڙي ۾ تعليم پرائي رھيا آھن، جيتوڻيڪ ھن تاريخي اسڪول جو حڪومت طرفان نئين سر تعمير جو ٽينڊر به جاري ٿئي چڪو آھي پر خبر نه آھي ٺيڪيدار ڪھڙو آھي، نه ئي ٺيڪيدار اسڪول جو منھن ڏٺو آھي، جتي سوين شاگردن لاءِ چار کان پنج استاد ھجڻ گھرجي اتي ھن تاريخي اسڪول ۾ صرف ھڪ استاد ڪم ڪري رھيو آھي، جنھن سبب تدريسي عمل سخت متاثر ٿئي رھيو آھي. سنڌ حڪومت ۽ لاڳياپيل ادارا ۽ تعليم کاتو جيڪڏھن سٺي ساک رکندڙ سرڪاري اسڪولن ڏانھن ڌيان ڏين ته اھي اسڪول تعليمي ميدان ۾ سنڌ ۾ ڪرندڙ ساک کي وري بحال ڪري تعليم کي نئين سر اوج ڏياري سگھن ٿا. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سرڪاري اعلانن کان اڳتي وڌي پوئتي پيل سمورن اسڪولن سميت پرائمري اسڪول راوتيون دل کي به سھولتون فراھم ڪيون وڃن ته جيئن گلڙن جھڙا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪري سگھن . شعور رکندر علم دوست ساٿين کي  به گھرجي ته پنھنجي اسڪولن جي عملي طور مالڪي ڪن.

 

طاھر عطا دل/ٺٽو